مواد ڏانھن هلو

ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ٿيل قاتلاڻو حملو، 2024ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ٿيل قاتلاڻو حملو
جڳهه بٽلر فارم شو گرائونڊ، بٽلر، پينسلوانيا ،آمريڪا.
مقانيت 40°51′26″N 79°58′16″W / 40.8571223°N 79.9711779°W / 40.8571223; -79.9711779
تاريخ جُولاءِ 13, 2024 (2024-07-13)
6:11 p.m. (2 مهينو اَڳُ) (برابر عالمي وقت مطابق -4:00)
حدف ڊونلڊ ٽرمپ
قسم حملو
رائفل ذريعي حملو
فوتگيون 2 (حملي آوار ۽ ھڪ ريلي ۾ شريڪ ٿيل ماڻھو)
شديد زخمي
3 (ٽرمپ کي ساڄي ڪن وٽ گولي لڳي، ۽ ريلي ۾ شامل ٻہ ماڻھو سخت زخمي ٿيا)
حملي آوار ثامس مثيوو ڪروڪس

ڊونلڊ ٽرم (انگريزي: Donald Trump) 45ھون آمريڪي صدر، ۽ ريپبلڪن پارٽي پاران 2024ع جي صدراتي چونڊن لاءِ اميدوار مٿان 13 جولاءِ 2024ع تي بٽلر، پينسلوانيا ۾ چونڊ ريلي دوران قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، ھڪ گولي سندس ساڄي ڪن تي لڳي.[1] [2]

حملي آوار 20 سالن جو ثامس مٿيوو ڪروڪس جي نالي سان سڃاتو ويو، جيڪو ريلي جا ٻاھران ھڪ عمارت جي ڇت تي چڙھي ويو ۽ اتان ٽرمپ مٿا ھن 8 گوليون ھلايون.[3] جنھن کان پوءِ آمريڪي سنائيپر ٽيم کيس گولي کڻي قتل ڪري ڇڏيو. ريلي ۾ موجود ھڪ ماڻھو قتل ۽ ٻہ شديد زخمي ٿي پيا.[4] گوليون ھلڻ شرط ئي ڳجھن ادارن ٽرمپ کي گھيري ورتي، ۽ ٽرمپ جي ساڄي ڪن مان رت وھي رھيو ھو. جنھن کان پوءِ ھن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو[5] ۽ حالت بھتر ھئڻ سبب ھن کي ھڪ جھاز ذريعي نيو جرسي روانو ڪيو ويو.[6]

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]