شقاقل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شقاقل (عربي: شقاقل، فارسي: شقيقل، هندستاني، وغيره: دوهالي، ڪاڪول، سيالي ۽ شالي) بهمڻ اڇي جي ڪاٺيءَ وانگر اڇي رنگ جي هڪ پاڙ آهي. ذائقي ۾ ٿوري مٺي ٿيندي آهي.

طب[سنواريو]

گڙدن، مثاني، معدي، جگر ۽ دماغ کي طاقت ڏئي، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، قوت باھ کي وڌائي ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري، رت چڱو پيدا ڪندڙ آهي. چيلھ ۽ پٺن جو سور ڇڏائي ٿو، دماغ ۽ ڦڦڙن جي رطوبت کي سڪائي ٿو. کنگهه دمڪشي ۽ جگر جي بيمارين لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.