لال شهباز قلندر

Wikipedia طرفان
ڏانهن ٽپ ڏيو رهنمائي, ڳولا
[[Template: {{{نالو}}}|v]]  [[Template talk: {{{نالو}}}|d]]  [{{fullurl:سانچو: {{{نالو}}}|action=edit}} e]
{{{title}}}
Religion Islam, specifically the Suhrawardiyya Sufi order
Other names Lal Shahbaz Qalandar
Personal
Born 1177
Marwand, Afghanistan
Died 1274
Sehwan, Sindh
Senior posting
Based in Sehwan
Title Shahbaz
Period in office 12th/13th century
Predecessor Baha-ud-din Zakariya
Successor Various

دينِ حق جي پيغام رسائيندڙن ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عرف سيد محمد عثمان ولد سيد محمد ابراهيم ڪبيرالدين مرونديءَ جو نالو سر- فهرست آهي. سندس ولادت افغانستان ۾ آزر بائيجان جي ڳوٺ ”مروند“ ۾ 583هه مطابق 1178ع ۾ ٿي. سندس سلسله- نسب تيرهين پيڙهيءَ ۾ حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضه سان ملي ٿو. سندس والد بزرگوار وڏو درويش ۽ متقي انسان هو، جيڪو اڪثر الاهي عبات ۾ گذاريندو هو. سندس شادي خانه آبادي تمام وڏيءَ عمر ۾، تڏوهڪي مروندي حاڪم، سلطان شاه جي نياڻيءَ سان ٿي؛ جنهن مان سنڌ جو روحاني رهبر، علم ۽ فيض جو درياه سيد محمد عثمان تولد ٿيو، سندس ولادت باسعادت تي پوري مروند ۾ چاليهن ڏينهن تائين خوشيون ملهايون ويون.

والدين طرفان سندس نالو ”محمد عثمان“ هو. باقي لعل بادشاهه، شهباز سائين، قلندر ڪبريا، شمس الدين، مخدوم مروندي، سيف السان ۽ مهدي وغيره سندس لقب القاب هئا. پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڄمندي ڄام هو. سندس والده ۽ دائي به هن ڏاتاري ڏات جون ڪافي ڪرامتون ڏٺيون هيون؛ ايتري قدر جو ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪري ورتائين. پوءِ ته اُنهيءَ ٽهيءَ ۾ اچي ويراڳ لڳس؛ جنهن ڪري والدين کان وڇڙي ايران، عراق ۽ حجاز جا مقدس مقامات ڏسندو، اچي امام عالي مقام حسين عليه السلام جي روضي تي رهڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن بعد، واپس ناني وٽ پهتو؛ جنهن کيس زماني جي ظاهري تعليم سان ڏس، قابل اُستادن جي حوالي ڪيو، جتان فارسي ۽ عربيءَ ۾ ڪافي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. جوانيءَ ۾ راتيان ڏينهان عبادتون، رياضتون ۽ مجاهدا ڪندي، جهنگ، جبل جهاڳيندو رهيو. جڏهن بلوغت کي رسيو ته بابا ابراهيم رح جي خدمت ۾ حاضر ٿي سندس رهبري حاصل ڪيائين. پوءِ مرشد جي اجازت سان حرمين شريف، نجف اشرف ۾ حضرت علي المرتضيٰ رضه ۽ ڪربلا معليٰ ۾ امام حسين رضه جي زيارتن کان مشرف ٿيندو، عراق جي شهر بغداد ۾ بادشاه پير سيد عبدالقادر جيلاني رح جي زيارت لاءِ پهتو، جتان کيس ”قلندر“ جو خطاب ملندي سنڌ جي سيوهڻ لاءِ امر ٿيو. چون ٿا ته سنڌ ڏانهن ايندي، ملتان شريف به ويو، جتي سلطان محمد سان به مليو؛ جنهن کيس اُتي رهڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريو، مگر انڪار ڪري، اچي سيوهڻ کان نڪتو سنڌ ۾ آمد (694هه = 1298ع) وقت سندس عمر 111 ورهيه هئي. جنهن جاءِ تي روضو مبارڪ آهي، اُتي پاڻ اچي منزل انداز ٿيو. اُن زماني ۾ اُتي فاحش عورتن جو اڏو هو. سندس آمد تي سموريون بدڪار عورتون توبہ تائب ٿيون ۽ فوراً راهه راست تي اچي ويون. قلندر سائين تقريباً هڪ سال بعد، 112 ورهين جي ڄمار ۾ 21 شعبان 695هه مطابق 1299ع تي هن دارالفنا مان دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو. هر سال شعبان مهيني جي 8، 19 ۽ 20 تاريخن تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو منعقد ٿيندو آهي؛ جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي جي رسمن ۾ ميندي ۽ ڌمال خاص اهميت رکن ٿا. سندس روضي جي تعمير سلطان فيروز شاه طرفان، اُن وقت جي سيوهاڻي حاڪم، ملڪ اختيار الدين 757هه مطابق 1261ع ۾ ڪرائي. ڪجهه وقت بعد جهانگير جي دؤر ۾، مرزا غازي بيگ روضي جي آڏو خانقاه پڻ جوڙائي ۽ روضي جي عمارت کي مٿڀرو ڪرايو. سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي؛ جنهن ڪري باقي رهيل ڪم کي نواب سيد بهوه بخاري عرف ديندار خان 1039هه (1643ع) ۾ مڪمل ڪرايو. آخري ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاه به روضي جي مرمت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو. تربت جي چوڌاري نفيس گلڪاريءَ سان چانديءَ جو ڪٽهڙو، لاڙڪاڻي جي مشهور زميندار، محبوب خان وڳڻ ٺهرايو آهي ڪٽهڙي جي هيٺان سنگ مرمر جو ڏيڍ فوٽو ٿلهو به جڙيل آهي؛ جنهن کي ”قلندري لغت“ موجب ”شهنشاه جو تخت“ چئجي ٿو. روضي جو ٻاهريون دروازو به چانديءَ جي پٽن سان ڪاٺ مٿان اُڪريل آهي. عوامي حڪومت منجهس هڪ سونو دروازو به نصب ڪرايو آهي؛ جنهن جو افتتاح پاڪستان جي تڏوهڪي وزيراعظم جناب شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب (1905ع – 1979ع) ڪيو هو. هي دروازو رات جو 9 بجه نقارن جي ڌمال سان قائم ٿيندو آهي ۽ وري فجر جي نماز سان کلندو آهي. جن جاين تي قلندر سائينءَ چـِلا ڪڍيا آهن، اُتي تاريخي يادگار اڄ به قائم آهن؛ اُنهن مان لعل باغ، يڪ ٿنڀي، چوٿنڀي، لعل جو لئو ۽ قلندر جي ڪشتي (منگهوپير، ڪراچي) وغيره قابلِ ذڪر آهن. پاڻ صاحب- ولايت ۽ بلند پايي جي عالم هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو عمدو شاعر به هو. سندس تخلص ”عثمان“ هو. سندس سمورو ڪلام عقيدتمند هئا، جن مان بودلو بهار، جمن جتي ستي، شاه گودڙئو، سيد ابراهيم جتي ستي ۽ مخدوم علي سيوستانيءَ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس همعصر ۽ خاص صحبتين ۾ حضرت غوث بهاؤ الدين زڪريا ملتاني رح (566هه – 666هه)، سيد جلال سرخ بخاري رح (601هه – 695هه)، بابا فريدالدين گنج شڪر (569هه – 664هه)، حضرت شيخ نوح بکري، شاه صدر ۽ حاجي منگهو جا نالا سر- فهرست آهن، جن سان اڪثر سندس رهاڻيون رهيون آهن