هالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھالا Hala
هالا
شھر
ھالا Hala is located in سنڌ
ھالا Hala
ھالا Hala
ھالا Hala is located in Pakistan
ھالا Hala
ھالا Hala
جاگرافي بيهڪ: 25°49′N 68°26′E / 25.81°N 68.43°E / 25.81; 68.43مڪانيت: 25°49′N 68°26′E / 25.81°N 68.43°E / 25.81; 68.43
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
بلندي 39 ميل (128 ft)
آبادي (2000)
 • ڪل 161,980


هالا سنڌ جي مٽياري ضلعي جو مشهور ۽ سنڌ جي پراڻن شهرن مان هڪ آهي. هالا جي ئي ويجھو ڀٽ شاهه لڳ هالا حويليءَ ۾ سنڌ جي قومي شاعر شاهہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو جنم ٿيو. هالا هٿ جي هنرن جي مرڪز طور پڻ مقبول آهي.شھر کي 1848 ۾ تعلقي جو درجو ڏنو ويو.

هالا پراڻا[سنواريو]

ھالا پراڻا، اوليائن ۽ بزرگن جو گهر، مولد ۽ مدفن رھيو آھي. جنھن سبب، ھر ڪو دعا جا داڻا چونڊڻ لاءِ، اوڏانھن پنڌ پوي ٿو. هالا پراڻا جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ هي چوڻي پڻ مشهور آهي، دعا جا داڻا؛ هالا پراڻا. [1]

ڀونءِ نگاري[سنواريو]

ڀونءِ نگاريءَ پٽاندر هالن جي بيهڪ اتر ۾ ويڪرائي ڦاڪ "25 '9 °27 ۽ اوڀر ۾ ڊگھائي ڦاڪ "5 '19 °68 آهي. حيدرآباد کان 45 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر ۾ هالا هن وقت ضلعي مٽياريءَ جو هڪ تعلقو آهي. هالا نوان قومي شاهراه سان لڳو لڳ آهن جڏهن ته هالا پراڻا هالا نوان کان اٽڪل 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آباد آهن. قومي شاهراه سان لڳو لڳ هالا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار دروازا آهن، جن کي باب نوح، باب طالب الموليٰ، باب غلام حيدر، ۽ باب جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي.

تاريخ[سنواريو]

هاڻوڪن پراڻن هالن جي ڀرسان هڪ تلاءُ هوندو هو، جنهن جي ڀرسان هالا قوم پنهنجي رهڻ لاءِ ڳوٺ ٻڌايو، جنهن صورت ۾ ڪنڊ جي معنى آهي تلاءُ، انهيءَ ڪري ڳوٺ تي نالو پيو ”هالا ڪنڊي“ ان ڳوٺ جي بلڪل لڳ ”ٽوڙيء“ نالي ڳوٺ هو، جتي مخدوم نوح جا وڏا اچي آباد ٿيا هئا. مخدوم نوح به ان ڳوٺ ۾ ئي تولد ٿيو. هالا نوان مخدوم نوح جي اولاد مان مخدوم مير محمد 1140ھ ۾ ٻڌايو، ڇاڪاڻ جو پراڻن هالن کي ٻوڏ جو خـطرو هو. نئين شهر تي ”مرتضى آباد“ نالو رکيو ويو، پر جيئن ته هي شهر ”هالا“ جو بدل هو، تنهنڪري هن تي عام نالو ” هالا نوان“ ۽ پراڻي شهر تي ” پراڻا هالا“ مشهور ٿي ويو.

هاله ڪنڊي (هالا) اٺين هجري صديءَ جي وچ ڌاري سمن جي راڄ جي شروعات ۾ جڏهن سنگهار سمو سندن سردار هو، تڏهن هن ملڪ وڌايو ۽ ڪڇ کان وٺي هالا ڪنڊيءَ تائين ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنه 908ھ (سنه 1502ع) ڌاري جڏهن مرزا شاهه حسن ڄام فيروز سان چاچڪان وٽ وڙهي هن کي ڀڄايو، تڏهن ٺٽي ۽ تغلق آباد مان ٿي هاله ڪنڊيءَ آيو ۽ اتان بکري ڏي ويو. سنه 968ھ (سنه 1589ع) ۾ اڪبر بادشاهه جي حڪم سان نواب خان خانان مرزا جاني بيگ سان وڙهڻ لاءِ آيو. سيوهڻ وٽ ٻنهي جي جنگ لڳي ۽ مرزا شڪست کاڌي. جنگ تي اچڻ کان اڳي خان خانان کي ڊپ هو ۽ فتح جي اميد ڪانه هيس. ڪن ماڻهن جي صلاح تي هو هاله ڪنڊيءَ آيو، جتي مخدوم نوح تازو وفات ڪئي هئي. مرزا جاني توڙي خان خانان کي انهيءَ جي معذرت ڪرڻي هئي؛ پر فقيرن چيو ته ٻنهي مان جيڪو پهرين اتي ويندو ۽ معذرت ڪري دعا گهرندو، سو فتحياب ٿيندو. ٻنهيءَ انهيءَ پاسي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر خان خانان پهرين اتي پهتو ۽ نيٺ فتح به ڪيائين. سنه 1197ھ (سنه 1782ع) ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي کي مير بجار خان حيدرآباد مان سڏائي گاديءَ تي وهاريو. جڏهن هو هالا ڪنڊيءَ ۾ آيو، تڏهن مير وڃي گڏيس ۽ ٻيا سردار به اتي آيا. پوءِ سڀ مخدوم نوح جي درگاهه تي ويا ۽ اتي ميان کي پڳ ٻڌايائون ۽ اتان خدا آباد وٺي وڃي ميان محمد سرفراز جي جاءِ تي ويهاريائون. سنه 1201ھ (سنه 1612ع) ۾ مرزا غازي بيگ جي مرڻ کان ٿورو اڳي خسرو خان چرڪس جي زور وٺڻ تي مرزا جي حڪم سان هندو خان وڃي هن کي گرفتار ڪيو ۽ ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري هاله ڪنڊيءَ وٺي آيس ۽ اتان پوءِ قنڌار وٺي ويس. سنه 1259ھ (سنه 1843ع) ۾ جڏهن سرچالس نيپئر ميرن سان وڙهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن نوشهري کان هلي پهرين هالن ۾ منزل ڪيائين، پوءِ 17 تاريخ محرم جي جمعي جي ڏينهن يعني 17 تاريخ فيبروريءَ جي اتان نڪتو ۽ ڦليليءَ تي مياڻيءَ وٽ ميرن سان وڙهيو ۽ جنگ کٽيائين ۽ پوءِ حيدرآباد جو قلعو ورتائين.[2]

