اھير (قمبر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اھير (قمبر)
ديھ اھير
ديھ
Deh Aheer
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ اھير ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
قمبر ضلعي جي ديھن واري نقشي ۾ ديھ اھير ڳاڙهي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
اھير (قمبر) is located in سنڌ
اھير (قمبر)
اھير (قمبر)
اھير (قمبر) is located in Pakistan
اھير (قمبر)
اھير (قمبر)
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°35′34″N 68°03′06″E / 27.59278°N 68.05167°E / 27.59278; 68.05167مڪانيت: 27°35′34″N 68°03′06″E / 27.59278°N 68.05167°E / 27.59278; 68.05167
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو قمبر شهدادڪوٽ ضلعو
تعلقو قمبر تعلقو
آبادي (2017)[1]
 • ڪل 5,794


ديھ اھير(انگريزي: Deh Aheer) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو جيئڻ ابڙو ۾ واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

شروع م اھا ديھ تپو ھڪڙا ۾ ھئي پوء ان کي نئين تپي جيئڻ ابڙو ۾ شامل ڪيو ويو. اھير سنڌين جي ھڪ ذات جو نالو آهي. ديھ ۾ ان ذات وارن جي ڳوٺ الھ بخش اھير جي واقع ھجڻ ڪري اھو نالو پيو. بورڊ آف روينيو سنڌ جي 1881 جي ديھ واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ اھير، خيرمحمد لورڙو ان جي بلڪل لڳ ڳوٺ ڳڙهي ملان ڇٽو ، کونھارن جو ڳوٺ, ميتلن جو ڳوٺ، ڳوٺ ليمون سانگي، ۽ ٻہ ننڍڙا غيرمعروف ڳوٺ واقع ھئا. ھاڻي ھن ديھ ۾ واقع معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ الھ بخش اھير، ڳوٺ عبدالمجيد ڀٽو، ڳوٺ پير محمد ميتلو ۽ ڳوٺ گل محمد مغيري شامل آهن.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ جيئڻ ابڙو، اوڀر ۾ ديھ دوآبو، ڏکڻ ۾ ديھ آبڙي ۽ اولھ ۾ ديھ ننگر ھڪڙو ۽ ديھ باگو ديرو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. ديھ جي اترئين ڀاڱي مان رتوديرو قمبر روڊ گذرندڙ آھي. ھن وقت ديھ جا وڏا ڳوٺ اھير ۽ خيرمحمد لورڙو آھن.

آبادي[سنواريو]

2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 5,794 ھئي جيڪا 886 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1]. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]