طالب الموليٰ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مخدوم
طالب الموليٰ
پيدائش محمد زمان طالب الموليٰ
6 آڪٽوبر 1919 ع ـ مطابق 9 محرم 1338ھ
هالا نوان
وفات جنوري 11, 1993 (عمر 73 سال)
ڌنڌو سياستدان، ليکڪ
دور جديد
صنف شاعري
اولاد مخدوم امين فھيم

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو جنم 4- آڪٽوبر 1919ع تي هالا نوان ۾ مخدوم محمد صديقيءَ جي گهر ۾ ٿيو ۽ وفات 11 جنوري 1993ع مطابق رجب 8، 1413 هجري، ڏينهن جمعو تي ٿي. پاڻ مخدوم غلام محمد سائين رحمة اللہ تعاليٰ عليه ، حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي پندرهين سجاده نشين جا فرزند آهن ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحمة اللہ تعاليٰ عليه جن جي اولاد مان آهن ، جي خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد مان آهن. حضرت مخدوم نوح رحمة اللہ تعاليٰ عليه پنهنجي زماني جا غوث ۽ مجدد هئا. سندن معاشرتي اصلاح، سلسلي ۽ طريقت جي بلاغت جا تجديدي ڪارناما ، سنڌ جي قديم تنصيفات ، حديقته الاوليا، ارشاد الطالبين، دليل الذاڪرين، رساله فتوحات سنڌي عرف رساله فتحي ۽ تحفته الڪرام ۾ تفصيل سان موجود آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحمة اللہ تعاليٰ عليه جو اهو جاري ڪيل سلسلو ، سروري سهروردي سلسلي جي نالي سان ملڪان ملڪ مشهور آهي. ان سلسي سان وابسته تعداد سندن زماني ۾ نو لک شمار ڪيو ويو، ان ڪري هن سلسلي کي نو لکي گودڙي پڻ سڏيو ويو آهي.

اشاعت ـ هن سلسلي جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ ٿي، بلڪه ان جي حدن کان ٻاهر؛ اتر ۾ بهاولپور، پنجاب، ملتان ۽ بلوچستان تائين؛ ڏکڻ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات، ان طرح جوڌپور ۽ جيسلمير تائين پکڙيل آهي. ڪيئي گاديون هن درگاه سان لاڳاپيل آهن.

تعليم[سنواريو]

اول قرآن ڪريم پڙهيا ان کان پوءِ فارسي جي تعليم ورتائون، سندن تعليم ۽ تربيت سندن والد حضرت غلام محمد سائين جي خدمت ۾ ٿي.

سجاده نشيني[سنواريو]

سندن والد ماجد حضرت غلام محمد سائين ، 30 ذوالحج 1363ھ مطابق 16 ڊسمبر 1944 ع تي وفات ڪئي ۽ پاڻ 1945 ع جي اوائل ۾ حضرت نوح سرور جي سلسلي جا سورهان سجاده نشين ٿيا.

شاعري ۽ راڳ[سنواريو]

شاعري ۽ راڳ سان شغف ۽ ادب سان شوق کين ننڍ پڻ کان گويا ورثي ۾ مليو، 1930 ۾ ناري جي سفر تي شاعرانه ذوق تڪميل تي پهتو. اول بيوس پوءِ فراقي ، زمان شاه ۽ پوءِ طالب تخلص ڪيائون. 1949 کان طالب المولى تخلض اختيار ڪيائون.

مخدوم طالب الموليٰ جي هونئن ته سڄي شاعري ئي لاجواب آهي، پر ٻي شاعري وانگر سندس هي ڏاڍو مشهور آهي،

تو دلڙي يار ڌُتاري پوءِ يار ڪا نہ ڪيئي پوئواري

علمي ۽ ادبي خدمتون[سنواريو]

1936ع ۾ جڏهن سندن جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم ۽ ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. [1] علم ۽ ادب جي فرغ لاءِ هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائون ۽ هفتيوار الزمان ۽ پاسبان اخبارون ڳچ عرصي تائين هليون. 1950 ع ۾ سندن سرپرستيءَ ۾ ماهنامو ”فردوس“، 1952ع ۾ ماستر جمعي خان ”غريب“ جي ادارت ۾ ”طالب المولى“، 1956 ع ۾ رسالو ”شاعر“ نڪتو. 1952 ع کان پاڻ جميعت الشعراء سنڌ جا صدر منتخب ٿيا. پاڻ ريڊيو پاڪستان مشاورتي ڪميٽيءَ جا ممبر به هئا ، مخدوم صاحب علم ۽ ادب جون اڻڳڻت خدمتون ڪيون.

تعليمي خدمتون[سنواريو]

ان سلسلي ۾ طالب المولى هاسٽل هالا ۽ طالب المولى هاءِ اسڪول دادو، يادگار آهن.

  • ملڪي خدمتون ـ پاڻ ون يونٽ کان پهريان سنڌ اسمبلي جا ممبر هئا ۽ ان کان پوءِ ٻه ڀيرا قومي اسمبلي جا ممبر منتخب ٿيا.

لکڻيون[سنواريو]

  • (1) امام غزالي جا خط
  • (2) اسلامي تصوف
  • (3) خود شناسي
  • (4) شيطان
  • (5) بهار طالب
  • (6) رباعيات طالب
  • (7) ياد رفتگان
  • (8) مثنوي عقل و عشق
  • (9) ڪچڪول
  • (10) ڪافي
  • (11) سنڌ جو شڪار
  • (12) بياض طالب المولى
  • (13) مصريءَ جون تڙون
  • (14) مضامين طالب المولى
  • (15) سماع العاشقين في سرور الطالبين
  • (16) ڇپر ۾ ڇڙيون
  • (17) آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه
  • (18) ڪوڙ ۽ سچ
  • (19) تفقرات
  • (20) اشارات شاھ
  • (21) عجيب لغت سنڌي
  • (22) سنڌ جو سانوڻ
  • (23) بي پير اکيون
۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

اعزاز[سنواريو]

سندن علمي ۽ ادبي ملڪي ۽ سماجي خدمتن جي قدر ڪندي پاڪستان سرڪار کيس ”تمغه پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو ويو

رحلت[سنواريو]

پاڻ 11 جنوري 1993 ۾ هن فانِي دنيا مان لاڏڻو ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. مخدوم محمد زمان طالب المولا | Indus Asia Online Blog, وقت 2018-08-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-20 
ٽماهي مهراڻ - سنڌي ادبي بورڊ
مڱريو آرڪائيو ڪيا ويا 2008-09-19 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.