ريڊيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريڊيو جو ھڪ پراڻو ماڊل

ريڊيو(انگريزي ٻولي: Radio) بغير تارن جي هڪ برقي آلو يا اوزار آهي جيڪو آواز کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچائي ٿو. ريڊيو هڪ برقي لهرن تي هلندڙ آواز کي جھٽيندڙ آلو آهي، جنهن جي ذريعي اسان هر قسم جي معلومات، سنگيت يا راڳ ٻڌي سگھون ٿا ريڊيو هڪ اهڙو آلو/ اوزار آهي، جنهن کي ريڊيو فريڪوئنسيءَ جي برق مقناطيسي ڪِرڻن/ شعاعن حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ريڊيو اصل ۾ ڏورهين پنڌ تي موجود ماڻهن ۾، تارن کان سواءِ ڄاڻ رَسائڻ جو هڪ ذريو آهي. اسان جيڪي آواز ڪڍون ٿا، يا جيڪي سازن جا آواز/ سُر آهن، سي لهرن جي صورت ۾ هوندا آهن، جن کي ’آواز جون لهرون‘ چئبو آهي. آواز جي رفتار، روشنيءَ جي لهرن جي رفتار کان گهٽ هوندي آهي. آواز جون اُهي لهرون، جيڪي ريڊيو اسٽيشن تي پيدا ٿين ٿيون، سي خلا ۾ برقي- مقناطيسي لهرن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ۽ اُهي روشنيءَ جي رفتار سان اڳتي وڌن ٿيون. هي برقي- مقناطيسي لهرون گئسن، پاڻياٺ، نهرن جسمن ۽ خلا مان به گذري وڃن ٿيون. اهي لهرون نشرياتي اسٽيشن تان فضا ۾ منتقل ٿي، ريڊيو وٽ پهچن ٿيون ۽ ريڊيو ۾ اهڙو طريقيڪار رکيل آهي، جو اهي برق مقناطيسي لهرون ٻيهر آوازي لهرن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. اهڙي ريت اسين ريڊيو تان پنهنجي پسند جا پروگرام، ڪلام يا خبرون ٻڌي سگهندا آهيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "ريڊيو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-12-25.