سنڌ جي وادي جا اناج ۽ جانور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

زراعت ، وڻ ، ٻوٽا[سنواريو]

جيئن ته سنڌ جي وادي جي تهذيب تجارت ۽ صنعت سان لاڳاپيل وچولي طبقي کي ثابت ڪري ٿي ۔ پر سنڌ سلطنت جي بنيادي معيشت لازماً زرعي هئي ۔ وڏا اناج ڪڻڪ ۽ جوئر هيا ۔ ڪڻڪ پٿر جي اکري ۾ پٿر جي ئي مهري سان پيٺي ويندي هئي ۽ جيڪي ڪاٺ جي اکري ۾ ڪاٺ جي ئي مهري سان جھڑے؟ ويندا هئا ۔ مٽر ، گدرو ۽ تر به هوندا هيا ۔ ڇو ته انهن جا ٻج هڙپه مان مليا آهن ۔ موهن جو دڙو ۾ ڪجهه پٿر جو کارڪون ۽ پٿرائي کوکڙيون مليون آهن ، ٿانون تي ٺهيل وڻن ۾ کجي جو وڻ ، ناريل جو ميوو ، ڏاڙهون ۽ ڪيلو به نظر اچي ٿو ۔ موهن جو دڙو مان ٽامي ۽ چاندي جي شين سان گڏ سوٽي ڪپڙي جا ٽڪرو به مليو آهي ۔ موهن جو دڙو مان پٽ سن جو ريشو به مليو آهي ۔ لهذا پٽ سن جون رسيون ۽ ٻوريون عام استعمال ٿينديون هيون ۔ هڪ جڳهه مڇي پڪڙڻ جو ڪانٽو ۽ ان سان گڏ پٽ سن جو ريشو ويڙهيل مليو هو۔


جانور[سنواريو]

ڪتا ، ڏاند ، ڳئون ۽ مينهون عام پاليا ويندا هئا ۔ ڪجهه جڳهن تي سوئر جون هڏرون به مليون آهن ۔ گھوڙا به هيا۔ گڏهه ۽ خچر کي به شامل سمجھڻ گهرجي ۔ چانيھو جو دڙو مان هڪ سر ملي آهي جنهن تي ٻلي جي پيرن جا نشان آهن ۽ ان جي پويون گهڻي قدر هڪ ڪتي جي پيرن جا نشان آهن ۔ هي ٻئي ڀڄن پيا۔ جڏهن ڪچي سر تي انهن جا پير آيا هو ٻنهي جي دٻاء سان انهن جي رفتار جو تخمينو لڳائي سگهجي ٿو ۔

ٻلي يقينن پالي ويندي هوندي ۔ ڇو ته اناج جر وسيع ذخيرن کي ڪوئن کان بچائڻ ضروري هيو ۔ ٻين جانورن يا پکين جي وجود جا ثبوت مليا آهن ۔ انهن ۾ سهو ، باندر ، ڳيرو ، طوطو ، وغيره شامل آهن ۔ ننڍا ننڍا مٽي جا پنڃرا مليا آهن ۔ جن مان ظاهر ٿي ٿو ته ڇنڇن ڪرڻ وارو جھينگر ۽ ٻيا موسيقار جيت پاليا ويندا هئا ۔ جيئن چين ۾ رواج هيو۔

جهنگلي جانورن ۾ سان �â بائي سن �á گينڊو ، شينهن ، سانڀر هرڻ ، چٽڪٻرو هرڻ ، ڦاڙهو هرڻ وغيره عام هيا ۔

اخذ ٿيل

يحيٰ امجد ۔ تاريخ پاڪستان قديم دور