تانسو چلر
تانسو چلر | |
---|---|
(ترڪي ۾: Tansu Çiller) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 24 مَئي 1946 (78 سال)[1][2][3][4] استنبول [5] |
شھريت | ترڪي |
ٻارن جو تعداد | |
عملي زندگي | |
پيشو | سفير ،سياستدان |
ڪم جي ٻولي | ترڪي ٻولي ،انگريزي ٻولي ،جرمن ٻولي |
دستخط | |
ترميم |
تانسو چلر 24مئي 1946ع تي استنبول ۾ جنم ورتو ۽ 1993ع کان 1995ع تائين ترڪي جي پهرين عورت وزيراعظم رهي. هوءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ بنگلاديش جي خالده ضياءَ کان پوءِ ڪنهن مسلم ملڪ جي ٽين عورت وزيراعظم هئي. 20 هين صدي ءَ ۾ جيڪي عورتون مختلف ملڪن جو سربراهه رهيون، تن مان هوءَ ايڪٽيهين عورت سربراهه هئي. شهيد بينظير صاحبه جڏهن ٻئي دؤر ۾ پاڪستان جي وزيراعظم هئي، ان وقت ترڪي ۾ تانسو چِلر ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهي هئي. تانسو چِلر سياستدان هئڻ سان گڏ اقتصادي ماهر پڻ رهي آهي، جڏهن ته سياست ۾ حصي وٺڻ کان اڳ ۾ هوءَ پنهنجي مڙس عذير سان (جنهن سان هن جي 1963ع ۾ شادي ٿي هئي) گڏجي آمريڪا ۽ ترڪيءَ ۾ پراپرٽيءَ جو ڪاروبار ڪندي هئي. سندس والد 1950ع ۾ ترڪيءَ جي صوبي بالسيڪ جو گورنر رهيو هو.
تعليم
[سنواريو]چِلر استنبول ۾ آمريڪن ڪاليج آف گرلس مان تعليم پرائڻ کان پوءِ رابرٽ ڪاليج جي اسڪول آف اڪنامڪس مان گريجوئيشن ڪئي. يونيورسٽي آف نيو هيمپشاير مان ايم ايس ۽ يونيورسٽي آف ڪنيڪٽيڪَٽ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ييل يونيورسٽي (Yale University) مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي تعليم حاصل ڪيائين.
نوڪري
[سنواريو]فرينڪلن ۽ مارشل ڪاليج ۾ اڪانامڪس پڙهائڻ کان پوءِ سال 1978ع ۾ هوءَ استنبول ۾ باسفورس يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ 1983ع ۾ ساڳئي اداري طرفان کيس پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هن پيننسيلوينيا ۾ فرينڪلن ۽ ڪمپنيءَ جي صدر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيو هو. تانسو چلر مختلف يونيورسٽين ۾ پروفيسر طور پڙهائڻ کان پوءِ نومبر 1990ع ۾ ”ٽرو پاٿ پارٽي “ (True Path Party) ۾ شامل ٿي ترڪيءَ جي سياست ۾ پير پاتو. هوءَ پهريون ڀيرو 1991ع ۾ استنبول جي ڊپٽي طور چونڊجي پارليامينٽ جي ميمبر بڻي ۽ سليمان ڊيمرل جي اتحادي حڪومت ۾ اقتصاديات کاتي ۾ مملڪتي وزير طور ڪم ڪيو. 13 جون 1993ع تي پارٽيءَ جي سربراهه بڻجڻ کان پوءِ هن اتحادي حڪومت ۾ وزيراعظم جو عهدو سنڀاليو. ريپبليڪن پيپلز پارٽي (CHP) طرفان 1995ع ۾ اتحادي حڪومت جي حمايت واپس وٺڻ کان پوءِ هن سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ناڪام ٿي. بعد ۾ هن ريپبليڪن پارٽيءَ سان گڏجي هڪ ٻي ڪابينا جوڙڻ تي رضامندي ڏيکاري ۽ نين چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو. تانسو چلر 1996ع کان 1997ع تائين ترڪيءَ جي پرڏيهي معاملن واري وزير ۽ نائب وزيراعظم پڻ رهي هئي. سسرلڪ اسڪينڊل کانپوءِ هن سخت گير قومپرست پارٽيءَ گري وولوز جي سربراهه (جنهن کي سسرلڪ ڪارڪرئش دوران قتل ڪيو ويو هو) کي ساراهيندي چيو هو ته ”اهي جيڪي گوليون هلائين ٿا يا هن ملڪ، قوم ۽ رياست جي نالي ۾ زخمن جو تاب ڀوڳين ٿا، اسان انهن کي سدائين عزت ۽ احترام سان ياد ڪندا رهنداسين.