سقراط کان اڳ وارو فلسفو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سقراط کان پهرين دور واري فلسفي جا موضوع ۽ سوال ڪائنات بابت هئا. يوناني فلسفي جا پهريان ٽي فلسفي ٿاليس، اناڪساندر ۽ اتاڪسيمنز فطرتي فلسفي سڏرائين ٿا. هنن ڪائنات ڇا مان ٺهيل آهي واري سوال تي پنهنجا ويچار ونڊيا، ان کان پوءِ ايمپيڊاڪلس ۽ فيثاغورس پڻ ان سوال کي پنهنجي فلسفياڻي فڪر جو بنياد بنايو، ڊيماڪرطيس، پرمينائيڊس ۽ هراقلطيس ڪائنات ڇا جي ٺهيل آهي، جي بدرآن ڪائنات ڪيئن ٺهيل آهي؟ واري سوال کي پنهنجي فلسفي جو بنياد بنايو. [1] [2]ٿاليس (Thales) (460- 5500 ق.م) جنهن کي فلسفي جو ابو سڏيو وڃي ٿو، سو شروع ۾ علم جاميٽري جو ماهر هو. ان مائيلطس (Miletus) جي رهواسين کي عجب ۾ وجھي ڇڏيو، جڏهن کين ٻڌايائين، ته سج ۽ تارا، جن جي هو پوڄا ڪندا هئا، سي فقط باهه جا گولا آهن. سندس شاگرد انيڪسمانڊر (Anaximandar) (610- 5400 ق.م). پهريون يوناني هو، جنهن علم جاميٽري ۽ جاگرافي جي نقشن جو بنياد رکيو.[3]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (Philosophy)
  2. سنڌي ادبي بورڊ
  3. http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Philosophy/Book4/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد){ڪتاب : فلسفي جي ڪھاڻي؛ ليکڪ: ول ڊيورنٽ}