الاتان ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الاتان (Ullatan ):هيءَ -ٻولي- ڪاتان (Katan)، ڪاتولان (Kattulan) ۽ الادان (Ulladan) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي. دراوڙي اصل نسل جي -ٻولي- آهي. هيءَ -ٻولي- هندستان جي ڪيرالا، پالاڪڊ، -تري- پورا وغيره ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1991ع جي رپورٽ موجب هن جا 14850 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هيءَ -ٻولي- دراوڙي، اڻ ورڇيل خاندان مان آهي. هي -ٻولي- لکت ۾ ڪانه آهي. هي ماڻهو گهڻو ڪري ملايالم -ٻولي- ڳالهائين. گهرن ۾ -الاتان- ڪن. ٻي -ٻولي- به ملايالم پڙهن. -ان- ۾ سندن -تعليم- جي شرح 67 سيڪڙو آهي. يولادن ۽ ڪوچو (Kochu) هندستان جا قبيلا آهن، -جن- جي هيءَ مادري -ٻولي- آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته ملايام هنن جي مادري -ٻولي- آهي. هي لوڪ جانورن جي سجاوٽ جو سامان ٺاهين، نوڪري ڪن، مزدوري ڪن. هي مذهبي طور هندو آهن.[1]

حوالا[سنواريو]