انگي حساب (محمد اسماعيل عرساڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ ۽ ساٿين جو گڏجي لکيل آهي، جيڪو درجي ٽئين لاءِ لکيو ويو. ڊيمي سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 127 صفحا آهن ۽ قيمت 15 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان سال 1953ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپيو.[1]

ٻيون ڪتاب:هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو ٻئي درجي لاءِ لکيو ويو هو. ڪرائون سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 62 صفحا آهن ۽ قيمت 12 -آنا- ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپايو.[2]

ٽيون ڪتاب:هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو هن درجي چوٿين لاءِ لکيو هو. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي. هن ۾ 120 صفحا آهن ۽ قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي. ڇاپو پنجون، -آر-. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد مان سال 1956ع ۾ ڇپايو.[3]

چوٿون ڪتاب:هيءُ ڪتاب محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل آهي، جيڪو درجي ٻئي جي شاگردن لاءِ لکيو ويو هو. رايل سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 108 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ رپيو پنجاهه پئسا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، حيدرآباد، -باب الاسلام- پريس، ڪراچيءَ مان سال 1972ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ڪتاب ايجنسي طرفان -باب الاسلام- پريس، ڪراچيءَ مان 1973ع ۾ ڇپيو.[4]

حوالا[سنواريو]