ديويا دتا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ديويا دتا
پيدائش سيپٽمبر 1971 (عمر 52 سال)
لڌيانا، پنجاب، ڀارت
پيشو ماڊل، اداڪار
'Modeling information'
Hair color ڪارو
Eye color ڪارو
ويب سائيٽ
www.divyadutta.co.in

دِويا دَتا (انگريزي ٻولي: Divya Dutta) (جنم 25 سيپٽمبر 1977) هڪ هندستاني فلمي اداڪارا ۽ ماڊل آهي.[1] هوءَ بالي ووڊ ۽ پنجابي سنيما ۾ ۽ مليالم ۽ انگريزي فلمن به ڪم ڪري چڪي آهي. ديويا دتا 1994 ۾ هندي سينيما جي فلم عشق ۾ جينا عشق ۾ مرنا کان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

ديويا دتا 25 سيپٽمبر 1977 تي پنجاب جي شهر لڌيانا ۾ جنم ورتو.[2][3] ان جي ماءُ ناليني دتا، هڪ سرڪاري آفيسر ۽ ڊاڪٽر آهي، جنهن ديويا دتا ۽ ان جي ڀاءُ کي اڪيلي سِر پاليو، جڏهن ان جو مڙس وفات ڪري ويو، ته ان وقت ديويا دتا جي ڄمار ست سال هئي.[4] ديویا دتا جو مامو فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ديپڪ بهري آهي.[5]

ماڊلنگ ڪيريئر[سنواريو]

سينيما ۾ وڃڻ کان اڳ، ديویا دتا پنهنجي اباڻي رياست پنجاب ۾ علائقائي ٽيليويزن جي اشتهارن جي لاءِ ماڊلنگ ڪندي هئي.

ذاتي زندگي[سنواريو]

ديويا دتا ڪُنواري آهي.[6] هن پنهنجي ماءُ سميت آسماني لاڳاپن جي باري ۾ هڪ يادداشت، مي اينڊ ما لکي.[7][8] اهو ڪتاب 10 فيبروري 2017 تي پينگوئن رينڊم هائوس پاران ڇاپيو ويو.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. انگريزي وڪيپيڊيا جا ڀاڱيدار. "Divya Dutta". 
  2. "Divya Dutta's birthday made 'very special' by Shabana Azmi". دي انڊين ايڪسپريس. IANS. حاصل ڪيل 5 مئي 2016.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. "Divya Dutta's mother inspires her Gippi character". NDTV. وقت 19 جون 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 مئي 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  4. "Divya Dutta's mother inspires her Gippi character". NDTV. وقت 19 جون 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 مئي 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  5. "From awe to awesome" (en ۾). Tribuneindia News Service. 9 آگسٽ 2017. https://www.tribuneindia.com/news/archive/lifestyle/from-awe-to-awesome-449126. 
  6. ""I am not married!" says Divya Dutta". Zee News. 
  7. DIVYA., DUTTA (2017). ME AND MA.. [S.l.]: PENGUIN BOOKS INDIA. ISBN 978-0-14-342679-0. OCLC 970620637. 
  8. "Me and Ma" by Divya Dutta, Penguin Random House