مواد ڏانھن هلو

حيدرآباد، سنڌ

بيھڪ: 25°22′45″N 68°22′06″E / 25.37917°N 68.36833°E / 25.37917; 68.36833
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(حيدرآباد سنڌ کان چوريل)
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون سنڌ تي آهي. انڊيا جي لاءِ حيدرآباد ڏسو. ٻين استعمالن لاءِ سلجهائپ صفحو حيدرآباد (سلجهائپ) ڏسو.
حيدرآباد ضلعو سان ڀل نہ کائو.
Hyderabad
حیدر آباد
ميٽروپولس
Hyderabad
Emblem
Hyderabad is located in سنڌ
Hyderabad
Hyderabad
Hyderabad is located in Pakistan
Hyderabad
Hyderabad
پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 25°22′45″N 68°22′06″E / 25.37917°N 68.36833°E / 25.37917; 68.36833
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو حيدرآباد
سب ڊويزنن جو تعداد 5
يونين ڪائونسلن جو تعداد 20
حڪومت
 • قسم ميونسيپل ڪارپوريشن
 • ميئر طيب حسين
 • ڊپٽي ميئر سھيل محمود مشھدي
پکيڙ
 • ڪل 319 ڪ.م2 (123 ميل2)
بلندي 13 ميل (43 ft)
آبادي (2017 مردم شماري)[2]
 • ڪل 1,732,693[1]

حيدرآباد (انگريزي ٻولي: Hyderabad) پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي صاحبي (دور حڪومت) کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريزَ سنڌ تي قابض نہ ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي پرڳڻي جو پيرس سڏيو ويندو هو.

اُهو 59 – 1758ع وارو وقت هو جو سالن جي بيتابي کانپوءِ درياءُ، هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ تائين، اٽڪل هڪ سئو ميل، پنهنجو اصلوڪو ٻيٺ ڇڏي، هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رخ رکي، نيرون ڪوٽ جي الهندي کان وهڻ لڳو، جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو. انهي ءَ تبديلي سببان ڏکڻ طرف درياھ جو ست ميل ڊگهو ”ريڻ“ پاٽ سُڪي ويو، ۽ نئون ”ڦليلي“ ڦاٽ، نيرون ڪوٽ کان سترهن ميل کان اُتران نڪري، انهيءَ وسندي جي اوڀر کان وهڻ لڳو. نصرپور واري ڇڏيل پيٽ ۾ شايد آبڪلاڻي وقت اُٿل جو پاڻي ايندو رهيو، پر جيئن عرصو گذرندو رهندو، تيئن اهو پٽ ڦٽندو ويو. انهيءَ ڪري نصرپور وٽان درياءَ جي رخ بدلائڻ کان چار سال کن پوءِ، جڏهن ميان غلام شاھ ”شاهپور“ کي ڇڏي پنهنجي گاديءَ لاءِ نئين جڳھ جي ڳولها ڪئي ته قديم نيرون ڪوٽ، واري وسندي کيس هر خيال کان موزون لڳي. اُلهندي طرفان درياءَ جو نئون پيٽ، تہ اڀرندي طرف ڦليلي جو ڦاٽ هئس. ٽڪر واري ايراضي مٿان هئي، انهي ڪري ٻوڏ جو جوکو بلڪل ئي ڪونه نظر آيو. انهي ڪري مهيني ذي القعد 1182ھ (جنوري 1789ع) ۾،قديم نيرون ڪوٽ واري ايراضي تي نئين قلعي ٻڌائڻ جي تجويز ڪئي ويئي هئي ۽ يڪدم ڪم شروع ٿي ويو.[3] اھڙي طرح پراڻي نيرون ڪوٽ جي علائقي ۾ ھن نئين شھر جو بنياد پيو

حيدرآباد جو پڪو قلعو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي

تاريخ

[سنواريو]

ڪلهوڙو خاندان جي بادشاهه ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي سنڌو درياءَ جي ڪپ تي نيرون ڪوٽ جي نالي سان وسندڙ مهاڻن جي آبادي ايتري ته پسند آئي

گنجي ٽڪر کي ڪٽي ان تي پڪو قلعو لائيم اسٽون سان تيار ڪيو ويو.

جو هن ويجھين ٽِن ٽڪرين مان هڪَ تي پنهنجو قلعو جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو اڄ تائين قائم دائم آهي ۽ تڏهن کان پڪو قلعو (Pako Qilo) جي نالي سان مقبول عام آهي.

ميان سرفراز ڪلھوڙو جو مقبرو جنھن جو لقب خدا يار خان ھو
ميان غلام شاھ ڪلهوڙو جو مقبرو

سنه 1183ھ (سنه 1769ع) ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙو نيرون ڪوٽ ۾ آيو، جو اتي اڳئين سال ۾ ڪوٽ وجهايو هئائين. انهيءَ شهر کي حيدرآباد جو نالو ڏنائين ۽ انهيءَ کان پوءِ اُهو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو. انهيءَ کان اڳي خدا آباد گادي هئي. مرڻ کان پوءِ سندس قبو به اتي جڙيو. سنه 1188ھ (سنه 1774ع) ۾ مير فتح خان حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ ميان محمد سرفراز ڀڄي ويو. پهرين ميان خدا آباد ۾ هو؛ ۽ جڏهن مير اهو وڃي ورتو، تڏهن ڀڄي حيدرآباد آيو هو. مير سندس ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي وهاريو. سنه 1190ھ (سنه 1776ع) ۾ ميان غلام نبيءَ جي راڄ ۾ حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان سرفراز ۽ ميان عطر خان ۽ محمود خان ۽ مير محمد قيد رکيل هئا، تن کي هڪدم مارائي ڇڏيائين، جو ڊپ ٿيس ته کانئس ملڪ ويندو، متان هنن مان ڪنهن کي گاديءَ تي رکن. سنه 1201ھ (سنه 1786ع) ڌاري ميان عبدالنبي قلات جي خان جي مدد وٺي حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ مير فتح علي خان شڪار تي ويل هو، پر هو ميان کان نااميد ٿي موٽي هليا ويا. انهيءَ وقت ڌاري ميان عبدالنبي ۽ ٻين ڪلهوڙن جا ٻار ٻچا حيدرآباد جي قلعي ۾ رهندا هئا. مير فتح علي خان ميان جي ڀڄي وڃڻ جو ٻڌي پنهنجي سپهه سالار حاجي احمد کي حيدرآباد جي وٺڻ لاءِ موڪليو. ميان جي طرفان غلام حيدر مرڻاڻي اتي جي سنڀال تي هو، تنهن مير جي لشڪر جي اچڻ جو ٻڌي باروت کي کڻي باهه ڏني. ڏاڍو ڌڪاءُ ٿيو، جنهن ۾ ڪوٽ جي ڀت جو ڀاڱو ڪري پيو ۽ حاجي احمد لشڪر ڪاهي اندر ويو ۽ قلعو ورتائين ۽ غلام حيدر ڪلهوڙن جا قبيلا وٺي جوڌپور ڏي ڏياري موڪليا، جو ميان جي پُٽ اڳيئي اُتي وڃي پناهه ورتي هئي. سنه 1202ھ (سنه 1787ع) ۾ تيمور شاهه جي موٽي وڃڻ کان پوءِ مير فتح علي خان موٽي حيدرآباد ۾ آيو ۽ انهيءَ کي پنهنجو تختگاهه ڪيائين ۽ خدا آباد اصل ڇڏي ڏنائين. حيدرآباد ۾ ڪي نيون ٽي مسجدون ٺهرايائين، جن مان هڪڙي بي بي خيريءَ جي مسجد آهي، جا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي ۽ ٻي ملا رحمت الله واري مسجد ۽ ٽين طالب شاهه واري مسجد، جا قلعي جي در جي ويجهي آهي، اهي سڀ عمارتون نون مهينن جي اندر جڙي تيار ٿيون. مرڻ کان پوءِ مير کي خدا آباد ۾ رکيائون، پر پوءِ ٻين ميرن کي حيدرآباد ۾ رکندا آيا، جتي هاڻي ميرن جا قبا آهن. مير غلام علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ڏاڍا سڌارا ٿيا ۽ انگريزن سان عهدنامو ٿيو. سندس ڏينهن ۾ سنه 1230ھ (سنه 1814ع) ۾ شاه شجاع حيدرآباد ۾ آيو ۽ آغا اسماعيل شاهه جي ٽنڊي ۾ رهايو ويو. سنه 1240ھ (سنه 1824ع) ۾ مير مراد علي خان جي بيمار هئڻ ڪري انگريز سرڪار ڊاڪٽر برنس کي حيدرآباد موڪليو، جنهن اچي علاج ڪري ڇٽايس. مير مراد علي خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ضرب خانو پيو، جتي اشرفيون ۽ مهرون جڙڻ لڳيون، ۽ ٻيا به ترارين وغيره جا ڪارخانا پيا ۽ ٻاهرين ملڪن جي بادشاهن سان دوستيءَ جا عهدناما ٿيا. مير نور محمد خان جي ڏينهن ۾ حيدرآباد منجهه انگريز سرڪار جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو ۽ سگهوئي پوءِ سنه 1254ھ (سنه 1838ع) ۾ جنرل ڪين، جو درياهه جي رستي ڪراچيءَ کان لشڪر وٺي شاهه شجاع جي مدد لاءِ ٿي ويو، سو ڪوٽڙيءَ وٽ ترسي ريزيڊنٽ سان گڏ حيدرآباد شهر گهمڻ آيو. مير نصير خان جي ڏينهن ۾ سنه 1258ھ (سنه 1842ع) ۾ حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ سخت وبا پيئي ۽ سڀ مير حيدرآباد ڇڏي اگهيماڻي جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيا. انهيءَ سال ۾ سرچارلس نيپئر ريزيڊنٽ مقرر ٿي آيو ۽ سگهوئي پوءِ ميرن سان هن جي ناسازي شروع ٿي ۽ بلوچن ريزيڊنٽ ميجر آؤٽرم تي ڪاهه ڪئي ۽ هو نڪري سرچارلس نيپئر ڏي ويو، جو خيرپور جي پاسي هو. هو هڪدم حيدرآباد تي ڪاهي آيو ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ سنه 1259ھ (سنه 1843ع) ۾ ميرن کي شڪست ڏيئي حيدرآباد جو قلعو ورتائين ۽ ميرن کي قيد ڪيائين ۽ ميرن جا ديرا نڪري ڦليليءَ جي ڪپ تي يوسف جي ٽنڊي وڃي ويٺا ۽ پوءِ سائين داد جي ٽنڊي وڃي ويٺا ۽ اُتي باهه لڳڻ ڪري وري اچي ڦليليءَ جي اڀرندي محمد خان ٺوڙي جي ٽنڊي ۾ ويٺا. انهيءَ کان پوءِ حيدرآباد انگريز سرڪار جي هٿ ۾ رهي.

ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ تي مير ٽالپرن جي حڪمراني قائم ٿي. مير فتح علي خان ٽالپر خدا آباد ڇڏي حيدرآباد جو پڪو قلعو اچي وسايو ۽ 1789ع کان حيدرآباد ئي سندس گاديءَ جو هنڌ هو.[4]

ميرن جا قبا جيڪي ارڙھين صديء ۾ ٺھيا.

سندس عدالت به پڪي قلعي ۾ ئي هلندي هئي. مير فتح علي خان ٽالپر ۽ سندس ٽي ڀائر، المعروف چار يار، حيدرآباد جي معاملات کي سنڀاليندا هئا. سندن دور حڪومت گھڻو ڊگھو نه هليو، ۽ جلد ئي 1843ع ۾ 24 مارچ تي برطانوي قوتن کان جنگ هارائڻ بعد حيدرآباد جو شهر انگريزن جي قبضي هيٺ اچي ويو ۽ ميرن جي صاحبي اختتام تي پهتي.

فائل:Hyderabad1889.jpg
حيدرآباد 1889ع ۾ ڏسجندي

برطانوي بيٺڪ وارو دور

[سنواريو]

17 فيبروري 18

حيدرآباد جو بادشاھي بنگلو 1863 ع ۾ امير مير حسن علي خان ٽالپر جي محل جي طور تي تعمير ڪيو ويو.
حيدرآباد 1800 جي آخر ۾. حيدرآباد ۾ گهرن جي ڇتين تي ٽڪنڊو اڏاوتون آهن جيڪي هوا پڪڙڻ ، هي هيٺيان گهرن ۾ ٿڌيون هوائون هلائين ٿيون.

43ع تي، صح جي وقت، انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري، حيدرآباد جي قلعي تي، 21 فيبروريءَ تي سنڌ جو ستن ڳاڙهين ۽ اڇين پٽين وارو جهندو لاهي، يونين جيڪ جو جهنڊو چاڙهي، سنڌ کي برٽش ايسٽ انديا ڪمپنيءَ جي ڪالونين ۾ شامل ڪري ڇڏيو. برٽش فوج قلعي اندر ڦرلٽ ڪري، زيورن ۽ جواهرن کانسواءِ ڏهه لک پائونڊن جيترو خزانو هٿ ڪيو، جنهن ۾ سر چارلس نيپئر کي ستر هزار پائونڊ حصي ۾ مليا.[5] برطانوي سوڀ کانپوءِ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ منتقل ٿي ويو، پر حيدرآباد جون گھڻيون (اڪثر) پڪييون ۽ سھڻيون برطانوي دور ۾ اڏيون ويون. حيدرآباد جي ويجھو سھني ۽ شاهڪار ڪوٽڙي واري ريلوي پُل پڻ انگريزن جي دور ۾ ٺھي هئي. ان کان سواءِ حيدرآباد ۾ ثقافتي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو آيو.

ھلندڙ پاڪستاني بيٺڪ جو دور

[سنواريو]

اڄ بدقسمتيءَ سان سنڌ جي هن تاريخي شهر ۽ ادبي ثقافتي مرڪز تي اردو ڳالهائيندڙ قوم جو قبضو آهي ۽ پڪي قلعي ۾ مڪڙ دهشتگردن جا هزارين گھر آباد آهن. شهر جي اڪثريت مڪڙ آهي ته شهر جو ناظم به مڪڙ آهي. پاڪستاني بيٺڪ قائم ٿيڻ شرط ڪراچيءَ کي وفاقي گاديءَ جو هنڌ بڻائي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو ۽ سنڌ جي گاديءَ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت ڪجھه سالَن لاءِ حيدرآباد هڪ ڀيرو وري سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ بڻيو هو. مگر پاڪستان جي قيام کان پوءِ لڳاتار ڪيترا ئي سالَ هندستان کان آيل مڪڙ دهشتگردن هٿان حيدرآباد ۾ رهندڙ امن پسند سنڌي هندو شهرين جو ڪوس ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت کين لڏڻ تي مجبور ڪري سندن سموريون ملڪيتون هندستاني مڪڙن ۾ ورهايون ويون.

فائل:Hydsndsat.jpg
left حيدرآباد شهر اپگرهه کان ڏسجندي
حيدر چوڪ ، حيدرآباد ، سنڌ

ڀُون نگاري

[سنواريو]
گُل سينٽر وارو چوراهو

حيدرآباد گنجي ٽڪر جي اُترين ٽڪريءَ تي آهي، جيڪا ويڪرائي ڦاڪَ 25.367 (اُتر) درجا ۽ ڊگھائي ڦاڪَ 68.367 درجا (اوڀر) تي، سنڌو درياءَ جي اڀرندي ڪپَ تي آهي. حيدرآباد جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا ئي ننڍا ننڍا شهر آهن، جهڙوڪ 6.7 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڪوٽڙي، 8.1 ڪلموميٽر جي فاصلي تي ڄامشورو، 5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هٽڙي، ۽ 7.5 ڪلوميٽر جي فاصلي تي هُوسڙي. حيدرآباد سنڌ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچيءَ کان تقريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر اوڀر ۾ سامونڊي سطح کان 13 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي.

نَو وديالا، سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو ڪيمپس

تعليم

[سنواريو]

حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا ئي سٺا تعليمي ادارا آهن.

آبهوا

[سنواريو]

حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو گھڻو ڪري (اڪثر) تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي، جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.

موسمي رڪارڊ : Hyderabad, Pakistan
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 33.3
(91.9)
38.2
(100.8)
43.4
(110.1)
46.0
(114.8)
48.4
(119.1)
48.5
(119.3)
45.5
(113.9)
43.9
(111)
45.0
(113)
44.0
(111.2)
41.0
(105.8)
36.0
(96.8)
48.5
(119.3)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
25.0
(77)
28.1
(82.6)
33.9
(93)
38.9
(102)
41.6
(106.9)
40.2
(104.4)
37.4
(99.3)
36.3
(97.3)
36.8
(98.2)
37.2
(99)
31.9
(89.4)
26.3
(79.3)
34.47
(94.03)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
11.1
(52)
13.6
(56.5)
18.5
(65.3)
23.0
(73.4)
26.2
(79.2)
28.1
(82.6)
27.8
(82)
26.7
(80.1)
25.3
(77.5)
22.3
(72.1)
17.3
(63.1)
12.5
(54.5)
21.03
(69.86)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
3.3
(37.9)
4.0
(39.2)
9.0
(48.2)
12.0
(53.6)
19.0
(66.2)
20.0
(68)
21.4
(70.5)
22.8
(73)
20.6
(69.1)
15.0
(59)
6.0
(42.8)
3.0
(37.4)
3.0
(37.4)
سراسري بارش

mm (inches)

1.2
(0.047)
3.9
(0.154)
5.1
(0.201)
5.8
(0.228)
3.5
(0.138)
13.9
(0.547)
56.7
(2.232)
60.8
(2.394)
21.4
(0.843)
1.5
(0.059)
2.1
(0.083)
2.0
(0.079)
177.9
(7.005)
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
272.8 257.1 288.3 288.0 313.1 279.0 235.6 251.1 285.0 306.9 279.0 272.8 3,328.7
Source #1: [6]

ذريعو #2: HKO (sun only, 1969–1989) [7]

معاشيات

[سنواريو]

آباديءَ جي گھڻائي (اڪثريت) جيئان، حيدرآباد جي ڪاروبار تي به مھاجر برادري ڇانيل آهي. هر ننڍو وڏو ڪاروبار اها آبادي يا برادري هلائي ٿي يا وري ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ گجراتي. هاڻي ته حيدرآباد جي شهر ۾ افغاني پناهگير به ڪاروبار ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان پوءِ مھاجر برادي جي ڪن فردن حيدرآباد ۾ چوڙين جا ڪارخانا لڳايا، جنهن کان پوءِ دنيا جو وڏي ۾ وڏي چوڙين جو صنعتي مرڪز حيدرآباد بڻجي ويو. ان کان سواءِ هن وقت حيدرآباد ۾ سمينٽ، صابڻ، شيشي جا ڪارخانا پڻ آهن. تنهن کان سواءِ سون ۽ دستڪاريءَ جا هنرمند پڻ آهن. ڀرپاسي جي ٻهراڙيءَ ۾ اپايل ميوي، ڪڻڪ، چانور، ۽ ڪپنھ جي وڪري جو مرڪز پڻ حيدرآباد آهي.

شهري انتظاميا

[سنواريو]

هن وقت حيدرآباد جي سموري شهري حڪومت مھاجر برادري جي هٿ وس آهي. سن 2005ع ۾ جڏهن حيدرآباد ضلعي کي ٽوڙي ان کان مٽياري، هالا ۽ ٽنڊو محمد خان جا تعلقا الڳ ڪيا ويا ته بچيل حيدرآباد ضلعي اسيمبليءَ ۾ پنهنجو پاڻ ئي مھاجر برادريءَ جي گھڻائي (اڪثريت) ٿي وئي ۽ ضلعي ناظم پڻ مھاجر برادي جو آهي. اهڙيءَ ريت مٽياري، جيڪو حيدرآباد کان لڳ ڀڳ 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، تنهن جي رهاڪن لاءِ به حيدرآباد ۾ سرڪاري ملازمت ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

اَچ وڃ

[سنواريو]
راجپوتانا اسپتال ڀرسان جو منظر، حيدرآباد، سنڌ

حيدرآباد روڊ، ريل، ھوائي ۽ درياءَ ذريعي پھچي سگھجي ٿو.

هوائي اڏو:
اڳي اهو چڱو خاصو هوائي اڏو هو، پر هن وقت لڳ ڀڳ بند پيو آهي. پي آئِي اي اتان هر هفتي ٽي اڏامون ڀريندي هئي. اڃا به ڪڏهن غير چارٽرڊ اڏام اتي لهي سگھي ٿي.

