ذب ذبابات الدراسات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ذب ذبابات الدراسات (عربي): سنڌي ادبي بورڊ جو هي عربي ڪتاب آهي، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پٽ مخدوم عبداللطيف ٺٽويءَ جي ياد گار تصنيف آهي. هي ڪتاب جو ٻيو حصو آهي. ڪتاب جي نالي جي معنيٰ آهي ”مکيون اڏائڻ“ يعني مخدوم محمد معين جي تصنيف ”دراسات اللبيب“ ۾ جيڪي ڳالهيون مخدوم عبداللطيف کي غلط نظر آيون تن جو هن ڪتاب ۾ رد ڏنو ويو آهي. مذهبي معاملن ۽ مسئلن ۾، اهڙن مناظرن يا بحثن يا رد ڪد جو رواج سنڌ ۾ ئي موقوف ڪينهي، پر اهو حال ساري عالم اسلام جو آهي، ۽ دراصل اهي متنازع فيہ مسئلائي آهن جن سببان ملت اسلاميه ۾ هميشہ انتشار ۽ ڪمزوري رهي آهي. قديم ٺٽي جهڙي شهر ۾ ڪنهن به عالم جي ڪا ڳالهه بناچون وچرا جي مڃي وڃي، سونا ممڪن هو. هن ڪتاب ۾ مخدوم عبداللطيف، جيڪو ٺٽي ۾ علامه محمد معين جو همعصر هو، ۽ اتي ئي 1775ع ۾ وفات ڪيائين. اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسلامي قانون ۾ ’تقليد‘ جي هڪ عليحده ۽ اهم ۽ صحيح حيثيت آهي ۽ علامه محمد معين جو نظريو غلط آهي. مخدوم صاحب اها ڪوشش اهل-سنت جي نظريي موجب، روايتي انداز سان ڪئي آهي، ۽ ان لاءِ حديثن جا حوالا ڏنا آهن. سندس تحرير مان اها ڀليءَ ڀت ڄاڻ پوي ٿي ته پنهنجي نظريي بابت سندن مطالعو نهايت وسيع آهي، پر ان ۾ ڪا به نئين يا طبعزاد ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪين ٿي اچي. ازنسواءِ طرز تحرير، انشاء پردازي ۽ عربي زبان تي اهڙو عبور نظر نٿو اچي، جيڪو علامه محمد معين جي ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جي خصوصيت آهي. هن ڪتاب ۾ جن موضوعات تي بحث ڪيو ويو آهي، انهن ۾ اسلامي شريعت جي چئن مڪتبن طرفان ڄاڻايل ماخذ، جيئن ته قرآن، سنت، اجماع ۽ قياس پڻ آهن، ۽ بحث جا دليل اهي ساڳيا آهن جيڪي اڳ هر ساڳئي نظريي واري عالم طرفان بيان ڪيا پئي ويا. پر انهيءَ هوندي به ائين ڪين چئي سگهبو، ته هن ڪتاب جي اشاعت بيڪار ۽ بي مقصد آهي ڇو ته هن ڪتاب ذريعي سنڌ جي هڪ عالم- دين جي حالات کان واقفيت ٿئي ٿي. ارڙهين صديءَ جي سنڌ جي مذهبي ۽ تمدني حالتن ۽ عربي زبان جي رواج جو پتو پئجي ٿو. ازنسواءِ هن ڪتاب ۾ بحث دوران، مخدوم عبداللطيف ڪيترن ڪتابن ۽ ڪيترن عالمن جا اقوال پنهنجي نظريي جي تائيد ۾ نقل ڪيا آهن، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڪهڙن عالمن،هن علائقي جي مذهبي ۽ ثقافتي تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو. هي ڪتاب پڻ مولانا محمد عبدالرشيد نعمانيءَ جي تحقيق، محنت ۽ ڪاوش جو نتيجو آهي،جنهن صاحب هن ڪتاب کي نه فقط ايڊٽ ڪيو آهي، پر ان ۾ نالن ۽ مقامات جون فهرستون شامل ڪري، ان کي محققن لاءِ وڌيڪ ڪار آمد بڻايو آهي. جيئن ته نعماني صاحب خود علامه محمد معين جي عقيدن جو معتقد ڏسڻ ۾ ٿو اچي، تنهنڪري ”دراسات اللبيب“ وانگر هن ڪتاب ۾ ’تعليقات‘ (وضاحت ۽ تشريح) طور ڪوبه مضمون شامل ڪين ڪيو اٿس. [1] زمرو:اسلامي قانون

حوالا[سنواريو]

  1. تبصرا ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع