مواد ڏانھن هلو

عدم تشدد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
موھن داس ڪرمچند گانڌي عدم تشدد تحريڪ جو باني سمجھيو ويندو آھي جنھن اھنسا جو خيال ڏنو


عدم تشدد: اھنسا: نان وائلنس:Nonviolence:


مھاتما گانڌي جو چوڻ آهي تہ:”هنسا، لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”هڻڻ يا ايذاءُ رسائڻ،“ پر رڳو ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ هنسا نه آهي. ڪنهن سان ڪو ڊوهه ڪرڻ به هنسا آهي. مطلب ته منين، وچنين ۽ ڪرمين يعني من يا دل سان، وائيءَ يا زبان سان ۽ ڪنهن ڪرم (فعل يا هلت) ڪري، ڪنهن کي ڪو ايذاءُ يا نقصان رسائڻ – تنهن کي ”نسا، چئبو آهي. مهاڀارت جي انوشاسن پرو جي اڌياءَ تيرهين ۾ ڏهن قسمن جا دوش يا پاپ ڄاڻايل آهن، جن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ٽي دوش ڪايا يا سرير جا – ٻئي کي خون ڪرڻ يا ڪوبه ايذاءُ رسائڻ، کوٽي رستي ڌن حاصل ڪرڻ يا وڃائڻ، ۽ پرائي زال سان سنجوڳ ڪرڻ (شلوڪ 3). چار دوش واڻيءَ جا – گندي گفتگو ڪرڻ، شوخ پوڻ، گلا ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ (شلوڪ 4). ٽي دوش من جا ڏ پرائو مال يا پرائي زال تڪڻ، ٻئي کي نقصان پهچائڻ جا گهاٽ گهڙڻ ۽ ٻيا اجوڳ ويچار ڪرڻ ۽ ويدن ۾ نسچو نه ڌارڻ وغيره. اهي دوش (ڏوهه) ڪرڻ آهي ”هنسا“، ۽ انهن کان پاسو ڪرڻ آهي ”اهنسا“[1]

پيٽرا ڪيلي جنھن عدم تشدد واري جرمن گرين پارٽي جو بنياد وڌو
آمريڪا ۾ عدم تشدد جو پرچارڪ مارٽن لوٿر ڪنگ 1963 ۾ واشينگٽن ۾ تقرير ڪندي

حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page28.html.  Missing or empty |title= (مدد)