روڊ رستا:

نيشنل هاءِ وي حيدرآباد وٽان گذري ٿو جنهن کي اين 5 سڏيو وڃي ٿو، جيڪو اتر اولهه ڏانهن وڃي ٿو. اين 9 (جيڪو ساڳيو روڊ آهي اهو اُتر ڏانهن وڃي ٿو). سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي، ڪي ايل پي روڊ (ڪراچي، لاهور، پشاور روڊ)، هالا روڊ وغيره.
ريل رستو:

حيدرآباد ريلوي لائين تي ملڪ جي ھڪ وڏي جنڪشن آهي.ھتان ريلوي ٽريفڪ ھيٺ ڪراچيءَ تائين ۽ مٿي سکر، لاھور،راولپنڊي ۽ پشاور تائين ھلي ٿي.

شھر جي ريلوي اسٽيشن

ٻيڙيون:
اها ٽرانسپورٽ اڪثر مڇي پڪڙيندڙ ملاحن پاران استعمال ڪئي ويندي آهي.

ماڻهنگاري

[سنواريو]

ماڻهسيه (آبادي) جي لحاظ کان حيدرآباد سنڌ جو ٻيون، اڄوڪي پاڪستاني بيٺڪ ۾ اٺون ۽ دنيا ۾ ٻه سَو نائون (209) وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن وقت ان جي ماڻهسيه لڳ ڀڳ تيرهن لک اٺيتاليهه هزار ٻه سَو اٺاسي 1,348,288 آهي. حيدرآباد جي آباديءَ جي گڻائي (اڪثريت) مھاجر برادرين جي آهي. انتظامي اعتبار سان اڄوڪو حيدرآباد شهر ۽ ضلعو چئن تعلقن، حيدرآباد شهر، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي ۾ ورهايل آهي. انهن مان ٻن تعلقن، يعني ٻهراڙي ۽ قاسم آباد ۾ گھڻائي سنڌي آباديءَ جي آهي ته باقي ٻن وڏن تعلقن ۾ گھڻائي (اڪثريت) مھاجر برادرين جي آهي.

A سنڌي عورت سنڌو درياهه جي پاسي حيدرآباد جي ڀرسان

عوام ۽ سڀيتا

[سنواريو]

روايتي طور تي حيدرآباد سنڌ جو ثقافتي مرڪز سمجھيو ويندو رهيو آهي. جيتوڻيڪ پاڪستاني بيٺڪ جي قيام کان پوءِ حيدرآباد جي ان سڃاڻپ کي ڌڪ لڳو ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت سنڌي هندن کي زوريءَ لڏائي هندستان ۾ لڏي آيل مھاجر برادرين کي وسايو. ۽ سموريون ملڪيتون انھن کي ڪليمن ۾ ورهائي ڇڏيون. جنهن کانپوءِ حيدرآباد ۾ سنڌي ڳالھائڻ واري آبادي هندوستان مان لڏي آيلن جي ڀيٽ ٿوري گھٽ آهي.1988ع ۾ ٻنھي آبادين ۾ جھيڙي کانپوءِ 1990ع کان حيدرآباد ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ آبادي ۽ اردو ڳالھائيندڙ آبادين جون وسنديون لڳ ڀڳ ڌار ڌار ٿي ويون آهن.

حيدرآباد پنهنجي مذهبي رواداريءَ ڪارڻ پڻ مشهور آهي. حيدرآباد هندو ۽ مسيحي برادري ڏاڍي امن ۽ سلامتيءَ سان رهي ٿي.

ذريعا

[سنواريو]

اخبارون

[سنواريو]

حيدرآباد مان ڪيتريون ئي سنڌي توڙي غير سنڌي اخبارون نڪرن ٿيون. ڪجھه مقبول اخبارون هي آهن:

تنهن کان سواءِ حيدرآباد مان ڪيترا رسالا پڻ ڇپجن ٿا.

ڏور ڏيک

[سنواريو]

حيدرآباد ۾ هڪ نجي ٽي وي چينل شاليمار ٽيلي وزن پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. پر هيءُ هڪ نج پرائيويٽ چينل آهي ۽ ان تي سنڌي پروگرام نشر نه ٿيندا آهن.

فائل:NiazStadium.jpg
نياز ڪرڪيٽ اسٽيڊيئم حيدرآباد

حيدرآباد جا علائقا

[سنواريو]

ٽنڊو آغا

آغا ابراهيم شاه يا آغا اسماعيل شاهه يا مير ابراهيم شاه، سيد عبدالهادي شاه جو پٽ هو، جو اصل اصفهان جو ويٺل هو، جڏهن نادر شاه ايران تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو اتان نڪري سنه 1150ھ ۾ هندستان ۾ آيو ۽ مدراس ۾ اتي جي راجا جو خاص شاهي حڪيم ٿيو. انهيءَ وقت سنڌ جو حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙو هو، جنهن جي انهيءَ راجا سان دوستي هئي. انهي جي چوڻ تي راجا سيد کي ميان ڏي ڏياري موڪليو، جنهن هن کي گهڻي تعظيم ڏني. سگهوئي پوءِ راجا مري ويو ۽ سيد هتي رهجي پيو ۽ ميان جو وڏو امير ۽ شاهي حڪيم ٿيو. ميان نورمحمد جي مرڻ کان پوءِ ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ عبدالهادي شاهه جو پٽ مير ابراهيم شاه به اچي پيءُ سان گڏيو. ٻاويهن ورهين جي جدائيءَ کان پوءِ هو ٻئي پاڻ ۾ گڏيا. جڏهن سنه 1193ھ ۾ مير عبدالهادي شاهه وفات ڪئي، تڏهن مير ابراهيم شاهه پيءُ جي جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ ڪلهوڙن وٽ اڳوڻي ساڳي عزت پائيندو آيو. ڪڏهن وڪيل ٿي خراسان ۽ ڪابل جي بادشاهن ڏي به ويندو هو. جڏهن ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا، تڏهن مير ابراهيم شاهه جنهن کي آقا سڏڻ لڳا سو هنن وٽ به ساڳي عزت پائڻ لڳو. سنڌ هٿ ڪرڻ ۾ هن مير فتح علي خان ٽالپر کي گهڻي مدد ڏني. هن جو وڏو پٽ آغا اسماعيل شاهه ميرن جي پاران ٻارهن ورهيه ڪابل جي امير وٽ اول ۾ رهيو. آغا ابراهيم شاهه کي اٺ پٽ هئا، جن مان چار ته شڪارپور جا نواب ٿي رهيا: آغا زين العابدين شاهه ٻه ورهيه، جو پوءِ ڪراچيءَ جو به ڇهه ورهيه نواب هو؛ آغا تقي شاهه ٽيهن ورهين تائين؛ آغا ابراهيم شاهه چئن ورهين تائين ۽ آغا ڪاظم شاهه تيرهن ورهين تائين. ڪاظم شاهه ٽالپرن ۽ افغانن جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي هئي، تنهن ۾ مارجي ويو ۽ انهي سان گڏ خيرپور جي لشڪر جو سردار گولو شاهه به مارجي ويو. اهي آغا صاحب حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي پنهنجي ٽنڊي ۾ رهندا هئا، جنهن کي آغا جو ٽنڊو يا آغا اسماعيل شاه جو ٽنڊو ٿا چون. سندن اولاد اڃا اُتي رهندو اچي.[4]

ٽنڊو قيصر

قيصر فقير نظاماڻي _ مير فتح علي خان جو هڪڙو امير هو. جڏهن عبدالنبي ڪلهوڙو ڀڄي قلات جي خان وٽ مدد لاءِ ويو، تڏهن قيصر نظاماڻي کي مير وڪيل ڪري اوڏي موڪليو ۽ مير صاحب جي خواهش موجب چڱو ٺهراءَ ڪيو ويو. قيصر جو ٽنڊو، جو حيدرآباد کي ويجهو آهي، سو هن قيصر نظاماڻيءَ جو ٻڌل آهي. انهيءَ جو اولاد اڃا اُتي رهي ٿو.[4]

گدو بندر-- گدواڻي گهٽي

گدومل (ديوان) _ ديوان گدومل، پيلي مل جو پٽ هو. هن جو ڏاڏو اڏيو مل شاهواڻي هو، جو اصل سيتپوريا حاجي پور جو رهاڪو ۽ کتري هو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ سکر ۾ ميان آدم شاه ڪلهوڙي وٽ اچي نوڪر ٿيو. پوءِ لڏي شڪارپور ويو ۽ اتي هڪڙي وڏي شاهوڪار جي گهران پرڻيو ۽ ٻه پٽ ڄاوس. جن کي گهڻو اولاد ٿيو، جو اڃا حيدرآباد ۾ آهي ۽ اُهي سڀ گدواڻي ٿا سڏجن. حقيقت ڪري گدواڻي گدومل جي ڀائن جو اولاد آهن، خود کيس اولاد ڪونه هو. گدو مل ڪلهوڙن وٽ ديوان هو ۽ وڏو درٻاري ۽ صلاحڪار هو. جڏهن ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر آيا، تڏهن انهن وٽ به ساڳي عزت لڌائين ۽ هنن جي طرفان دهليءَ جي شهنشاهه وٽ وڪيل ٿي ويندو هو. پر مير غلام علي خان کي منجهس دغا جو شڪ پيو، تنهن جي اشاري سان ڪن ماڻهن هن کي سندس گهر ۾ لٺين سان ماري ڇڏيو. گدوءَ جو ٽنڊو يا گدو بندر ۽ حيدرآباد جي گدواڻي گهٽي ٻئي هن جي نالي جي پٺيان ٿا سڏجن.قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوروميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڪيل ديوان گدومل، خداآباد کان ٻيڙين ۾ چڙهي اچي اُلهندي طرف حيدرآباد جي سامهون لٿو. گدومل اتي ئي رهائش اختيار ڪئي ۽ اهڙي ريت گدو بندر ۽ گدوءَ جي ٽنڊي جو بنياد پيو.[8]

ٽنڊو ٺوڙهو

نواب ولي محمد لغاري غلام محمد خان جو پٽ هو، جو ٽين پيڙهي منگهن جو پٽ هو، جو لغارين جو وڏو سردار هو. نواب ولي محمد خان ۽ پوءِ سندس پٽ نواب احمد خان ميرن سان شامل رهيا. جڏهن ميرن ميجر آؤٽرم تي ڪاهه ڪئي، تڏهن نواب احمد خان به ساڻن هو. انهيءَ جو اولاد اڃا هليو اچي ۽ تاجپور ۾ ٿو رهي. نواب محمد خان ٺوڙهو به هنن لغاري نوابن جو مائٽ هو. ٺوڙهن جو ڏاڏو ڄام جيند هو، جيئن لغارين جو منگهن هو. ڄام جيند جي ڏوهٽي منگهن جي گهر ۾ هئي. نواب محمد خان جي چاچي خير محمد خان ۽ نواب ولي محمد خان جون مائون پاڻ ۾ ڀيڻون هيون. نواب محمد خان الهه بخش خان جو پٽ هو، جو خير محمد خان جو ڀاءُ هو. نواب محمد خان کي پٽ ڪونه هو. خير محمد خان جو پٽ دوست علي خان هو، جو پڻ مياڻيءَ واريءَ جنگ ۾ ميرن سان گڏ وڙهيو. نواب ولي محمد خان جي نياڻي دوست علي خان جي گهر ۾ هئي. انهن جو اولاد به لغاري نوابن سان گڏ تاجپور ۾ رهندو اچي ۽ ٻئي وڏا جاگيردار آهن. سندن احوال ۽ شجرو سنڌ جي تاريخ ۾ ڏنل آهي. ٺوڙهي جو ٽنڊو انهيءَ نواب محمد خان ٺوڙهي جو سڏبو آهي، جو حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي آهي.[4]

مڪي شاھ

اٽڪل ٻارهين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ڌاري هڪ هڪ درويش مڪي شريف مان آيو. جنهن هن وسندي کي پنهنجو گهر ٺاهيو. اهو درويش شيخ سيد محمد مڪي، جنهن جي درگاهه ”شاهه مڪائي“ يا ”جِئي شاهه“ جي نالي سان مشهور آهي. ٻارهين صديءَ بعد سيد محمد مڪيءَ جي درگاهه، نيرون ڪوٽ جو نمايان نشان رهي. قلعي واري ايراضي ۾ ۽ ان جي آسپاس اوائلي عربي دور جا بزرگ به دفن ٿيل هئا.[9] 1185ھ ۾ ميان غلام شاهه، حضرت سيد محمد مڪيءَ جي مزار جي حفاظت لاءِ ڪچو قلعو ٺهرايو، جنهن کي اُتر طرف گهڻي ڀاڱي ۾ وڌايو ويو. انهيءَ اُترئين ڀاڱي جو دروازو اُڀرندي طرفان جدا آهي، ۽ انهن برجن ۾ شايد ميان صاحب هتي پنهنجا فوجي دستا رکيا هوندا. ته جيئن ڏکڻ طرفان ٿيندڙ حملي کي منهن ڏيئي سگهجي. ٽڪري، جي اُترئين ڇيڙي تي، هاڻوڪي جبل کان اتر اولهه طرف، ميان صاحب پنهنجي مقبري جي جاءِ چونڊ ڪئي ۽ ان جي بچاءَ لاءِ چوڌاري ڪچو قلعو ٺهرايو. انهيءَ قلعي جي دروازي وارا برج ڏيکارين ٿا ته اُتي به انهي اترئين پاسي جي چوڪسيءَ خاطر فوجي چوڪي قائم ڪئي ويئي هئي.[8]

شاھي بازار جي ٻنهي پاسن وارا علائقا

1789ع ۾ مير فتح علي خان، خداآباد کي هميشه لاءِ ڇڏي، هڪ باقاعدي تجويز ۽ تياريءَ سان اچي حيدرآباد کي تخت ۽ طاقت جو مرڪز بنايو. پهريائين شهر جي سٽاءَ ۽ آباديءَ طرف ڌيان ڏنائين. خداآباد ۾ جيئن وچان سڌي بازار هئي، تيئن حيدرآباد جي قلعي جي دروازي جي سامهون سڌي بازار قائم ڪيائين. جيئن ته اڳين آبادي انهي شاهي بازار جي منڍ کان اوڀر – اُتر طرف هئي ۽ اها سڄي مسلمان آبادي هئي، انهي ڪري شاهي بازار جي اوڀر طرف مسلمانن کي آباد ڪيائين. شاهي بازار جي اولهه طرف، قلعي جي سامهون شايد اڳ به ڪجهه مسلمان آبادي هئي، جا گاهڻي اڳتي جمن شاهه جي پڙ تائين وڌي. جڏهن ته انهيءَ ٽڪر ۾ ديوان گدومل ۽ سندس ڪٽنب کي، جي گدو بندر مان لڏي آيا. ”مير محمد خان جي پڙ“ جي ڀرسان اڀرندي طرف جاءِ ڏني وئي- گدواڻي گهٽي انهيءَ ڪٽنب جي اصلي جاين جو يادگار آهي. وڏو ڌيان ڪاريگرن ۽ ڪاسبين جي آباديءَ تي ڏنو ويو، جيئن هنر جي ترقي ٿئي ۽ ڪارخانن ذريعي شهر شاهوڪار ٿئي. واڍا ۽ رازا خدا آباد مان آندا ويا، ۽ انهن خدا آباد واڍن کي ”واڍن جي پڙ“ واريءَ اراضي ۾، ۽ رازن کي کاهي روڊ واري زمين تي آباد ڪيو ويو. فوجي ضرورت لاءِ- ”تيوَرا“ قبيلي جا ماڻهو، جي تراريون صاف ڪندا هئا: رتناڻي، جي خيما دور يا تنبو ٺاهيندڙ هئا: نال بند ۽ نوبتون نغارا مڙهيندڙ ”بزرگر“ آڻي ويهاريا ويا. ”گولي انداز“ جيڪي ڪلهوڙن جا فوجي ماڻهو هئا، تن کي پهريائين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو، جنهن ڪري شهباز خان روپوش رهيو (۽ چون ٿا ته وفات به اتر سنڌ ۾ ڪيائين، ۽ کيس آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو)، پر پوءِ گولي اندازن جي دلجوئي ڪري کين آباد ڪيو ويو. بندوقون ۽ هٿيار ٺاهيندڙ مستري ۽ لوهار تاڙي ”خاطو بند“ ڪاريگر وري هٿيارن جي ڳنن توڙي عاج ۽ ڪاٺ جي سامان تي جڙاوت جو ڪم ڪندا هئا، تن کي وسايو ويو. ڀائي خان، جنهن جي نالي چاڙهي سڏجي ٿي، سو ترارين ٺاهڻ جو ڪاريگر هو. بهرحال، مير فتح علي خان جي عهد ۾ کانئس پوءِ حيدرآباد ڪاسبين، ڪاريگرن ۽ ڪارخانن جو مرڪز بنجي ويو. ڪوري، کٽي، کهنباٽي، رنگريز، زري دوز، پاٽولي، زرگر (سونارا)، وينجهر، چوڙيگر، ڦڻي گر، سراز، ڪمانگر يا نقاش، لوهار، ٺاٺارا، ۽ ڪاسائي شهر جي آباديءَ جو اهم حصو بنجي ويا. انهيءَ عام آبادي کان سواءِ ٽالپر حڪمرانن پنهنجن نوابن، خدمتگارن، آخوندن ۽ طبيبن کي به موزون جايون سندن حويلين، سرائن ۽ اوطاقن لاءِ ڏنيون. شهر جي آباديءَ جا خاص حصا شاهي بازار جي ٻنهي پاسي گهٽين، پاڙن يا پڙن جي نالن پويان مشهور ٿيا. ٽالپري عهد ۾ خاص شهري آباديءَ جو تفصيل لڳ ڀڳ هيٺينءَ طور هو.

(الف) شاهي بازار جو الهندو پاسو (ڏکڻ کان اُتر): قلعي جي دروازي آڏو وڏو برج هوندو هو، جنهن تان سڌو شاهي بازار تي توڙي اُلهندي ۽ اُڀرندي پاسن طرف نظر پيئي پوندي هئي. انهيءَ برج جي الهندي طرف ”مير نصير خان جو پڙ“ هو، جنهن جي ڀرسان اتر طرف ”مير محمد خان جو پڙ“ هو. انهيءَ جي ڀرسان جمعدار ڪَوڙي ناريجي جون حويليون هيون، جتي ناريجن واري مسجد اڃا تائين موجود آهي. هيٺ اولهه طرف ڀائي خان لوهار جو پاڙو ۽ پِڙ هو، جنهن تان ”'ڀائيخان جي چاڙهيءَ“ جو نالو پيو. انهي چاڙهي جي مٿان ٺاٺارن جو پاڙو هو. مٿي ”اصحابي جي قبر“ لڳ ، نال بندن جي مسجد ۽ پاڙو هئا. مير محمد خان پِڙ وٽ زرگر يا سونارا آباد هئا. ساڳيءَ جاءِ تي کٽين جو پاڙو هو، جي مير صاحبن جا ڪپڙا ڌوئندا هئا. منجهائن آخر ۾ حسين بخش کٽي هو، جو هزهائينس حاجي نور محمد خان وارن جا ڪپڙا ڌوئيندو هو. اُتان اُتر طرف اڳتي ”پرور شاهه جو پڙ“ هو، جنهن جي ڀرسان خاطوبندن جو پاڙو ۽ ' خاطو بندن جي گهٽي هئي، جا ”چوڙيگرن جي گهٽي“ پڻ سڏبي هئي: پاڪستان کان پوءِ اها ”ريشمي گهٽي“ جي نالي سان مشهور ٿي ويئي. گڏوگڏ جمن شاهه جي پڙ کان پوءِ وينجهرن جي پاڙو هو، جي مڻيا موتي مونڌيندا هئا. ان جي لڳ يتيم شاهه جي مزار هئي، جتي مير صاحبن طرفان مسجد جوڙائي ويئي. جيڪا مير غلام عليءَ جي نالي سان مشهور ٿي. ڀرسان مرزا لطف علي جو پڙ، ۽ بوچالي شاهه جو پڙ هو. جنهن تان ”بوچالي شاهه جي چاڙهيءَ“ تي نالو پيو. هيٺ وري ”پکا پير وارو اوتارو“ هو، جتي بلوچ سردان جي وڏي اوطاق هئي. جمن شاهه جي پڙ کان وٺي ڇوٽڪي گهٽيءَ تائين خداآبادي هندو ڀائيبند، ۽ ڇوٽڪي گهٽيءَ کان وٺي سري گهاٽ تائين خدا آبادي هندو عامل آباد هئا. هيٺ اُلهندي طرف ڪاساين جو پڙ ۽ احسان علي شاهه جو اوتارو هئا. جتي پڻ ٻاهريان قومي سردار اچي اوطاقي ٿيندا هئا.(ب) شاهي بازار جو اُڀرنديون پاسو (ڏکڻ کان اُتر): قلعي جي سامهون شاهي بازار کان اوڀر طرف جيڪا گهٽي اُتر- اوڀر رخ تي وڃي ٿي، اها ”طاهر بازار هئي، جنهن تي اهو نالو نواب سرائي طاهر خدمتگار جي نالي تان پيو. سرائي طاهر خدمتگار پاڻ قلعي اندر رهندو هو. طاهر بازار کان اندر تي اشرف شاهه بخاريءَ جي مزار وارو محلو هو. انهي لڳ، ”لونگ ڀڳت جي گهٽي“ واري اراضيءَ ۾ صيقل گر تيوَرا رهندا هئا، جي تراريون صاف ڪندا هئا. انهن مان عبدالڪريم تيوَرو، مير حاجي نور محمد خان واري وقت ۾ هو. تيوَرن جي ڀرسان ڦڻي گر رهندا هئا، جن جي پاڙي لڳ ”نهال شاهه جو پڙ“ هو. انهيءَ جي ڀرسان زري دوزن جو پاڙو هو. هتي جي ڪاريگرن جو زري دوزيءَ جو ڪم مشهور هو، ۽ ٽالپري عهد جي خاتمي بعد سال 1875ع ۾ پڻ هتي هڪ سئو ڪاريگر هئا، جي سون ۽ چانديءَ جي زري جو ڪم ڪندا هئا. هن پوئين زماني ۾ اوستو محمد صالح ۽ اوستو عبدالله زري دوزيءَ جي هنر جا آخري ڪاريگر ٿي گذريا. زري دوزن سان لڳ، ”کهنباٽي گهٽيءَ“ وٽ کهنباٽين جو ويڙهو هو، جي رڱاوت جو ڪم ڪندا هئا. ان جي ڀرسان فقير جوڻيجي خدمتگار جو پِڙ هو، جو هينئر عام طور تي ”فقير جو پِڙ“ سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان ميان يونس وارن جون حويليون هيون. ميان يونس جي نياڻي مير محمد نصير خان جي گهر ۾ هئي، ۽ ڏانهنس نظربنديءَ واري حالت ۾ مير صاحب جيڪي ڪلڪتي مان خط لکيا، سي ادبي لحاظ توڙي خانه داري تعلقات جي نقطي نظر سان وڏي اهميت رکن ٿا. انهي کان پوءِ نواب محمد خان ٽالپر جي نالي پويان جيڪا ”نواب جي چاڙهي“ يا ”ٺوڙهي جي چاڙهي“ سڏجي ٿي، ان جي ڏکڻ طرف رتناڻين جو پاڙو هو، جي ”خيمه دوز“ هئا، ۽ مير صاحبن جا تنبو ٺاهيندا هئا. منجهانئن بهادر خان مشهور ٿي گذريو آهي. انهن جي ڀرسان ڪمانگرن يا نقاشن جو پاڙو هو. چاڙهيءَ جي اُتر کان نواب صاحب جون سرائون ۽ اوطاقون هيون، جتي بعد ۾ جناب قاضي امام علي صاحب مختيارڪار ۽ مئجسٽريٽ جن رهڻ لڳا. ان جي ڀرسان طبيبن جو پاڙو هو، جن مان وڏو حڪيم محمود انصاري، سندس پٽ محمد حسن ۽ حڪيم محمد جعفر ٿي گذريا. اتان اڳتي ” گنج بخش جو پڙ“ هو، جتي پڻ نقاش رهندا هئا، ۽ اڃا تائين رهن ٿا. انهي بعد شيراڻي مُلن جو پاڙو ۽ اڳتي هاشماڻين ۽ حميراڻين جا پاڙا هئا. ان بعد ”ناهين جو پڙ“ هو، جتي ناهيان رهندا هئا. جي ڪلهوڙن جي ڏينهن کان فوج ۾ هئا ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ پڻ فوج ۾ شمار ٿيل هئا. ناهين جي پڙ جي اولهه ۾ کٽين جو ويڙهو هو، ۽ ان جي اولهه ۾ ”سانول شاهه جو پڙ“ ۽ ”مڇي هٽ بازار“ هئا. ساٽي انهيءَ مڇي- هٽ بازار ۾ اچي مڇي وڪڻندا هئا. ناهين جي پڙ جي اتر ۾ ”امير شاهه بخاري جو پڙ“ ۽ ”دينوءَ جو پڙ“ هئا. امير شاهه اُچ جي ساداتن مان هو ۽ مير نصير خان جي ڏينهن ۾ هتي آيو. دينو شيخ نيروٽي هو، ۽ سندس اولاد مان ميرن جو مشهور خفتي شڪاري ” محمد شينهن مار“ ٿيو. انهي بعد قاضين ساداتن جو پاڙو هو، جن مان مشهور شاعر فاضل شاهه ٿيو. انهن جي ڀرسان ”گل اندازن“ يعني گولي اندازن جو پاڙو هو، جن مان هن پوئين دور ۾ ميان علي بخش، ڊرائينگ جو استاد مشهور ٿيو. جيڪو هن وقت رٽائرڊ ۽ پيرسن آهي. گل اندازن جي اتر ۾ ڪوري رهندا هئا ۽ سندن ”ڪورين جو پڙ“ اڃا تائين مشهور آهي. ان جي اتر ۾ ”واڍن جو پڙ“ هو، جتي سندن ”واڍن جو پڙ“ مشهور آهي. واڍن جي پڙ کان اوڀر طرف ”خير شاهه جو پڙ“ هو، ۽ اتر طرف اوتارو هو، ۽ ٽيئن نمبر تلاءُ طرف سرازن جو ويڙهو هو. قلعي جي سرن لاءِ اوڀر طرفان مٽي ڪڍي وئي هئي، ۽ اُهي کڏو پاڻ ۾ ملي هڪ وڏي کاهي جي صورت ۾ بنجي پيو. جنهن کي ”ڪانگن کاڌي“ ڪري سڏيندا هئا. انهي تي اهو نالو چون ٿا ته انهي ڪري پيو جو اُتي ڪا ٻاجهريءَ يا جوئر جي پوک هئي، جا هاريءَ کان زوريءَ ڪانءَ کائي ويا. انهيءَ ڪري اها ٻني، جا کاهيءَ جي ڪپ تي هئي، ”ڪانگن کاڌي“ سڏجڻ لڳي ۽ نيٺ کاهيءَ تي ئي اهو نالو پئجي ويو. انهيءَ ”ڪانگن کاڌي“ تي به بلوچ سردارن جون اوطاقون هونديون هيون.[8] قلعي ۽ شهر جي انهي مرڪزي آبادي جي چوڌاري نوابن ۽ خاص ماڻهن جا ٽنڊ هئا. الهندي طرف گدوءَ جو ٽنڊو يا گدو بندر بدستور موجود هو. جهانيان پوٽه ساداتن مان سيد ويڌل شاهه بن سيد حامد ڪبير جهانيان رحه، جو اصل شاهپور جهانيان (تعلقو مورو) مان بڙودي طرف هليو ويو هو، سو مير صاحبن جي پيغام تي حيدرآباد آيو ۽ جيئن ته هتي سندس پٽ حاميد شاهه وفات ڪئي، انهيءَ ڪري صفا الهندي طرف، ٽڪر جي هيٺيان، ”ٽنڊو جهانيان“ آباد ڪري، هميشه لاءِ ويهي رهيو. ٽنڊي جهانيان جي اوريان ڏکڻ طرف، ۽ گدو واري رستي کان اتر طرف، چانگ قبيلي مان هڪ مرداڻي عورت ”مائيءَ ماهڻ“ جي نالي پويان ”مائي ماهڻ جو ٽنڊو“ مشهور ٿيو، جتي اڄ تائين ڪي گهر آباد آهن. مٿي ٽڪر تي يونيورسٽيءَ جي اولهه طرف، ”اميدن ڀرئي“ جي مقبري کان وٺي ڪليڪٽري تائين، وزيراعظم نواب ولي محمد خان لغاري جو ”ٽنڊو نواب ولي محمد“ هو. انگريزن جي قبضي بعد اها آبادي هاڻوڪي ٽنڊي ولي محمد واريءَ جاءِ تي منتقل ڪيئي ويئي. هيٺ ڏکڻ طرف مير غلام حسين خان ”ٽنڊو غلام حسين“ ٻڌو. قلعي ۽ شهر کان اوڀر طرف، مير محمود خان جي حويلين ۽ اوطاقن پويان ”ٽنڊو مير محمود“ قائم ٿيو. ان جي اتر طرف حڪيم ۽ وزير آغا اسماعيل شاهه ۽ سندس اولاد جي پاڙي جي نالي پويان ”ٽنڊو آغا“ ٿيو. اتان هاڻوڪي ريلوي کان ڏکڻ طرف، محمد يوسف خدمتگار ”ٽنڊو يوسف“ ٻڌو. ٽنڊي مير محمود جي اولهه ۾ طيب خدمتگار ”ٽنڊو طيب“ ٻڌو. نواب محمد خان ٽالپر جي نالي پويان. ڦليليءَ جي اُڀرندي طرف ”ٽنڊو ٺوڙهو“ مشهور ٿيو. مير شهدادخان جي ماڻهو، الهداد چنڊ، سندس ڳوٺ نسبتا پوئين دور ۾ ٻڌو. ساڳيءَ طرح، الهندي پاسي ٽنڊي مير نور محمد خان به پوئين دور ۾ ٻَڌايو. ٽالپري عهد کان پوءِ هن شهر ٻه وڏا انقلاب ڏٺا آهن: 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي غاضبانه قبضو ۽ ان بعد، سئو کن سال کان پوءِ، 1947ع ۾ پاڪستان جو قيام. انگريزن جي قبضي، هتان جي نيڪنامي، اخلاق، تمدن ۽ روايات ۾ جيتريقدر ڦيرو آندو، اوتروئي حيدرآباد شهر جي در ۽ ديوار کي تبديل ڪيو. حيدرآباد حڪومت جو تختگاهه نه رهيو ۽ ڪراچي ٿي ويو. هتان جا حڪمران قيد ٿي وڃي ڪلڪتي ۾ ڏينهن ڪاٽڻ لڳا ۽ پويان قلعي واريون جايون ڦٽي ويون. حاڪمن جي وئي کان پوءِ نواب ۽ خدمتگار پڻ ڌڪاڻجي ويا ۽ ٽنڊن ۾ طراوت ۽ تازگي نه رهي. هتان جا عالم، اديب، آخوند ۽ طبيب ڏتڙجي ويا. نئين دور ۾ نوان قانون ۽ نوان لاڙا پيدا ٿيا. پراڻي آبادي مان رڳو هندو عامل ۽ ڀائيبند اوج کي پهتا ۽ سندن دولت سببان نيون جايون ۽ نوان پاڙا وڌيا. ڏکڻ طرف هيرآباد ٺهيو. جاءِ جي تنگي سببان قلعي جهڙي تاريخي يادگار کي پڻ هڪڙي پاسي کان ڊاهي، نيون جايون جوڙايون ويون. الهندو ڪچو ۽ صدر ٻئي نئين دور ۾ آباد ٿيا. سرڪاري آفيسون، اسڪول، اسپتالون ۽ ڪاليج نئين دور جي ترقيءَ جا نشان بنيا. حيدرآباد جو شهر ريلوي ذريعي ڪراچي ۽ سکر، بلڪ بمبئيءَ ۽ لاهور سان ڳنڍجي ويو. 1947ع ۾ هندو عامل ۽ ڀائيبند، تن هي خالي ڪيو ۽ ڌرتي ڌڪاڻجي انڊيا هليا ويا ۽ سندن جاءِ اچي مهاجر آبادي اردو ڳالهائيندڙ آبادي والاري. 1947ع کانپوءِ حيدرآباد جي آدمشماري ايترو ته وڌي جو ان جو گذريل تاريخ ۾ مثال ئي ڪونهي. شهر جي گوشي گوشي ۾ نئين آبادي وڌڻ سان گڏ ”شاهه لطيف آباد“ جهڙو حيدرآباد جو نئون ڀاڱو آباد ٿيو. ڪوٽڙي براج جو ٺهڻ، وڏن ڪارخانن جو قائم ٿيڻ، سنڌ يونيورسٽيءَ جو حيدرآباد ۾ منتقل ٿيڻ، ريڊيو اسٽيشن کلڻ ۽ ڪمشنري پوڻ، هن نئين دور جا نمايان نشان آهن.[8]

