غلام مصطفيٰ خان جتوئي

Wikipedia طرفان
Jump to: navigation, ڳولا
غلام مصطفيٰ خان جتوئي
غلام مصطفيٰ خان جتوئي
In office
6 آگسٽ 1990 – 6 نومبر 1990

پيدائش 14 آگسٽ 1931(1931-08-14)
نوان جتوئي, نواب شاھ, سنڌ, انگريزي هندستان
وفات 20 نومبر 2009ع (ڄمار: سانچو:Age at date)
لنڊن انگلستان
سياسي جماعت نيشنل پيپلز پارٽي

غلام مصطفيٰ جتوئي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ جو جهونو سياستدان هو.

فهرست

[سنواريو] تعارف

غلام مصطفيٰ خان جتوئي 14 آگسٽ 1931ع تي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ جنم ورتو ۽ ملڪي سياست ۾ 1952ع ۾ نواب شاهه ضلعي ميونسيپل ڪاميٽيءَ جو نشستمان (چيئرمين) چونڊيو ويو، جڏهن ته هن پهريون ڀيرو 1965ع ۾ الهندي پاڪستان جي صوبائي اسمبليءَ جي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جتوئي صاحب 1969ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو، 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو، 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو، 1985ع ۾ کيس جيل وڃڻو پيو. ممبئي ليجسليٽواسمبليءَ جو 1923ع، 1927ع ۽ 1931ع ۾ ٽي ڀيرا رڪن پڻ رهيو. 1987ع ۾ پ پ پ کي خيرآباد ڪري نيشنل پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1988ع ۾ اسلامي جهموري اتحاد جو صدر رهيو، 1991ع ۾ نگران وزير اعظم ٿيو.

[سنواريو] تعليم

غلام مصطفيٰ خان جتوئي ڪراچي گرامر اسڪول مان سينيئر ڪيمريج ڪئي. 1952ع ۾ قانون جي اعليٰ تعليم لاءِ انگلستان ويو، والد صاحب جي وفات ڪري تعليم اڌوري ڄڏي وطن واپس وريو.

[سنواريو] زندگي

غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي ڇهه پٽ ۽ ٽي نياڻون آهن. جن ۾ مرتضيٰ خان، مصرور خان، طارق (وفات)، آرف مصطفيٰ، آصف مصطفيٰ ۽ ڪاشف علي خان جتوئي آهن.

[سنواريو] سياست

غلام مصطفيٰ خان جتوئي نگران وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ کان علاوه سياسي معاملا، قدرتي وسيلا، بندرگاهون ۽ جهازراني،ريلوي ۽ مواصلات جي وزير طور ڪم ڪيائين.

[سنواريو] خارجي ڳنڍڻا

ذاتي اوزار

Variants
Namespaces
Actions
Navigation
اوزاردٻي
ٻين ٻولين ۾