زيبرا
زيبرا Temporal range: نيئو جيني–present
| ||
---|---|---|
Scientific classification | ||
Unrecognized taxon (fix): | ايڪئيس | |
Groups included | ||
۽ ٻيا ايڪئيس جا قسم |
زيبرو (Zebra)،[1] گھوڙي جي ڪٽنب جو اڇن ڪارن پٽن وارو جانور آهي. اھي پنھنجي گروھه ۾ رھڻ وارا جانور آھن. اھي گھوڙي ۽ گڏھن وانگر پالتو نہ بڻجي سگھيا. زيبرن جون ھن وقت ٽي جنسون آهن: ميداني زيبرا، جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا. زيبرن جون ٻيون نوعون نابود ٿي چڪيون آهن. ميداني ۽ جابلو زيبرا واريون جنسون ھپوٽگرس جي ذيلي نسل سان تعلق رکن ٿيون.
گريوي واري زيبرا ڊوليڪوھيپس جي ذيلي نسل جي جنس آهي جيڪا ڏسڻ ۾ گڏھ سان مشابهت رکندڙ آھي جنھن سان زيبرائن جو ويجھو رشتو آهي. ميداني ء جابلو زيبري جي مشابھت گھوڙي سان وڌيڪ آھي. ٽئي جنسون ايڪئيس نسل مان آھن. ھن وقت جابلو زيبرا ۽ گريوي واري زيبرا جون جنسون شڪار جي ڪري خطري م آهن. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا مطابق زيبرو ھڪ گاھه خور جانور آهي جنھن جو قد عام طور تي 47 کان 55 انچ (120 کان 140 سينٽي ميٽر) آھي.[2] آفريڪا جي اوڀر ۽ اولھه جي ميداني علائقي واري بورشيل زيبرا (Burchell’s zebra) جا پٽا ويڪرا ھوندا آھن.[2] ڪينيا، ايٿوپيا ۽ صوماليه جي بنجر علائقن ۾ ملندڙ اي. گريوي (E. grevyi) جي نالي واري گريوي واري زيبرا (Grevy’s zebra) جا پٽا سوڙھا ۽ پيٽ اڇو ھوندو آھي.[2] نميبيا ۽ سائوٿ آفريڪا جي اولهندي پاسي ننڍين پھاڙين جي ميداني علائقن م رھندڙ زيبرن جي جسم جي پوئين حصي تي سيخن وانگر نمونا ٺھيل ھوندا آھن.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Zebra". Online Etymology Dictionary. وقت 2015-03-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-12-10. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -