نارٿ يارڪ شائر
نارٿ يارڪ شائر(انگريزي: North Yorkshire) انگلينڊ جي خطي يارڪ شائر ۽ ھمبر ۽ نارٿ ايسٽ انگلينڊ جي خطن ۾ واقع ھڪ ڪائونٽي جو نالو جنھن ۾ يارھن ضلعا واقع آھن.2016 ۾ ھن ڪائونٽي جي آبادي جو تخمينو 602300 ھيو ان ۾ يارڪ، مڊل بورا، اسٽاڪٽن، ۽ ريڊڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل نہ ھيا [3]
ھي ڪائونٽي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ، 1972 تحت پھرين اپريل 1974 ۾ ٺاھي وئي.[4] ھن ڪائونٽي جي پکيڙ 8٬654 ڪلوميٽرزچورس (3٬341 sq mi) آھي ۽ اھا پکيڙ ۾ انگلينڊ جي سڀ کان وڏي ڪائونٽي آھي. ھن ڪائونٽي جي 40 سيڪڙو پکيڙ نيشنل پارڪن تي مشتمل آهي. ھن ڪائونٽي جا وڏي ۾ وڏا شھر مڊل بورا (174,700),[5] يارڪ (152,841),[6] ھروگيٽ (73,576) ۽ اسڪار بورا (61,749) آھن. ھن ڪائونٽي جي مڪاني ادارن ۾ خودمختيار وحداني اختياري واريون ڪائونسلون پڻ موجود آهن جن ۾ يارڪ شھر، مڊل بورا، ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ شامل آهن.
[7]
مڪاني حڪومت
[سنواريو]انگلينڊ جي ھي غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جو انتظام نارٿ يارڪ شائر ڪائونٽي ڪائونسل جي ڪابينہ ڪائونسل جي ذريعي ھلايو ويندو آهي..[8] ھن ڪائونٽي ڪائونسل جا 72 ڪائونسلر ڪائونسل جي اڳواڻ کي چونڊيندا آهن جيڪو 9 وڌيڪ ڪائونسلرن جي چونڊ ڪري ايگزيڪيوٽو ڪابينہ جوڙيندو آهي جيڪا ھن غير ميٽروپوليٽن ڪائونٽي جي باري ۾ فيصلن ڪرڻ جي مجاز ھوڻدي آهي. ڪائونٽي ڪائونسل جي آفيس نارٿيلرٽن واري ڪائونٽي ھال ۾ واقع آهي. وحداني ڪائونسلون وري ھن اداري کان خودمختيار ھونديون آھن.
ضلعا
[سنواريو]ھن ڪائونٽي جي ضلعن متعلق تفصيل ھيٺ ڏنل چارٽ ۾ ڏجن ٿا.
شمار | شھر | آبادي (2011) | بورا | وضاحت | ياداشت |
---|---|---|---|---|---|
1 | يارڪ | 198,051[9] | سٽي آف يارڪ | شھر | وحداني اختياري ۾ ايندڙ علائقي جي آبادي
|
2 | مڊل بورا | 138,400[9] | مڊل بورا | بورا | وحداني اختياري رڳو مڊل بورا جي علائقي تائين سڏبي آھي وڏين شھري وسندين جي آبادي 174,700 تائين آھي |
3 | ھروگيٽ | 73,576[9] | ھروگيٽ | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
4 | اسڪاربورا | 61,749[9] | اسڪاربورا | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
5 | ريڊ ڪار | 37,073[9] | ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ | شھر | غير پارش وارڊن جو جھڳٽو |
6 | ٿارن بي ٽيز ندي وارو | 24,741[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
7 | انگلبي باروڪ | 20,378[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
8 | يارم ٽيز ندي وارو | 19,184[9] | اسٽاڪٽن ٽيز ندي وارو (ڏکڻ) | شھر | وحداني اختياري |
9 | سيلبي | 17,511[9] | سيلبي | شھري پارش (Civil Parish) | |
10 | گسبرا | 16,979[9] | ريڊ ڪار اينڊ ڪليولنڊ | شھر | وحداني اختياري |
11 | نارٿيلرٽن | 16,832[9] | ھيمبلٽن | شھري پارش | ڪائونٽي وارو شھر |
12 | رپان | 16,363[9] | ھروگيٽ | شھريپارش | شھر |
13 | نيرسبرا | 15,484[9] | ھروگيٽ | شھري پارش | |
14 | اسڪپٽن | 14,623[9] | ڪري ون | شھري پارش | |
15 | وھٽبي | 13,213[9] | اسڪاربورا | شھري پارش | |
16 | رچمنڊ | 8,413[9] | رچمنڊ شائر | شھري پارش | |
17 | نورٽن | 7,049[9] | رائيڊيل | شھري پارش | |
18 | پڪرنگ | 6,588[9] | رائيڊيل | شھري پارش | |
19 | ٽئڊڪاسٽر | 6,480[9] | سيلبي | شھري پارش |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Privy Council Office-Appointment of Sheriffs". London Gazette. حاصل ڪيل 16 April 2019.
- ↑
"North Yorkshire County Council : Contact us". www.northyorks.gov.uk. وقت 18 اپريل 2009 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 مئي 2009. Check date values in:
|access-date=, |archive-date=
(مدد) - ↑ "North Yorkshire population information". North Yorkshire County Council. وقت 15 July 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 July 2018.
- ↑ Arnold-Baker, C., Local Government Act 1972, (1973)
- ↑ "Middlesbrough built-up area local area report". Nomis official Labour Market statistics. حاصل ڪيل 12 August 2018.
- ↑ "York built-up area local area report". Nomis official Labour Market statistics. وقت 12 August 2018 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 August 2018.
- ↑ OPSI آرڪائيو ڪيا ويا 10 July 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. – The North Yorkshire (District of York) (Structural and Boundary Changes) Order 1995
- ↑ "North Yorkshire County Council Constitution". North Yorkshire County Council. وقت 28 December 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 May 2010.
- ↑ 9.00 9.01 9.02 9.03 9.04 9.05 9.06 9.07 9.08 9.09 9.10 9.11 9.12 9.13 9.14 9.15 9.16 9.17 9.18 "2011 Census – Built-up areas". ONS. وقت 21 September 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 August 2013.