بدڪ
ڏيک
بَدڪ پاڻيءَ جي پکين جو هڪ وڏو ڪٽنب آهي، جنهن ۾ کوڙ ڪٽنب ۽ قسم آهن. سائنسدانن هن ڪٽنب جي پکين جو ڪافي غور سان مشاهدو ڪيو آهي ۽ کين عادتن ۽ رنگ روپ جي بنياد تي جدا جدا جنسن ۾ ورهايو آهي. هن گروهه جو وڏي ۾ وڏو پکي راج هنس آهي، جيڪو مانسرور ڍنڍ ۾ ٿيندو آهي. هنج پکي جا ٻيا به قسم آهن جيڪي سياري ۾ گرم علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا آهن. ننڍين بدڪن جا به کوڙ قسم آهن. جن جا سنڌي نالا هن ريت آهن:
- گَرو ھنج (Graylag Goose/ Anser anser)
- قـاز (Barheaded Goose/ Anser indicus)
- للو ھنج ، مُنگھه، کٽئين، سرخاب (Brahminy Duck/ Tadorna ferruginea)
- باتشاھه، لال سر رتبو (Redcrested Pochard / Netta rufina)
- ٿرهـانـڊو، ٿـورانـدو (Common Pochard / Aythya ferina Nyroca feina)
- ھنجر (Spotbill / Anas poecilorhyncha)
- ڊگوش ڪوڪڙالي ((Pintail or Northern Pintail / Anas acuta
- هُراڙو ، ڪَرڙو، چيڪلو (Common Teal / Anas crecca)
- چُـوئي (بدڪ) (Marbled Teal / Marmaronetta or Anas angustirostris)
- ٽـُٻڻو ( (Garganey / Anas querquedula
- نيرڳ، نيرڳي بدڪ ((Mallard / Anas platyrhynchos
- ڦاڙھائو بدڪ ((Wigeon / Anas Penelope
- لنگهو، ڳهڻو، اليپت ( (Nothern Shoveller/ Anas clypeata
- ٻُـوئر، ٻُـوئري، ٻُئاري، ٻُھر، ٻـُرڙ ((Gadwall / Anas strepera
- رُونهارو (Tufted Duck or Pochard / Aythya fuligula, Nyroca fuligula)
- ٻُـرڻـو (Whiteeyed Pochard, Ferruginious Duck / Aythya nyroca)
- ٻـُرڻو (وڏو) (Greater Scaup / Aythya marila)
- چيهه (Lesser Whistlingduck Dendrocygna_javanica)
ڪڪڙ وانگر پالتو گهريلو پکي به آهي، يورپ ۾ ان جي فارمنگ به ٿئي ٿي ۽ ان جو گوشت ڪڪڙ وانگر عام خوراڪ طور کائيندا آهن. ڀٽائيءَ جو بيت آهي[1]:
هنج مڙيئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو،
جتي رهن سنجهه، سو سَرُڪن سُرهو!