شفيع محمد سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شفيع محمد سولنگي انگريزي (Shafi Muhammad Solangi) (جنم: 8 آڪٽوبر 1920ع -وفات: 2 فيبروري 2011ع) سنڌي ٻولي جو پارکو،مضمون نويس ۽ بهترين استاد هو.

زندگي جو احوال[سنواريو]

شفيع محمد سولنگي ولد غلام حسين سولنگي 8 آڪٽوبر 1920ع تي برطانوي هندستان ۾ سنڌ جي شهر دادو ۾ جنم ورتو. سندس والد سپروائيزنگ تپيدار هو ۽ بعد ۾ سٽي سرويئر طور رٽائر ٿيو. پرائمري دادو ۾ پڙهيو ۽انگريزي جا 3 درجا پڻ دادو ۾ پڙهيو. هي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيو. 1952ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين.سنڌي ٻولي توڙي اردو ٻولي تي عبور رکندو هو. مضمون نويسي ۾ انعام حاصل ڪيائين. 1980ع ڌاري کاتي مان رٽائر ٿيو.[1][2]

انعام[سنواريو]

شفيع محمد سولنگي کي سنڌ ۾ مضمون نويسي جي چٽا بيٽي ۾ بهترين مضمون نويس طور نقد انعام مليو. [1]

وفات[سنواريو]

شفيع محمد سولنگي اٽڪل 91 سالن جي ڄمار ۾ 2 فيبروري 2011ع تي وفات ڪئي ۽ کيس دادو شهر جي لال هندي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-23. 
  2. 2.0 2.1 www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Sep/01-09-2016/Page5/P5-6.htm. حاصل ڪيل 2019-07-31.  Missing or empty |title= (مدد)