ٻلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پالتو ٻلي[1]
پالتو ٻلين جا قسم
پالتو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): فيلڊاء
ذيلي نسل: Template:Taxonomy/فيلس
جنس: Template:Taxonomy/فيلسف. سلويسٽرس
ذيلي جنس: Template:Taxonomy/فيلسف. س. ڪيٽس
Trinomial name
فيلس سلويسٽرس ڪيٽس
ڪارل لينيوئس, 1758[2]
هم معنيٰ

فيلس ڪيٽس (اصلي جوڙ)<refڏسو: 2027 جي راء </ref>
فيلس ڪيٽس ڊوميسٽيڪا ( ناڪارہ مختصر ھم معنيَ)[3]

ٻلي

ٻلي 🐈 (اُچار: ٻِلِّي، انگريزي: cat) هڪ گوشت خور مئمل جانور آهي[4]. ٻلي (مونث) مادي کي ۽ ٻلو (مذڪر) نر کي چيو ويندو آهي. هڪ اندازي موجب ،انسانن ٻلي کي تقريبن ڏه هزار سال اڳ پالتو بڻايو. ٻلي اڄ جي دور ۾ سڀ کان عام پالتو جانورن مان هڪ آهي.آفريقي جهنگلي ٻلين جي ڪافي قسمن کي پالتو ٻلين جي پيڙهي سمجهيو ويندو آهي. ٻلين کي سڀ کان اڳ شايد ان ڪري پاليو ويو ڇو جو هو ڪوئا کائينديون هيون.
بعد ۾ ٻلين کي انسان جو دوست ۽ پالتو جانور جي طور تي به پاليو وڃڻ لڳو. پالتو ٻلين جي جسم تي ڊگها يا ننڍا وار هوندا آهن، جن جي بنياد تي ان جي قسمن ۽ نسلن جو تعين ڪيو ويندو آهي.
لفظ “ٻلي“ هن ئي خاندان جي ٻين جانورن جي لاء به استعمال ڪيو ويندو آهي. جن ۾ ببر شينهن(شير)، چيتو، تيندوو وغيره شامل آهن
گھريلو ٻلي جھنگلي ٻليء جي نسل مان آهي. ھن جي پالنا ڪتي کان گھڻو پوءِ شروع ٿي.[5]گوشت کائيندڙ جانورن مان ڪتو ۽ ٻلي ئي ٻہ جانور آھن جن کي انسان گھريلو بڻائي سگھيو آھي.[6]

اندروني ٻليون پنهنجو آرام خاص طور تي ٽوڪرين ۾ ڳولين ٿيون

اسلام ۾ ٻلي جي اھميت[سنواريو]

اسلام ۾ ٻلي ھڪ بھترين پالتو جانور سمجھيو ويندو آھي[7]. ھڪ حديث ۾ ٻلين کي مارڻ ۽ انھن تي ظلم ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. ھڪ حديث ۾ ٻلين سان پيار کي ايمان جو ھڪ روپ سڏيو ويو آهي[7]. شريعت مطابق مسلمان ٻلي جو جوٺو ڪيل کاڌو کائي سگھن ٿا ۽ ان پاڻي مان وضو ڪري سگھن ٿا جنھن مان ٻلي پاڻي پيتو ھجي[7]. حضرت محمد ﷺ ٻلين سان پيار ڪندو ھو ٻلين جي ٻچڙن جو خيال رکندو ھيو. پاڻ سڳورن پنھنجي پاليل ٻلي جو نالو معزا رکيو ھو. سندس اھا ٻلي ھڪ خادم صحابي سان گھڻو گڏ رھندي ھئي ان ڪري ان کي نبي پاڪ ابو هريره (ٻلونگڙي جو پيءُ) جو لقب ڏنو[7]. ھڪ روايت مطابق ان ٻليءَ نبي پاڪ صہ کي ھڪ نانگ کان پڻ بچايو ھيو[7]. ٻليون اناج جون نگھبان سمجھيون وينديون آهن. اھي ڪتابن کي ڪوئن کان بچائڻ لاء بہ ڪم اينديون هيون[7].

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named MSW3fc
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Linaeus1758
  3. "ITIS Standard Report Page: Felis catus domestica". ITIS Online Database. وقت 19 January 2012 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 December 2011. 
  4. "ٻلي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-05-22. 
  5. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:18}
  6. {ڪتاب: وحشي جيوت جا نشان؛ از: ھاورڊ موئر؛پبلشرز: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ،صفحو:19}
  7. 7.0 7.1 7.2 7.3 7.4 7.5 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 131,132,