عمر خيام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

At the Tomb of Omar Khayyam, by Jay Hambidge

عمر خيام (1048ع کان 1131ع) هڪ دانشور، شاعر ۽ جج هو. هُن کي مذهب کان باغي سمجهيو وڃي ٿو. عمر خيام آلجبرا جون مساواتون، انهن جا حلَ ۽ ڪيوبڪ مساوات به پيش ڪيون. خيام n=2,3,4 … جي ٿيوري به پيش ڪئي، جيڪا نيوٽن جي فارمولا سان ويجهڙائي رکي ٿي. هُن ٽڪنڊي جي ڪاٿي جو فارمولا به پيش ڪيو هو. اڄ اسين ٽڪنڊي بابت پاسڪل جي ٿيوري تي عمل ڪريون ٿا، جڏهن ته پاسڪل يا نيوٽن کان به 500 سال اڳ عمر خيام انهن ٿيوريز تي ڪم ڪيو هو.

عمر خيام (Omar Khayyam) اسڪوائر روٽ ۽ ڪيوبڪ روٽ جا فارمولا به پيش ڪيا. ڪيوبڪ مساوات بابت سندس ڪتاب 52 صفحن تي آهي. خيام پهريون شخص هو، جنهن آلجبرا کي جاميٽريءَ جي مساوات ۾ استعمال ڪيو هو. عمر خيام اڪليدس جي جاميٽريءَ جي اصولن تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ۽ جاميٽريءَ جون نيون ٿيوريون (اصولَ) به پيش ڪيا. پوءِ اهي ٿيوريون ترڪيءَ جي نصيرالدين طوسيءَ استعمال ڪيون. عمر خيام جا فلڪيات حوالي سان به گهڻائي ڪتاب لکيل آهن. [1] [2] [[1]]

  1. تخليق خالق کانسواءِ؟ (عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-18 
  2. ڪتاب: تخليق خالق کانسواءِ، ليکڪ: عمر عطيلا ايرگي