استور ضلعو
استور ضلعو Astore District | |
---|---|
گلگت بلتستان جو ضلعو | |
استور ضلعي ۾ راما ڍنڍ ڀرسان راما وادي ۾ واقع نانگا پربت جبل (آگسٽ 2016) | |
ملڪ | پاڪستان |
انتظامي يونٽ | [[Image:|22x20px|border |link=]] گلگت-بلتستان |
ڊويزن | ديامير ڊويزن |
صدر مقام | عيدگاھ |
پکيڙ | |
• ڪل | 5,092 ڪ.م2 (1,966 ميل2) |
آبادي (1998) | |
• ڪل | 71,666 |
استور ضلعو(انگريزي: Astore District ) پاڪستان جي انتظامي يونٽ گلگت بلتستان جي ديامير ڊويزن جو ھڪ ضلعو جنھن جو صدر مقام عيدگاھ شھر آھي[1]. عيد گاھ استور وادي م واقع آهي. استور ضلعي جي اتر ۾ گلگت ضلعو، اتراوڀر م روندو ضلعو، اوڀر ۾ اسڪردو ضلعو، ڏکڻ اوڀر ۾ کرمنگ ضلعو، اولھ ۾ ديامير ضلعو، ڏکڻ اولھ ۾ آزاد ڪشمير جو نيلم ضلعو ۽ ڏکڻ ۾ انڊيا جي قبضي وارو جمون ۽ ڪشمير يونين واقع آهي. عيدگاھ شھر ھوائي رستي اسلام آباد سان ڳنڍيل آهي. ان کان سواءِ روڊ رستي پڻ اسلام آباد سان گڏوگڏ راولپنڊي، چترال، ۽ اسڪردو سان ڳنڍيل آهي. اسڪردو طرف ھڪ رستو ديوسئي پوٽوھار واري دڳ سان 143 ڪلوميٽر (89 mi) آھي[2] پر اھو نومبر کان جون تائين تيز برفباري سبب بند رھندو آھي. ٻيو رستو گلگت کان جگلوٽ واري پاسي کان آھي جيڪو128 ڪلوميٽر (80 mi) ڊگھو آھي[3].
پڻ ڏسو[سنواريو]
حوالا[سنواريو]
- ↑ "GB notifies four more districts, total number of districts now 14". pakistantoday.com.
- ↑ "Distance from Skardu via Deosai Plains". Google Maps. حاصل ڪيل 4 August 2019.
- ↑ "Distance from Gilgit via Jaglot". Google Maps. حاصل ڪيل 4 August 2019.