نور محمد لاشاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931 تي سيوهڻ ويجهو ڪوٽ لالو لاشاري ۾ جنم ورتو ۽ هن شروعاتي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪئي. هن ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا، جن مان سندس ڊرامي دنگي منجهه درياءَ کي جرمني فيسٽيول ۾ٽيون نمبر مليو. نور محمد لاشاري ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن 1960 ۾ راڳي طور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ناڪامي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ هن صداڪاري شروع ڪئي. نور محمد لاشاري پهرين فيبروري 1997ع تي وفات ڪري ويو، جنهن جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ آهي.