سانگھڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Sanghar
سانگھڙ
شھر
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو سانگھڙ

سانگھڙ (انگريزي: Sanghar) سنڌ پاڪستان جو شهر ۽ سانگهڙ ضلعي ۽ تعلقي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[1]. ھي شھر ملاحن آباد ڪيو ھٔو. روايتن مطابق سانگھڙ شروع ۾ ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو. ھن ڳوٺ ۾ سانگھڙ نالي ھڪ انتھائي پرھيزگار ۽ نيڪ نمازي عورت رھندي ھئي جنھن جي احترام ۾ ڳوٺ جو نالو ”سانگھڙ“ رکيو ويو. وقت سان گڏوگڏ ھتان جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ ھن ڳوٺ ھڪ ننڍڙي شھر جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. انگريزن جي دور ۾ ھن شھر کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو ۽ 1954ع ۾ سانگھڙ کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو[2].

ھن شھر ۽ ضلعي ۾ پير پاڳاري جا حر مجاھد وڏي تعداد ۾ رھن ٿا جن سورھيہ باشاھ جي حڪم تي انگريز سامراج سان مھاڏو اٽڪايو ۽ منظم جدوجھد ڪئي[3]. حر مجاھدن 1965ع ۽ 1971ع وارين پاڪستان ڀارت جنگين ۾ سنڌ جي سرحد جي حفاظت ڪئي ۽ ھندستان کي سنڌ جي سرحدن کان پري ڀڄائي ڇڏيو.مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو جڳ مشھور ناول ”سانگھڙ“ حر مجاھدن جي عظيم جدوجھد جي پسمنظر ۾ لکيل آھي[4].

2017ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 75،209 ماڻھن تي مشتمل آھي[5]. ھي شھر ڪراچيءَ کان اٽڪل 268 ڪلوميٽر ۽ حيدرآباد کان اٽڪل 125 ڪلوميٽر اوڀر اتر طرف آباد آھي. آباديءَ جي لحاظ کان ھي سانگھڙ ضلعي جو ٽيون وڏو شھر آھي. ھي شھر روڊ رستي شھدادپور، ميرپور خاص، ٽنڊي آدم، کپري، نواب شاھ, خيرپور ميرس ۽ سنڌ جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. ھتان جي مکيہ زرعي پيداوار ۾ چانور، ڪڻڪ ۽ وونئڻ شامل آھن[6].

ھن شھر ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظيرآباد جو ھڪ ڪئمپس قائم آھي. ان کان علاوھ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگھڙ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج سانگھڙ ھتان جي پراڻن تعليمي ادارن ۾ شمار ٿئن ٿا. ڪجهه خانگي ڪاليج ۽ اسڪول بہ موجود آھن جن ۾ بحريہ فائونڊيشن ڪاليج، فوجي فائونڊيشن اسڪول ۽ اوورسيز فائونڊيشن اسڪول شامل آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. "Tehsils & Unions in the District of Sanghar". National Reconstruction Bureau, Government of Pakistan website. 4 August 2008. Archived from the original on 4 September 2009. Retrieved 1 January 2022.
  2. "Disaster Risk Management Plan - District Sanghar, District Disaster Management Authority, DCO Complex Sanghar" (PDF). 2016. Available at https://cms.ndma.gov.pk/storage/app/public/plans/October2020/ySIpdPrPn20RZDm420Sg.pdf آرڪائيو ڪيا ويا 2021-12-22 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. "Pakistan Emergency Situational Analysis - District Sanghar, June 2014 - Pakistan". ReliefWeb. حاصل ڪيل 2022-02-02. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2022-02-02. 
  5. "Sanghar (District, Sindh, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2022-02-01. 
  6. "Sānghar, Pakistan, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-02-01.