ڪينجھر ڍنڍ
ڪينجھر ڍنڍ، ضلعي ٺٽي ۾ ٺٽي شھر کان اوڀر-اتر طرف (حيدرآباد طرف) 16 ميلن جي مفاصلي تي پراڻي نيشنل ھاءِ وي تي واقع آھي. ھي ھڪ پراڻي ۽ تاريخي ڍنڍ آھي، جيڪا پاڪستان جي مٺي پاڻي جي ٻي وڏي ڍنڍ آھي. ھي ڍنڍ ضلعي ٺٽي ۽ ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي جو ذريعو پڻ آھي. سنڌ جي رومانوي داستان نوري ڄام تماچي جو تعلق به ھن ڍنڍ سان آھي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي به انھي داستان جي حوالي سان سر ڪاموڏ ۾ ڪينجھر ڍنڍ جو ذڪر ڪيو آھي. ڪينجھر ۽ سونھري ھڪ ٻئي جي ڀر ۾ ٻه ڍنڍون ھيون. انھن ڍنڍن جي نالن بابت ھڪ روايت آھي ته ڪينجھر ھڪ مھاڻو ھو ۽ سونل سندس زال ھئي، ٻنھي ڍنڍن تي اھي نالا به انھن تان پيا آھن. اھا به ھڪ مڪاني روايت آھي ته ميربحرن جو گندرا قبيلو به ڪينجھر ۽ سونل جو اولاد آھي.
ڪوٽڙي بئراج ٺھڻ کان پوءِ ڪلري بگھاڙ واھ وھي اچي ڪينجھر ڍنڍ ۾ پوندو آھي جنھن ڪري اھا ڍنڍ وڌي وئي ۽ ڪينجھر ۽ سونھري ڍنڍون پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي ويون، جنھن ڪري سونھري جو ڪو نالو نه رھيو آھي صرف ڪينجھر جو نالو آھي. ڪينجھر ڍنڍ نه رڳو تاريخي ھنڌ طور ھڪ يادگار آھي پر سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي سطح تي به ان جي ھڪ خاص اھميت آھي. معاشي لحاظ کان ڪينجھر، مھاڻن لاءِ روزگار جو ھڪ مکيه وسيلو آھي. ساڳي وقت ڪينجھر ڪيترن ڏيھي ۽ پرڏيھي سياحن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي آھي. نه رڳو نوري ۽ ڄام تماچي جي داستان جي حوالي سان، پر ڪينجھر پنھنجي سونھن ۽ خوبصورتي جي ڪري به ڪلاسيڪل توڙي جديد ساھت جو موضوع رھي آھي.
ڪينجھر جي چوڌاري اڳي وڏيون وسنديون ۽ ڳوٺ آباد ھئا، جن مان ڍنڍ وڌڻ جي ڪري ڪيترائي پاڻي ھيٺ اچي ويا. ھن وقت جھمپير، ھيلايا، چليا، اونگر ۽ ٻيون وڏيون وسنديون موجود آھن.
ڪينجھر ھڪ بھترين تفريح گاھ آھي. تفريح خاطر ايندڙن لاءِ ٻيڙين ۽ لانچن جو بندوبست ڪيل آھي. سياحن جي رھائش لاءِ پڪا گھر به ٺھرايا ويا آھن، جيڪي مناسب مسواڙ تي ڏنا ويندا آھن. ترڻ، ٻيڙين جي سير ڪرڻ، مڇين جي شڪار جي وندر ھت گھڻي آھي. ڪينجھر ڍنڍ مان ساليانو لکين رپين جي مڇي ڦاسائي وڃي ٿي، ان کان سواءِ ھتي ٻوراڻي، بھ، پٻڻ، ڪُم۽ لوڙھ وغيره به جام ٿين ٿا. ان کان سواءِ ھي ڍنڍ سياري جي مند ۾ وڏي تعداد ۾ پرڏيھي خاص طور سائبيريائي خوبصورت پکين جي مھماني ڪندي آھي.
روزانو سون جي تعداد ۾ ماڻھو پنھنجي ٻارن ٻچن سميت ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن کان ھتي گھمڻ ايندا ھن. ڪينجھر جي ويجھو جھمپير ۽ امير پير جون درگاھون آھن. نوري جي مرشد ھوندڙي شاھ جي قبر ڪينجھر ڍنڍ جي وچ ۾ ھڪ ٽڪري تي آھي، ھن بزرگ جي پيراندي ۾ سنڌ جي راڻيءَ نوريءَ جي قبر آھي. ڪينجھر ڍنڍ تي گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻھو ھوندڙي شاھ ۽ نوريءَ جي قبر تي حاضري ضرور ڀريندا آھن.
تاريخ
[سنواريو]مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته، "سونڊن جي ويجهو ۽ سونهري ڍنڍ جي اتر واري ڇيڙي تي هڪڙي ٽڪريءَ تي ڄام تماچي سمي جي محلات يا ماڙي آهي. هو نور ڀينءَ مهاڻيءَ تي عاشق ٿيو هو، جا گندري ذات جي مهاڻي هئي يا گندره مهاڻي جي ڌيءَ هئي، جو ڪينجهر ۾ مڇيون ماريندو هو. انهن ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي قبي جي ويجهو آهن، انهيءَ ڪينجهر جي ڪناري سان ڪيترن ئي بزرگن جون قبرون آهن."[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو