فتح محمد سيوهاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فتح محمد سيوهاڻي
معلومات شخصيت
ڄم سال 1882  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
سيوھڻ شريف  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 13 ڊسمبر 1942 (59–60 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
سيوھڻ شريف  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي انگريزي دَور جو هڪ وڏو عالم، اديب ۽ سياستدان ٿي گزريو آهي. هن علمي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو ۽ سياست جي ميدان ۾ عظيم خدمتون سر انجام ڏنيون.[1]

حڪيم صاحب جي ولادت 1882ع ۾ سنڌ جي مشهور شهر سيوهڻ ۾ ٿي. خليفو غلام محي الدين سيوهڻ جي عباسي خاندان جو فرد هو، جو پشتان پشت علم ۽ حڪمت ۾ ناميارو رهيو آهي. اهل علم هئڻ سبب، اهي قاضي به سڏبا هئا.ميان غلام محي الدين کي ٽي فرزند ٿيا: 1. خليفو ميان محمد زمان، 2. مولوي فتح محمد سيوهاڻي، ۽ 3 قاضي عبدالقيوم. ميان فتح محمد صاحب دستاربندي ڪري عالم ٿيو، علم طب ۾ اڳي ئي تربيت مليل هيس، پوءِ هو مرحوم سيد الهندي شاھ جي ڪاروبار سنڀالڻ ۽ سندس ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪجهه وقت درٻيلي ۾ رهيو، جتان نوڪري ڇڏي اچي ڪراچيءَ ۾ شفا خانو کوليائين، جتي سگهو ئي واقفيت، لاڳاپو ۽ دسترسي پيدا ڪري ويو. سندس لاڳاپو کڏي واري مدرسي جي مولانا محمد صادق سان هو، تنهن ڪري ديوبندي سلسلي سان واسطو هوس.[2]

جهڙو هو عمدو شاعر، اهڙو ئي عمدو نثر نويس هو. سندس اکر موتين جهڙا هئا، سندس تصنيفون خاص ڪري ”ابوالفضل فيضي“ ، ”ميرن جي صاحبي“ ، ”آفتاب ادب“ ، ”تنوير الايمان“ وغيره هر ڪنهن جي نظر مان گذريون هونديون. هڪ ٻه عربي ڪتاب به لکيا هئائين، پوءِ الائجي ڇپيا يا نه. باوجود شهر ۾ رهڻ جي، سندس دستر خوان کليل رهندو هو. ڪم سخن ۽ شائسته گفتگو جو مالڪ هو. ماڻهن تي احسان ڪرڻ سندس دل جو مرغوب مشغلو هو. سندس تخلص اول ۾ ”ضمير“ هو ۽ پوءِ ”حڪيم“ رهيو.

1928ع ۾ سن ۾، محال مانجهند تنظيمي ڪانفرنس ٿي هئي ۽ ان سان گڏ باب قليچ جو افتتاح ٿيڻ وارو هو. پهرينءَ جي صدارت ڪيائين، ۽ ٻيءَ جو افتتاح. کڏي مدرسي کي زور وٺائڻ، جميعت علماءِ هند ۾ ڪم ڪرڻ، ڪانگريس ۽ خلافت تحريڪن ۾ حصو وٺڻ، سندس خاص ڪارناما آهن.

مسلم ليگ جي زور وٺڻ وقت جڏهن ٻيا سڀ وڃي اُن ۾ داخل ٿياسون، تڏهن مولوي فتح محمد صاحب ۽ مولوي محمد صادق ئي هئا، جن جمعيت العلماءِ ۽ قوم پرستيءَ جي اصولن کي نه ڇڏيو.[2]

حڪيم صاحب 1908ع ۾ شادي ڪئي. کيس پنجن نياڻين ۽ ٻن پٽن جو اولاد ٿيو. حڪيم صاحب ڪل 21 کن ڪتاب لکيا. ان کان علاوه عربي ۽ فارسي ۾ ڪجهه رسالا لکيا. آفتاب ادب سندس مشهور ڪتاب آهي.[1]

کيس ٻه فرزند ٿيا: حڪيم محمد احسن ۽ ميان محمد محسن. پهريون ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميئر ۽ حڪومت پاڪستان پاران نائيجيريا ۾ هاءِ ڪمشنر پڻ رهيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 13 ڊسمبر 1943ع تي وفات ڪئي[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق؛ ليکڪ: هدايت پريم.
  2. 2.0 2.1 2.2 ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو