عبدالحق ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
عبدالحق ابڙو
Abdul Haq Abro
پيدائش 1937ع
حيدرآباد، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 2000ع (عمر 63)
حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان
پيشو اداڪار، صداڪار
سَرگَرمُ سالَ 1937ع–2000ع

عبدالحق ابڙو (انگريزي:Abdul Haq Abro) سنڌ جو ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ فلم جو اداڪار ۽ صداڪار هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

عبدالحق ابڙو 1937ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ڄائو.

تعليم[سنواريو]

عبدالحق ابڙو مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. هن ايم. اي سنڌي ادب ۾ ڪئي.

عملي زندگي[سنواريو]

هيءُ ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار حيدرآباد ريڊيو -اسٽيشن- جي ڳوٺاڻن ڀائرن جي پروگرام (فتح خان جي ڪچهري) جي ڪردار ”جانڻ“ [1]جي نالي سان مشهور ٿيو. ڪيترن ئي ڊرامن ۾ حصو ورتو.عبدالحق ابڙو ڪاليج ۾ پڙهڻ واري زماني کان ئي ڊرامن ۾ حصو وٺندو هو ۽ اسٽيج جو معروف فنڪار هو. هن سنڌي فلمن ۾ يادگار ڪردار ادا ڪيا، ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. -پاڪستان- حڪومت فني خدمتن جي مڃتا طور کيس تمغه امتياز ڏنو. هن 17 سالن جي عمر ۾ اسٽيج ناٽڪ ۾ ڪم شروع ڪيائين. جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو -اسٽيشن- کلي ته کيس 1957ع ۾ اسٽاف آرٽسٽ طور نوڪري ڏني ويئي. هن 1997ع ۾ رٽائر ڪيو، پر پوءِ به هو ڪانٽريڪٽ تي ريڊيو سان لاڳاپيل رهيو. عبدالحق ابڙو ٻارڙن جي پروگرام ۾ ”ماما مکڻ“ جي حوالي سان ٻارن ۾ گهڻو مقبول ٿيو. سنڌ جو هي گهڻ پاسائين صلاحيت رکندڙ فنڪار سنڌيءَ کان علاوه -اردو-، گجراتي، بلوچي، پنجابي ٻوليون به ڄاڻندو هو ۽ انهن ٻولين جي ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيائين. هن ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد جي لاتعداد پروگرامن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ -تعليم- دوران مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ’-انڪوائري آفيسر-‘ اسٽيج ڪيائين ۽ -انعام- طور کيس وائس چانسلر ڪپ مليو. 66-1965۾ سنڌي مزاحيه پروگرام ”گلدستو“ گهڻو مشهور ٿيو. سندس پهريون ٽي وي ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو ”زينت“ هو ۽ پهرين سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ هئي. -ان- کان علاوه هن ”رنگ محل“، ”گهونگهٽ لاهه ڪنوار“ ، ”سنڌڙيءَ -تان- صدقي“، ”-بادل-“ ۽ ٻين فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هن پاڻ به ڪيترا ڊراما لکيا ۽ انهن جي هدايت ڪاري به ڪئي. هو ميوزڪ جو به ڄاڻو هو.[2]

وفات[سنواريو]

عبدالحق ابڙو 6 ڊسمبر 2000ع تي 63 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس مسو ڀرڳڙي لڳ آبائي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "“جمهور جي آواز” جو “ڪمدار” اڃا به ريڊيو حيدرآباد سان عشق نڀائي ٿو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-21. 
  2. 2.0 2.1 "ابڙو عبدالحق : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-21.