مذھب

[سنواريو]
حيدرآباد ۾ مذهب
Religions Percent
اسلام
  
94.0%
هندومت
  
5.0%
ٻيا
  
1.0%

جاگرافي

[سنواريو]
سنڌونديءَ تي سانجھيءَ وير

حيدرآباد جون ديھون

[سنواريو]

حيدرآباد ضلعي ۾ ٽوٽل 106 ھيٺ ڏنل ديھون آھن:
آبڙي ديھ،



پڻ ڏسندا

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "PROVISIONAL SUMMARY RESULTS OF 6TH POPULATION AND HOUSING CENSUS-2017". pbs.gov.pk. حاصل ڪيل 24 November 2017. 
  2. "Sindh population surges by 81.5 pc, households by 83.9 pc". Thenews.com.pk. 2 April 2012. http://www.thenews.com.pk/Todays-News-13-13637-Sindh-population-surges-by-81.5-pc,-households-by-83.9-pc. Retrieved 21 April 2013. 
  3. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛ مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن: پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ: فائين ڪميونيڪيشن، حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ.
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  5. جنت السنڌ صفحو 745
  6. World Weather Information Service
  7. "Climatological Information for Hyderabad, Pakistan". Hong Kong Observatory. حاصل ڪيل 2011-05-04. 
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ
  9. ايليئٽ ۽ ڊائوسن; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