مواد ڏانھن هلو

سامونڊي گھوگھيتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيمبورٿا ائوريا ھڪ گيسٽروپوڊ
ھڪ "سامونڊي کيرو" (Sea Cucumber) جيڪو گھوگھيتي جھڙو لڳندو آهي ۽ غلطي م ان کي سامونڊي گھوگھيتو چوندا آهن پر حقيقت ۾ اھو گيسٽروپوڊ ناھي

سامونڊي گھوگھيتو (Sea slug) ھڪ سامونڊي غير فقاري، غير ڪرنگھيدار زميني گھوگھيتن (slugs) سان ملندڙ جلندڙ ھڪ جاندار آھي. ھنن کي کوپو ڪانہ ٿيندو آهي.[1] جسم جي نموني، رنگ ۽ ماپ ۾ ھڪٻئي کان مختلف ٿيندا آهن. ھنن ۾ زھريلا ڏنگيندڙ گھرڙا ٿيندا آهن تنھن ڪري ان کي کائيندڙ جاندارن کي کائڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. گيسٽروپوڊ جاندارن وانگر سامونڊي گھوگھيتن جا ڏند ننڍڙين پاڪين وانگر ٿين ٿا جن کي "ريڊيولا" چوندا آهن. اڪثر سامونڊي گھوگھيتن جي مٿي تي ٻہ جوڙا حسي سونڍ (tentacles) جا ٿين ٿا جن جي چوٽين ۾ ان جون اکيون لڳل ھونديون آھن ۽ انھن سونڍن وسيلي کيس سنگھڻ جي حس استعمال ڪندو آهي.[2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. Thompson, T. E. 1976. Biology of opisthobranch molluscs, vol. 1, 207 pp., 21 pls. Ray Society, no. 151.
  2. Byatt, Andrew, Alastair Fothergill, and Martha Holmes. The Blue Planet: A Natural History of the Oceans. New York, NY: DK, 2001. Print. sea slug
  3. Encyclopedia, 6th ed.. 2015. Encyclopedia.com. 10 Nov. 2015<http://www.encyclopedia.com>.