مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

واپرائيندڙ:مخدوم فرخ الدين قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت ميان قاضي عبدالرحمان قريشي السندي رح ٽلٽي وارو

ميان قاضي عبدالرحمان قريشي رح جو تعلق سيوھڻ جي قديم شھر ٽلٽي سان آهي قاضي صاحب رح پنهنجي وقت جو ولي ڪامل ۽ درويش صفت انسان ھو

    تاريخ پيدائش: سن1821ع بمطابق 18شوال 1236ھ  ٽلٽي ۾ ٿي 

تاريخ وصال: سن 1905ع بمطابق 5 ربيع اول 1336 تي ٺٽو شجاول ۾ ٿي

ميان قاضي عبدالرحمان قريشي رح جا وڏا اصل عربستان جا ھئا جٿا دين جي تبليغ ڪندي اچي سنڌ سيوھڻ جي شھر ٽلٽي ۾ آباد ٿيا قاضي صاحب جو ڏاڏو حضرت ميان حاجي احمد قريشي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ زاھد ماڻهو ھو ان دور ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ھئي جيڪي ميان حاجي احمد قريشي مان ڏاڍا متاثر ٿيا ۽ سندس کي ان وقت جو قاضي مقرر ڪيائون ۽ جوھي ويجهو جاگير به ڏنائون جيڪا پڻ قاضي عبدالرحمان کي ورثي ۾ ملي ۽ بعد ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوء سندس اولاد کي نه ملي سگهي

           شجره نسب 
   حضرت ميان قاضي عبدالرحمان قريشي  
       ميان قاضي والي ڏنو قريشي  
        ميان حاجي احمد قريشي 
      ميان حاجي عبدالغفور قريشي   
     ميان حاجي عبدالرئوف  قريشي  
      ميان محمد ياسين قريشي
     ميان محمد واصل قريشي 
      ميان مير محمد قريشي 
۔   ۔  ميان حسام الدين قريشي  
     ميان محمد عتيق قريشي  
      ميان عبدالعليم قريشي  
  ۔   ميان سلطان الدين قريشي  
      ميان علاء الدين قريشي  
  ۔    ميان حاجي قريشي  
      ميان احمد قريشي  
 حضرت شيخ المشائخ مخدوم ميان سندو قريشي 

۽ اڳتي ھلي ھي شجرو حضرت عبدالمطلب بن ھاشم بن عبدالمناف سان ملي ٿو جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان قاضي عبدالرحمان قريشي رح جو تعلق عرب جي قريشي ھاشمي قبيلي سان ھو مٿي ڏنل قاضي صاحب جو وڏو ڏاڏو بزرگ مخدوم ميان سندو قريشي پڻ پنهنجي وقت جو باڪمال بزرگ ۽ درويش ھو جيڪو پڻ ٽلٽي ۾ شھر دفن ٿيل آهي جنهن تي ھر سال ٽي ڏينهن ميلو پڻ لڳايو ويندو آهي قاضي عبدالرحمان جي اولاد منجھان پيڙھيـ در پيڙھيـ ان ميلي جي نگراني ڪندي آهي انھي بزرگ يعني حضرت شيخ المشائخ مخدوم ميان سندو قريشي رح جي اولاد منجھان وقت جو درويش قاضي احمد دمائي ضلع نوابشاھ وارو پڻ آهي جيڪو پڻ ٽلٽي سان تعلق رکي حضرت ميان قاضي عبدالرحمان جي اولاد ڪجهه ھن طرح آهي

فرزند مرحوم ميان مولوي غلام حسين قريشي پوٽو مرحوم ميان مولوي احمد حسين قريشي پر پوٽو ميان سائين فخرالدين قريشي تڙ پوٽو سائين فيروز احمد قريشي پر پوٽي جو پوٽو قاضي فرخ الدين قريشي