عابده پروين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عابده پروين
 

معلومات شخصيت
ڄم 20 فيبروري 1954 (70 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
لاڙڪاڻو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي پنجابي،اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
ويب سائٽ
IMDB تي صفحات  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

عابده پروين ڌيءَ غلام حيدر، 20 فيبروري 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. پاڻ موجوده دؤر جي تمام وڏي گلوڪاره آهي.

عابده پروين کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جيڪو کيس پنهنجي والدين کان ورثي ۾ مليو هو. سندس والده مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي. سندس والد موسيقي جو ماهر هو جنهن کان هن راڳ جي ابتدائي سکيا ورتي ۽ بعد ۾ استاد محمد جمن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ سندس ور هو، جنهن جي محبت، ڪاوشن ۽ عابده جي محنت سان عابده کي اهو عروج نصيب ٿيو.

عابده پروين کي سڀ کان پهريائين سن 1973 ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد متعارف ڪرايو. ريڊيو تان سندس آواز ۾ جيڪو پهريون رڪاڊ نشر ٿيو اها "مفتون" همايوني جي مشهور ڪافي "تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا" هئي. ان کان پوءِ عابده تيزي سان فن جي بلندين تي پهچي وئي.

عابده سنڌ جي ام ڪلثوم بڻجي چڪي آهي. مڃتا طور کيس صدارتي ايوارڊ، شاهه عبدالطيف ايوارڊ، لائق لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ شهباز ايوراڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪي توڙي غير ملڪي اعزاز ۽ انعام ملي چڪا آهن. عابده پروين هن وقت سنڌي ڪلامن کي تمام گهٽ ڳائي رهي آهي، هن کي پنهنجي ٻولي نه وسارڻ گهرجي. سنڌ جي هيءَ اڪيلي فنڪاره آهي جنهن استاد بخاريءَ جي شاعريءَ کي ناهي ڳايو.

حوالا[سنواريو]