سماجي حقيقت نگاري
سماجي حقيقت نگاري (Social Realism) اصل ۾ سوشل ازم جي نظرئي سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي ترقي پسند ادب جي تحريڪ اڳيان آندو. ان تحت ادب ۾ سماجي اڻ برابري، طبقاتي ڇڪتاڻ، غربت، بک ۽ بيروزگاري جهڙن موضوعن تي وڌيڪ زور ڏنو ويو. سماجي حقيقت نگاريءَ ۾ خارجيت جو عنصر نمايان هو. سوشلسٽ نظرئي موجب ادب جو اصل مقصد سماجي حقيقت نگاري آهي، يعني سماج جي حقيقتن کي جيئن ڏسجي تيئن پيش ڪجي، ادبي ترقي سماجي ترقيءَ تي ٻڌل هوندي آهي. جيئن جيئن سماجي شعور وڌندو رهي ٿو تيئن تيئن اديب زندگيءَ کي ويجهڙائي کان ڏسي ٿو ۽ جيترو جيترو زندگيءَ جي ويجهو ٿئي ٿو. اوترو وڌيڪ حقيقت پسند ٿيندو وڃي ٿو. سماجي حقيقت نگاري ۾ گورڪي، گوگول، ٽالسٽاءِ، بالزاڪ، چارلس ڊڪنس ۽ ابسن جا نالا وڏي اھميت رکن ٿا. سنڌي ادب ۾ غلام نبي مغل، نسيم کرل، جمال ابڙو، نياز همايوني، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا ليکڪ نمايان سماجي حقيقت نگار آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.