سنت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنت(انگريزي: Sunnah ) سني اسلام مطابق اھو فعل آهي جنھن کي نبي ﷺ جن يا پاڻ سڳورن جي اصحابين ڪيو ھجي[1]. ان جا ٻہ قسم آهن: سنت مؤڪدہ ۽ سنت غير مؤڪدہ

سنت مؤڪدہ[سنواريو]

اسني اسلام مطابق ھو فعل جنھن کي نبي ﷺ جن يا پاڻ سڳورن جي اصحابين ھميشه ڪيو ھجي ۽ عذر کانسواءِ ڪڏھن ترڪ نہ ڪيو ھجي پر ترڪ ڪرڻ واري کي ڪنھن بہ قسم جي تنبيهه نہ ڪئي ھجي[1]. جيڪو ماڻھؤ ڪنھن عذر کانسواءِ ان کي ڇڏي ڏي ۽ ڇڏي ڏيڻ جي عادت وجھي اھو فاسق ۽ گنھگار آھي. ۽ نبي ﷺ جن جي شفاعت کان محروم آهي. پر جيڪڏهن اتفاق سان ڇڏجي وڃي ته ڪو ڏوھ ڪونھي[1].

سنت غير مؤڪدہ[سنواريو]

اھو فعل جنھن کي نبي ﷺ جن ڪيو ھجي يا اصحابين ڪيو ھجي ۽ ڪنھن عذر کانسواءِ بہ ڪڏھن ترڪ ڪري ڇڏيو ھجي[1]. ان جي ڪرڻ وارو اجر ۽ ثواب جو حقدار آهي ۽ ڇڏڻ واري کي ڪوبه عذاب نہ ٿيندو. ان کي واڌاري سنت يا عادت واري سنت بہ چئبو آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 44-45