نئي گاج ڊيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نئي گاج ڊيم

نئي گاج ڊيم تي تعميراتي ڪم هلندڙ
سرڪاري نالو نئي گاج ڊيم
جڳهه خيرپور ناٿن شاهه، جوهي, سنڌ
مڪانيت 26°51′56″N 67°17′18″E / 26.86556°N 67.28833°E / 26.86556; 67.28833مڪانيت: 26°51′56″N 67°17′18″E / 26.86556°N 67.28833°E / 26.86556; 67.28833
موجوده حالت زيرِ تعمير
تعميراتي شروعات 2012
جُڙي راس ٿيو متوقع جون 2019ع
بند ۽ سلپ وي
بند جي جاءِ گاج ندي
بجلي گھر
تنصيبي استعداد  يا گنجائش 4.2 ميگا واٽ

نئي گاج ڊيم انگريزي (Nai Gaj Dam) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاه تعلقي ۽ جوهي تعلقي جي سرحدن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ گاج نديءَ جي ڪناري جوڙيو ويو آهي جيڪو دادو شهر کان اٽڪل 65 کان70 ڪلو ميٽرن (45/40 ميل) جي مفاصلي تي اتر-اولھ ۾ تعمير ڪيو ويو آهي. ڊيم جي اڏاوت 2012ع ۾ شروع ٿي ۽ جڏهن مڪمل ٿيندو ته ان جي توانائي يا پاور اسٽيشن ۾ 4.2 ميگا واٽ جي سگھ جي گنجائش هوندي. ڊيم منجهان 50 ڪيوسڪ جي مقدار جو پاڻي پائيپ لائين وسيلي منڇر ڍنڍ ۽ ڪاڇي کي پاڻي ڏيڻ جي پڻ رٿا آهي. نئي گاج ڊيم منجهان دادو ضلعي جي 300000 ايڪڙ زمين سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي گڏ ڪرڻ جي رٿا به آهي ۽ ڊيم منجهان 28000 ايڪڙ ايراضي جوهي تعلقي جي زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي پهچائڻ جو منصوبو به جوڙيو ويو آهي.[1][2][3][4][5]

حوالا[سنواريو]