لي آئوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

لي آئوٽ (Layout of Building) ڪنھن بہ عمارت جي تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ اھو تمام ضروري آھي تھ انھيءَ جو فائونڊيشن پلان (Foundation plan) ٺاھي انھيءَ جي سٽ (Layout) بلڪل صحيح ۽ نقشي مطابق ڪئي وڃي. انھيءَ ڪم کي سر انجام ڏيڻ لاءِ سڀ کان پھرين جنھن ھنڌ يا پلاٽ تي عمارت ٺاھڻي آھي انھيءَ کي چڱيءَ طرح صاف ۽ چٽو ڪرائڻ گھرجي. انھيءَ بعد ھيٺ ڏنل طريقي مطابق سٽ (Layout) ڪجي:

  1. ھر ڪنھن ڀت جي وچ واري يا مرڪزي ليڪ (Centre Line) نقشي جي حساب سان زمين تي چوني جي پائوڊر يا ڪنھن اھڙيءَ ٻيءَ شيءِ سان لڳائجي جيئن ھر ڪنڊ، عمودي (Right angle) ھجي، اھڙين ڪنڊن تي 3: 4: 5 جي نسبت سان عمودي ڪنڊ وارو ٽڪنڊو (Right angle triangle) ٺاھي، ڪنڊن جي ماپ صحيح نموني سان جانچي سگھجي ٿي.
  2. مرڪزي ليڪ (Centre Line) جي ٻنھي پاسي بنياد جي چوڙائيءَ يعني ويڪر برابر لائينون يا لڪيرون لڳائجن.
  3. بنياد جي لائينن لڳائڻ بعد چڱي طرح سان جانچي ڏسجي تھ ڪمرا صحيح طرح سان مستطيل آھن. ھر ڪمري جي ھڪ ٻئي کي ڪپيندڙ ليڪن (Cross Lines) جي ڊيگھھ ھڪ ٻئي جي برابر ھئڻ گھرجي.
  4. بنياد کان علاوه ڀتين جي اوساري پڻ مرڪز واري ليڪ (Centre Line) جي مدد سان درست ڪري سگھجي ٿي. انھيءَ لاءِ ڏور جي مدد سان ھر مرڪزي لائين (Centre Line) جي سڌ ۾ بنياد جي کوٽائيءَ کان ٻاھر ڪلا (pegs) لڳايا وڃن. انھيءَ لاءِ بنياد جي چوڙائيءَ کان ٻاھر چوڪيءَ جي ليول (plinth Level) تائين ننڍا ٺل (pillars) ٺاھي، انھن جي مٿان مرڪزي لڪير (Centre Line) جا نشان لڳائجن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو