پليڪوزوئا
پليڪوزوئا | |
---|---|
ٽرائڪوپليڪس اڊھئرنس | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پليڪوزوئا |
پليڪوزوآ (Placozoa) گھڻ گھرڙيائي جاندارن جو ھڪ فائلم آھي.[1] بناوٽ ۾ ھي سڀني گھڻ گھرڙيائي جاندارن ۾ سڀ کان وڌيڪ سادا ھوندا آھن. انھن جي گروھه بندي ساڳي جنس جي صورت ۾ ٿيل آهي، جنھن کي "ٽرائڪو پليڪس اڊھئرنس" چون ٿا. جيتوڻيڪ انھن جي اندر جينز جي ڪافي گوناگونيت آهي جنھن مان ان نسل جي جاندارن جون جنسون گھڻيون ھجڻ کپن، پر مارفالاجي جي علم مطابق ساڳي جنسن وارا آهن.[2][3][4][5]
ھن فائلم جي دريافت سال 1883ع ۾ جرمن زولاجسٽ فرانز ايلھارڊ شولز (1840–1921) ڪئي ھئي،[6] ۽ گذريل ستر جي ڏهاڪي ۾ جرمن پروٽوزولاجسٽ، ڪارل گوٽليب گريل (1912 – 1994) ان جو باقاعده تجزيو ڪيو. ان جي درجي بندي ۾ ان جو ڪوبہ عام نالو موجود ڪونھي ۽ ھن جي مٿي ذڪر ڪيل سائنسي نالي جو معني سنوان يا ھموار جانور آھي.[7] ٽرائڪوپليڪس ھڪ ننڍڙو ھموار يا افقي شڪل جو ھڪ ملي ميٽر جيترو جاندار آھي. اموئيبا (Amoeba) وانگر ھن جا به مستقل خدخال نہ ٿيندا آهن پر ان جي جسم جو ھيٺيون حصو چپٽو يا دٻيل ھوندو آھي ۽ مٿيون حصو ھموار هوندو آهي. ان جي جسم جو ٻاهريون ھڪ سادي ايپيٿيليم گھرڙن جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن جي مدد سان ھي جاندار سمنڊ جي تري ۾ رڙھي سگھڻ جي صلاحيت رکندڙ ھوندا آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ سانچو:MeshName
- ↑ Voigt, O; Collins AG; Pearse VB; Pearse JS; Hadrys H; Ender A (23 November 2004). "Placozoa — no longer a phylum of one". Current Biology 14 (22): R944–5. doi: . PMID 15556848. http://ac.els-cdn.com/S0960982204008413/1-s2.0-S0960982204008413-main.pdf?_tid=0c45c232-3c2c-11e6-98ab-00000aab0f27&acdnat=1467007236_58b21e775a09eab73691415f5f7ea138.
- ↑ Eitel, Michael; Osigus, Hans-Jürgen; DeSalle, Rob; Schierwater, Bernd (2 April 2013). "Global Diversity of the Placozoa". PLOS One 8 (4): e57131. doi: . Bibcode: 2013PLoSO...857131E. http://www.plosone.org/article/info%3Adoi%2F10.1371%2Fjournal.pone.0057131.
- ↑ Eitel, Michael; Francis, Warren; Osigus, Hans-Jürgen; Krebs, Stefan; Vargas, Sergio; Blum, Helmut; Williams, Gray Argust; Schierwater, Bernd et al. (2017-10-13). "A taxogenomics approach uncovers a new genus in the phylum Placozoa" (en ۾). bioRxiv: 202119. doi:. https://www.biorxiv.org/content/early/2017/10/13/202119.
- ↑ Francis, Warren R.; Wörheide, Gert (2017-06-01). "Similar Ratios of Introns to Intergenic Sequence across Animal Genomes" (en ۾). Genome Biology and Evolution 9 (6): 1582–1598. doi:. http://academic.oup.com/gbe/article/9/6/1582/3867179/Similar-Ratios-of-Introns-to-Intergenic-Sequence.
- ↑ F. E. Schulze "Trichoplax adhaerens n. g., n. s.", Zoologischer Anzeiger (Elsevier, Amsterdam and Jena) 6 (1883), p. 92.
- ↑ Rüdiger Wehner & Walter Gehring (June 2007) (German ۾). Zoologie (24th ed.). Stuttgart: Thieme. p. 696.