مرزا ترسون زادا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مرزا ترسون زادا
Mirzo Tursunzoda
پيدائش مئي 02 1911ء(1911ء-05-02)
قراتاغ، تاجڪستان، روسي سلطنت
وفات سيپٽمبر 24 1977ء(1977ء-09-24)
دوشنبہ، تاجڪستان، سويت يونين
قلمي نالو مرزا ترسون زادا
ڌنڌو ليکڪ
ٻولي تاجڪ، فارسي
قوميت  تاجڪستان
مادرِ علمي تاشقند يونيورسٽي
صنف شاعري، ڊراما
مُکيه ڪم تارا چوڌري
از گنگا تاڪري ملن
باغ معلق
ايوارڊ لينن انعام
نهرو انعام

مرزا ترسون زادا (تاجڪ زبان: Мирзо Турсунзода) (پيدائش: 2 مئي 1911ء - وفات: 24 سيپٽمبر 1977ع) تاجڪستان جو نامور شاعر ۽ ڊرامانويس آهن۔

حالات زندگي[سنواريو]

مرزا ترسون زادا تاجڪستان جي هڪ ڳوٺ قراتاغ ۾ 2 مئي 1911ء تي پيداٿيو۔ مرزا ترسون زادا مشرق ۽ خاص طور هندوستان تي لکيل نظمون ۽ سياحتن جي بدولت خاص شهرت رکندو هو۔ تاشقند جي يونيورسٽيءَ ۾ تعليم مڪمل ڪندي ڪندي شاعريءَ ۾ نالو ڪري چُڪو هو۔ هن غزلن کان سواءِ ڊراما، مختصر ۽ طويل نظمون ۽ داستانون بہ لکيو۔[1]۔

ترسون زادا جي تصویر تاجڪستان جي ڪرنسي جي نوٽ "1 تاجڪ سومني" تي

حاليہ سالن ۾ ترسون زادا تاجڪستان جي هيرو جي طورتي اُڀريو آهي۔ ترسون زادا جي تصوير تاجڪستان جي ڪرنسي نوٽ 1 "تاجڪ سومني" تي موجود آهي۔ انکان سواءِ "ترسون زادا" جو علائقو سندس نالي سان موسوم آهي جو تاجڪستان جي دارالحڪومت دوشنبہ کان 60 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي۔

تخليقون[سنواريو]

نظمون[سنواريو]

  • تارا چوڌري
  • از گنگا تاڪري ملن
  • باغ معلق

اعزازات[سنواريو]

مجسمو مرزا ترسون زادا، انجمنِ مصنفین تاجڪستان عمارت، دوشنبہ

ادارن سان وابستگي[سنواريو]

  • رُڪن سپريم سوويت براءِ سوويت اتحاد
  • رُڪن ڪميونسٽ پارٽي تاجڪستان
  • رُڪن سوويت امن ڪميٽي
  • چيئرمين سوويت ڪميٽي براءِ ايڪتا ايشيا و آفريڪا
  • رُڪن ادارتي بورڊ براءِ تاجڪ دائرۃ المعارف
  • رُڪن آل يونين ڪميٽي براءِ لينن انعام و سوويت رياستي انعام

وفات[سنواريو]

مرزا ترسون زادا 66 سال جي عمر ۾ 24 سيپٽمبر 1977ع تي دوشنبہ، تاجڪستان، سويت يونين ۾ وفات پاتي۔

حوالا[سنواريو]

  1. موج هوائي عصر، ظ انصاري / تقي حيدر، رادوگا اشاعت گھر ماسڪو،سويت يونين، 1985ء، ص 362، آئي ايس بي اين نمبر5-05-000346-6

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]