الي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الي مٿي جي زيور جو هڪ قسم آھي. ھن جا ٻہ قسمن ھوندا آھن:

الي، ڏاڻ سوڌي (ڇوڪرين): ھي چنڊ جهڙيءَ شڪل جي ٿئي، ۽ رنگين ٽڪن لڳل ٿئي. هيٺان چانديءَ جون گهنگهريون مينا ۾ لڳنديون آهن. ٻيون اهي ٿين، جن ۾ زنجيري هوندي آهي، جيڪا وارن ۾ لڳي، جنهن ڪري ان کي ڏاڻ سوڌي الي سڏين. هي سنڌي سينڌ جي منهن وٽ يعني پيشانيءَ وٽ لڳائبي آهي.

صرف الي: هن اليءَ ۾ فرق اهو آهي تہ هن ۾ زنجير نہ ٿيندي آهي، ۽ فقط ڪاري ڌاڳي سان وارن ۾ لڳائبي آهي.

ٻنهي الين جي ساخت هڪجهڙي ٿيندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. رسالو: سرتيون؛ مضمون: سنڌي زيور؛ از: زيڊ.اي. شيخ؛ جون 1995ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.