محمد اسماعيل عرساڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد اسماعيل عرساڻي ولد ميان محمد هاشم ميمڻ 17 سيپٽمبر 1906 ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. پاڻ مشهور تعليمي ماهر، اديب ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. محمد اسماعيل عرساڻيءَ ابتدائي تعليم هالن مان ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اسڪولن مان ورتي. عرساڻي صاحب هڪ تعليمي ماهر هوڻ سان گڏ سٺو شاعر ۽ نثر نويس پڻ هو. سندس مشهور ڊرامو بدنصيب ٿري جنهن تي کيس ڪئين انعام ۽ ايوارڊ مليا. سندس ٻيو شاهڪار سير ريگستان آهي. محمد اسماعيل عرساڻي فدا نومبر 1986ع ۾ وفات ڪئي.

تفصيل[سنواريو]

تعليمي ماهر محمد اسماعيل ولد محمد هاشم عرساڻي، 17 سيپٽمبر 1906ع تي هالا نوان ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- پرائمري اسڪول هالا نوان مان حاصل ڪري 1924ع ۾ هيرانند اڪيڊمي حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1935ع ۾ ايڊيوڪيشنل سپروائيزر جي حيثيت ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين. کيس 6 فيبروري 1948ع تي پروموشن ڏئي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر آف اسڪولس، ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو. -ان- بعد لاڙڪاڻي، حيدرآباد، -ٺٽي-، سڪرنڊ ۾ مختلف عهدن تي رهي، 16 سيپٽمبر 1966ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد ريجن جي عهدن -تان- رٽائر ڪيائين. عرساڻي صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، -جن- مان سندس لکيل ڊرامي ”-بدنصيب ٿري-“ کيس وڏي شهرت ملي، -ان- کانسواءِ ”سکر سي ئي ڏينهن“، (-آتم ڪٿا-)، ”سير ريگستان“ ۽ ”نياريون وٿون“ سندس بهترين تصنيفون آهن. محمد -اسماعيل عرساڻي- پهرين نومبر 1986ع تي وفات ڪري ويو. سندس نالي تي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾، تحقيقي ڪتبخاني ۾ بوڪ ڪارنر، 27 مارچ 1980ع تي قائم ڪيو ويو. جنهن ۾ 260 سنڌي، 241 -انگريزي- ۽ 19 -اردو-، جملي 520 ڪتاب ۽ 21 سنڌي ۽ 10 -اردو- جملي 31 رسالا تحفي طور ڏنا ويا. عرساڻي صاحب جي شخصيت هڪ ڊرامانگار، مضمون نويس، نصاب نويس ۽ تعليمي ماهر جي ٿي گذري آهي. سندس تحريري مواد ۾ -تعليم-، سنڌي -ٻولي- ۽ ادب بابت مواد موجود آهي.[1]

پڻ پڙهندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]