“ 1997ع ۾ ان کان اڳ جو هوءَ وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي چوٿين ڪابينا جوڙي ها، کيس پوسٽ ماڊرن فوجي ڪاروائيءَ ذريعي هٽايو ويو. 1995ع ۾ يورپي يونين ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ڪسٽمز معاهدي تي صحيون ڪيون ويو هيون، جنهن تي عملدرآمد 1996ع ۾ شروع ٿيو هو. ان وقت ترڪيءَ ۾ تانسو چلر وزيراعظم هئي. 1996ع ۾ ترڪيءَ جي پاڙيسري ملڪ يونان سان اِميا/ڪاردڪ بحران دوران پڻ هوءَ ترڪي جي وزيراعظم هئي. تانسو چلر کي اهم ڪاميابي ترڪيءَ جي فوج جي ڪري ملي هئي، جنهن آمريڪا طرفان مليل هٿيار استعمال ۾ آڻيندي ”ڌڪ هڻي ڀڄو“ واري چال استعمال ڪندي ڪردن جي پارٽي پي ڪي ڪي کي شڪست ڏني هئي. هوءَ آمريڪا کي پي ڪي ڪي کي ”پرڏيهي دهشتگرد تنظيم“ قرار ڏيڻ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي وئي هئي، جنهن کان پوءِ ساڳي جماعت کي يورپي يونين طرفان قبوليت ڏني وئي هئي. سندس حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ترڪيءَ جي پارليامينٽ ۾ سندس خلاف بدعنوانين جي الزامن جي جاچ پڻ ڪئي وئي هئي. اڳتي هلي هڪ ٻئي وزيراعظم ميسوت يلماز سان گڏ کيس فني طور محدود هئڻ جي بنياد تي پارليامينٽ جي جاچ ڪميٽي طرفان سڀني الزامن مان آجو قرار ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ ا هو پڻ چيو ويو هو ته ”کيس سياسي مزاحمت جي ڪري الزامن کان آجو قرار ڏنو ويو هو.“ هوءَ ترڪيءَ جي اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪائونسل آف وومن ورلڊ ليڊرس جي به ميمبر رهي، جيڪو موجوده ۽ اڳوڻين وزيراعظمن تي مشتمل عالمي نيٽ ورڪ آهي، جنهن جو مقصد سڄي دنيا ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل عورت اڳواڻن کي عورتن جي حقن ۽ سندن منصفاڻي ترقيءَ وارن مسئلن تي اجتماعي طور قدم کڻڻ لاءِ سرگرم ڪرڻ آهي. 2002ع ۾ ترڪيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عام چونڊون ڪرايون ويون ته سندس پارٽيءَ پڻ چونڊن ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. هن ڀيري به چونڊن ۾ سندس پارٽيءَ کي شڪست ملي، جنهن کان پوءِ هن سياست تان ريٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو. تانسو چلر ، مٿس ڪرپشن جي لڳل الزامن جي باوجود، پنهنجي ترقي پسند، سيڪيولر ۽ لبرل سوچ سبب ترڪيءَ جي عورتن لاءِ رول ماڊل رهي آهي. 1992ع ۾ لبيا جي سربراهه معمر ڪرنل قذافيءَ کيس ”اسلامي عورتن جي لاءِ هڪ نمونو“ قرار ڏنو هو. سياست ۾ سندس اچڻ ڄڻ ته ترڪيءَ جي ماڻهن جي لاءِ هوا جو جھوٽو سمجھيو ويو هو. هوءَ خوش لباس هئڻ سبب مقبول هئي. تنهنڪري هن سياست ۾ پڻ گليمر آندو هو کيس جديد ترڪيءَ جي علامت پڻ چيو ويو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ subject named as: Tansu Çiller — FemBio ID: https://www.fembio.org/biographie.php/frau/frauendatenbank?fem_id=5882 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/ciller-tansu — subject named as: Tansu Çiller — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ subject named as: Tansu Ciller — Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000020750 — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License