يوٽيوب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يوٽيوب
يوٽيوب جو لوگو
فائل:YouTube homepage.png
يوٽيوب جو گهر
سائيٽ جو قِسمُ
وڊيو مواد
مکيه دفتر
ڌڻي گوگل
جي رچنا جاويد ڪريم، چئد هورلي، اسٽيو چن
Revenue ڏيڌ ڪروڙ آمريڪي ڊالر
يوآرايل يوٽيوب
تجارتي گوگل ایڈسینس
رجسٽريشن يوزر پا کي رجسٽر ڪري سگهن ٿا

يوٽيوب هڪ وڊيو پيش ڪندڙ ويب سائيٽ آهي. جتي استعمال ڪندڙ پنهنجون وڊيوز شامل ۽ پیش ڪري سگهن ٿا. پي پال جي ٽن پراڻن ملازمن فيبروري 2005ع ۾ یوٽیوب جي ويب سائيٽ قائم ڪئي. نومبر 2006ع ۾ گوگل انڪارپوریٽڊ 1.65 ارب ڊالر جي عيوض یوٽیوب کي خرید ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي هي گوگل جي ماتحت اداري جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. اداري جو دفتر سان برونو، ڪیلیفورنیا، آمريڪا ۾ آهي. یوٽیوب استعمال ڪندڙ کي وڊيو مواد ڏيکارڻ لاءِ ایڊوب فلیش وڊيو ٽیڪنالوجي استعمال ڪندو آهي. یوٽیوب تي پیش ڪيل ذياده تر مواد انفرادي طور تي ان جي استعمال ڪندڙ جي طرفان پیش ڪيو ويندو آهي البتہ سی بی ایس، بي بي سي، يو ايم جي ۽ ٻيا ابلاغي ادارا بہ یوٽیوب ڀاڱيواري منصوبي تحت پنهنجو ڪجهه مواد پیش ڪندا آهن.

يوٽيوب جو لوگو

غیر مندرج استعمال ڪندڙ یوٽیوب تي وڊیو ڏسي سگهن ٿا جڏهن تہ مندرج استعمال ڪندڙ کي لامحدود وڊیو پیش ڪرڻ جي اجازت آهي. ممڪنہ طور تي ناپسندیدہ مواد 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي مندرج استعمال ڪندڙن لاء دستیاب آهي. یوٽیوب جي شرطن جي تحت رسوائي جو سبب بڻجڻ وارو، فحش، حقوق دانش جي خلاف ورزی ڪرڻ وارو ۽ ڏوھ تي اڀارڻ وارو مواد پیش نٿو ڪري سگهجي. مندرج استعمال ڪندڙ جي کاتن کي "چينلز" چيو ويندو.

یوٽیوب انگريزي کان علاوہ 16 کان وڌيڪ ٻولين ۾ سهولتون ميسر ڪري ٿو جن ۾ هسپانوي، ولنديزي، چيني ۽ ٻيون شامل آهن.