بودلو بهار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مخدوم سڪندر بودلو بهار
اردو: بودلہ بہار

مخدوم سڪندر المعروف بودلو بهار جي مزار سيوهڻ
مذھب اسلام
سلسلو قلندري سلسلو
قادري سلسلو
ٻيو نالو بودلو بهار، سڪندر بودلو
ذاتي وضاحت
جنم 602ھ (1238ع)
اچ شریف
موت 694ھ (1298ع)
سيوھڻ شريف
آخري آرامگاهه سيوھڻ شريف، سنڌ، پاڪستان
وڌيڪ ڄاڻ
شهر سيوھڻ شريف
خطاب بودلو بهار
دور ٻارهين / تيرهون صديء
پيشرو لال شهباز قلندر
مذهبي زندگي
استاد لال شهباز قلندر

بودلو بهار (انگريزيBodlo Bahar) (پيبائش: 1238ع- وفات: 1298ع) عالم هو. پاڻ هڪ درويش ۽ لال شهباز قلندر جي خاص خدمتگارن منجهان هو.[1][2]

زندگي جو احوال[سنواريو]

بودلي بهارجو اصل نالو مخدوم سڪندر ولد ديندار خان چنيهو هو. سندس تعلق ملتان سان هو. هيءُ بزرگ 602ھ مطابق 1238ع ۾ اُچ شريف شريف ۾ پيدا ٿيو. ننڍپڻ ۾ کيس صوفي بزرگن جي صحبت نصيب ٿي. جواني ۾ ملتان کان سيوهڻ شريف آيو. صوفياڻي ۽ روحاني رمز ۾ مبتلا ٿيو ته روحاني رهبر جي تلاش ۾ شهر ۾ اگهاڙو گهمندو ڦرندو هو. جڏهن کيس قلندر لال شهباز جي قربت نصيب ٿي ته سندس شمار قلندر جي پيارن طالبن ۾ ٿيڻ لڳو. بودلو بهار سڄي عمر ڪنوارو ۽ مجرد رهيو. روايتن موجب کيس هنود ڪاسائي ڪُٺو هو. بودلي بهار جي درگاھ سيوهڻ جي قديم قلعي جي ويجهو، قلندر جي مزار جي اتر ۾ واقع آهي. سيوهڻ ۾ بودلي بهار جي نالي سان ڪافي پڻ آهي. بودلو بهار اڪثر ڳاڙهو لباس اوڍيندو هو جنهنڪري سندس متولي توڙي فقير ڳاڙهو لباس پائيندا آهن.[1][2]

وفات[سنواريو]

بودلو بهار 694ھ بمطابق 1298ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار ٿي فقير روزانو گنگهرو پائي ڌمال هڻندا ۽ رقص ڪندا آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]