نسيم کرل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نسيم کرل
Naseem Kharal
پيدائش نسيم احمد کرل
جون 29 1939(1939-06-29)
ڳوٺ عبدالڪريم کرل، خيرپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 14 جُولاءِ 1978 (عمر 39 سال)

خيرپور
قلمي نالو نسيم کرل
ڌنڌو ڪهاڻيڪار
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم بي اي
مادرِ علمي سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي
صنف ڪھاڻي
موضوع سنڌي نثر
مُکيه ڪم نسيم کرل جون ڪهاڻيون
چوٽيهون در
شبنم شبنم ڪنول ڪنول

نسيم کرل (انگريزي:Naseem Kharal) سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال[سنواريو]

نسيم کرل جو پورو نالو نسيم احمد کرل هو. نسيم ضلعي خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم[سنواريو]

نسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1948ع ۾ پاس ڪيائين. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاء اسڪول، خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين.[2]

ادبي خدمتون[سنواريو]

ڪهاڻيڪار نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي اپرڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي.

ڪتاب[سنواريو]

1.شبنم شبنم ڪنول ڪنول(ڪهاڻيون)[3]

2.چوٽيهون در (ڪهاڻيون)[4]

3.ڊمي (ڪهاڻيون)

4.نسيم کرل جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)[5]

وفات[سنواريو]

ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي ذاتي دشمني سبب 14 جولاء 1978ع تي قتل ڪيو ويو.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. "SindhSalamat". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-04. 
  2. "سنڌي شخصيتون". sindhipeoples.blogspot.com. حاصل ڪيل 2019-05-04. 
  3. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-04. 
  4. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-05-04. 
  5. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-05-04. 
  6. "SindhSalamat". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-05-04.