اچ وڇ[سنواريو]

هالن کي رسڻ لاءِ حيدرآباد ۽ نواب شاه وچم هلندڙ ڪوچ يا عام بسن تي سوار ٿي سگھجي ٿو. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به ذريعو جهڙوڪ ريل رستو نه آهي. هالن ۾ اڃا تائين ٽانگا هلندڙ آهن. ڪجھه عرصي کان چنگچي پڻ هالن جي رستن تي هلي رهي آهي.

هٿ جو هنر[سنواريو]

جنڊيءَ جو ڪم[سنواريو]

هالن ۾ جڙندڙ جنڊيءَ جون کٽون ۽ پينگھون سڄي سنڌ ۾ پسند ڪيون وينديون آهن. ڪيتريون شيون ته پرڏيهه به اماڻيون وينديون آهن.

ڪاشيءَ جو ڪم[سنواريو]

فائل:Kashee.jpg
ڪاشيءَ جو ڪم

ڪاشيءَ مان اڪثر شو پيس جوڙيا ويندا آهن. پر ڪاشي ۾ اصل ڪم ڪاشيءَ جِي سِرُن ۾ ٿيندو آهي. هالا جي مشهور نيري ڪاشيءَ جي سِرَ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. هالا ۾ مخدوم نوح جي مزار ۽ ڄامشوري ۾ واقع سنڌالاجيءَ اندر ٿيل ڪم هالا جي ڪاشيءَ جو اعلا مثال آهن.

کاڌي[سنواريو]

فائل:Khadhee.jpg
کاڌيءَ جو ڪپڙو

ڪپڙي جو هيءُ قسم سالن کان جڳ مشهور آهي. اڳي کاڌي اڻڻ جي تمام پراڻي مشين تي ٺاهي ويندي ھئي، جنهن کي آڏاڻو سڏبو آهي. هن وقت آڏاڻن ۾ ڪجھه جدت آئي آهي ۽ تورو گھڻو ڪم بجليءَ تي هلندڙ مشين کان ورتو وڃي ٿو. تنهن هوندي به کاڌي اڻڻ جو ڪم اڃا تائين محنت طلب آهي ۽ کاڌي اڄ به ايئن ئي مقبول آهي جيئن اڳي هئي.

رلي[سنواريو]

فائل:Ralee.jpg
رلي

رلي سموري سنڌ ۾ عام استعمال ڪئي ويندي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ئي رليون ٺاهيون وينديون آهن. پر هالن ۾ رليءَ جو ڪم گھڻو ۽ تمام نفيس ڪيو ويندو آهي.

اجرڪ[سنواريو]

اجرڪ

سنڌي ٽوپي[سنواريو]

سنڌي ٽوپي

سنڌي ٽوپي جيتوڻيڪ سموري سنڌ ۾ پهري ويندي آهي، پر اتر سنڌ ۾ اها وڌيڪ عام آهي. سنڌي ٽوپي هالن جي هٿ جي هنرن ۾ خاص اهميت رکي ٿي.

ميونسپل نظام[سنواريو]

هالن ۾ هن وقت تعلقي حڪومت جو نظام قائم آهي، جنهن منجھه 4 يونين ڪائونسلون آهن. هالن جي ڪل آبادي 100،000 يعني هڪ لک آهي، جنهن جي گهڻائي سنڌي آهي. ھالا ۾ مخدوم خاندان جو وڏو اثر آھي، سندن ميونسپل ناظم زياده تر مخدوم خاندان جا آھڻ۔

تعليمي ادارا[سنواريو]


پڻ ڏسندا[سنواريو]

Hala New

قاضي قاضن

حوالا[سنواريو]

  1. ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون (انجنيئر عبدالوھاب سھتو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-29 
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو