جامع مسجد ٿل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جامع مسجد ٿل، وادي ڪمراٽ، دیر

جامع مسجد ٿل
جامع مسجد تھل
بنيادي ڄاڻ
جاءِ ڪمراٽ، دیر، پاڪستان
وابستگي اسلام
تاريخ تعمير 1865ع
منارا 4

جامع مسجد ٿل (جامع مسجد تھل) هڪ جامع مسجد آهي جيڪا دير بالا ضلعي ۾ واقع آهي جنهن کي ڪمراٽ وادي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، توهان چئي سگهو ٿا ته اها ڪمرات وادي جي مکيه جامع مسجد آهي. هن مسجد جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها خالص ڪاٺ جي ٺهيل آهي. مسجد جا ٿنڀا ۽ ٿلها تمام وڏا آهن، جن کي ان وقت مشينري کان سواءِ نصب ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.

چيو وڃي ٿو ته هيءَ مسجد 1865ع ۾ ٺهي هئي. 1930ع ۾ هن مسجد ۾ باهه لڳي، جنهن سبب هن مسجد کي جزوي نقصان پهتو. ان کان پوء مقامي ماڻهن ان جي تعمير ۽ مرمت ۾ حصو ورتو ۽ ان کي ڪاٺ سان ٻيهر تعمير ڪيو.

1998ع ۾ مسجد جي ٻي منزل تي ڪم شروع ٿيو ۽ مسجد جي تعمير اٽڪل 9 سالن ۾ مڪمل ٿي.

هيءَ مسجد وادي ڪمرت ۾ واقع آهي، جتي موسم اڪثر سرد رهي ٿي، ۽ سردي سان بچڻ لاءِ هن مسجد ۾ هڪ اينگھيٽي به ٺاهي وئي آهي.

ڪمراٽ وادي ۾ سياحت جي واڌاري کان پوء، هي ڪاٺ جي مسجد سياحن جي ڪشش بڻجي وئي آهي.