جمال الدين فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جمال الدين فقير، سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ ٻوٻي اسٽيشن ۾ 1952ع ۾ مصري فقير جي گهر، ڳوٺ ڇٽڻ وساڻ ۾ ڄائو. هو سنڌ جي تصوف واري جمالي روپ جو گائڪ فقير منش صفت رکندڙ هو. فقير سنڌ جو عوامي راڳي رهيو. پاڻ بيماري وگھي 26 جون 2016 تي انتقال ٿي ويو.

گھرو زندگي[سنواريو]

جمال الدين فقير صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي، جمال الدين فقير 25 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي مامي جي گهران شادي ڪئي، کيس پنج پٽ ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي.

راڳ جو سفر[سنواريو]

درگاهه منٺار فقير راڄڙ کپري جي مريد مصري فقير، جمال الدين کي سندس ننڍپڻ کان ئي درگاهه تي وٺي ويندو هو، ننڍي هوندي کان ئي درگاهه سان تعلق هئڻ ڪري پاڻ صوفي راڳي طور اڀريا، سندس پهريون پروگرام 1988ع ۾ پي ٽي وي تان نشر ٿيو، ان بعد سندس هڪ انٽرويو ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيو، ان بعد مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پروگرام نشر ٿيندا رهيا. جمال الدين فقير سنڌ جي مشھور صوفي فنڪار سهراب فقير جي انداز ۾ ڪلام پيش ڪندو هئو. هو پاڪستان کان ٻاهر گورنمينٽ ڪلچرل ڊپارٽمينٽ طرفان اٽلي، جنيوا، سوئيٽزرلينڊ، لنڊن، بيلجيم ۽ آمريڪا سميت ترڪي ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو هو. کيس شھرت ڏيندڙ ڪلام، اها مٽي حڪم ڪريندي هزار، آئون نچڻ واري تنهنجي ڀولڙي ۽ هم صنم ڪي در سي شراب پي آئي. انهن ڪلامن کيس عوام ۾ ڏاڍي مقبوليت بخشي. ترڪي جي دوري دوران پڻ هن کي ترڪيءَ ۾رهائش جي آڇ ڪئي وئي پر جمال فقير سنڌ سان ازلي محبت خاطر اهي سموريوبن آڇون ۽ آسائشون ٺڪرائي ڇڏيون. صوفي راڳ جَي راڻي جمال فقير جو چوڻ هو ته منهنجي جنم ڀومي سنڌ آهي، سنڌ امڙ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.

انعام ۽ ايوارڊ[سنواريو]

کيس کوڙ سارا ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه لطيف جا ٻه ايوارڊ، هڪ 2001 ع ۾ ۽ ٻيو 2013ع ۾، هڪ سچل سرمست ايوارڊ به مليو، پي ٽي وي طرفان به ٻه ايوارڊ ڏنا ويا، آمريڪا ۾ سانا ڪنوينشن ايوارڊ ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا.[1]

انتقال[سنواريو]

سندس انتقال 26 جون 2016 تي شديد بيماريءَ جي ڪارڻ ٿيو. جمال فقير کي سانگهڙ ويجهو ڳوٺ رشيد خان مري جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.[2]

حوالا[سنواريو]