17 جُولاءِ – افغانستان جي بادشاه ماڻهن کي اپيل ڪئي ته سنڌ مان حجرت ڪري ايندڙن جي آجيان ڪئي وڃي. انگريزن جي غير اسلامي پاليسين سبب سنڌي حجرت تي مجبور ٿيا آهن.
19 جُولاءِ – سنڌي مهاجرن جو قافلو افغانستان جي شهر جلال آباد پهتو. 47ع جي لڏپلاڻ کان پوءِ سنڌين جي لڏپلاڻ کي هندوستان جي تاريخ ۾ بدترين لڏپلاڻ تصور ڪيو وڃي ٿو.
5 آگسٽ – قمبر پوليس اسٽيشن تي مقرر ڪيترن ئي اهلڪارن سنڌ خلافت ڪاميٽي جي سڏ تي استعيفائون ڏئي ڇڏيون.
20 آگسٽ – پهرين نجي ريڊيو اسٽيشن، 8 ايم ڪي (هاڻي ڊبليو ڊبليو جي) ڊيٽرائٽ ۾ نشريات جو آغاز ڪيو.
16 سيپٽمبر – وال اسٽريٽ جي هارس ويگن ۾ بم ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 38 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.