مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

احمد ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولوي حاجي احمد ابڙو ولد فضل محمد ابڙو ڳوٺ ملا ابڙي لاڙڪاڻي ۾ سن 1864ع ۾ ڄائو، پاڻ سند يافتہ مولوي ھو ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. ھن سنڌ جي عالمن ۽ دانشورن سان گڏ تحريڪ آزادي ۽ تحريڪ خلافت ۾ حصو ورتو، ان کان سواءِ مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي تحريڪ ۾ بہ جوشيلي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 24 مارچ 1932ع تي وفات ڪيائين، مولوي حاجي احمد ابڙي ديني مسئلن بابت ھڪ ڪتاب بہ لکيو هو. سندس ڪلام مولودن، مداحن، معجزن ۽ مناقبن تي مشتمل آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "ابڙو احمد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-05-18.