واپرائيندڙ:Sollywood
ساليوُوڊ درحقيقت (سنڌي ميڊيا) جي سنڌي ماڻهن ۽ اُنهن جي فني جاکوڙن جو ائين لاڳوپو رکي هلي ٿو جيئي (هاليوُوڊ، باليوُوڊ يا لاليوُوڊ) ٻي دُنيا جي فني دُنيا لاٰءِ.
سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ) هڪ نئون فورم آهي جنهنجو جوڙ سوچيو آهي هڪ اهڙي شخص بنام (انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ) جيڪو پاڪستان جي مڙني اهم ادارن ۾ ايگزيٽو پوزيشن تي ڪم ڪرڻ سان گڏ ، اسڪول لائيف کان اسٽيج ڊراما لکي، ڊائريڪٽ ڪري پاڻ به ايڪٽر طور ڪم ڪندو رهيو (1965 کان 1970) پاڻ به هڪ بُنيادي طور سينيئرصداڪار رهيو آهي جنهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف ريڊيو پروگرامن ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ تعليم خاطر ڪراچيءَ ۾ شفٽ ٿي، پوءِ بلآ خر پنهنجي فني شوق جي تڪميل لاءِ نه صرف اُن وقت جي نامياري اخبار (هلال پاڪستان ڪراچيءَ) ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت سان لکندو رهيو جنهن ۾ سندس شروعات فهميده ميمڻ جي عورتن واري صفحي ۾ هڪ پهرين آکاڻي (مامتا ۽ موت) سان ٿي جنهنکي ان وقت جي عوام گهڻو پسند ڪيو.
۽ پوءِ هو (ريڊيو پاڪستان ڪراچي سال 1972)، ۾ ريڊيو آڊيشن ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجي ڪيريئر جي پهريئين ريڊيو ڊرامي “گُل دستو“۾ بهرو وٺي فنڪار بڻيو جنهن ۾ سندس ٻيا ساٿي فنڪار هُئا (قربان جيلاني، غزالا رفيق، اي.آر بلوچ وغيره) ۽ اُن سان گڏ هُن گهڻن ئي ريڊيو ڪراچيءَ جي گهڻن اڙدو ڊرامن ۽ پروگرامن ۾ به ڪم ڪيو هو . ادب ۽ شاعريءَ سان گهڻو لڳاءُ رکندي پاڻ (بزم طالب الموليٰ) جا حصيدار هُئا جڏنهن (مُحمد جُمن هالو) جي گهر (چانڊيا منزل) جيڪا آتما رام پريتم داس روڊ بغدادي ڪراچيءَ ۾ هُئي جتي هر مهني سنڌ جي عظيم شاعر ۽ روحاني پيشوا (مخدوم محمد زمان المعروف طالب الموليٰ) سان گڏ وقت جا ۽ ڪراچي شهر ۾ رهندڙ خاص طور هر شاعر ۽ اديب شريڪ ٿيندو هو ۽ هُن تن کان ئي پنهنجو ڪچو پڪو ادب ۽ شاعري ڪري سکيا ورتي هُئي.
۽ اهڙيءَ طرح پوءِ هن دئور (صديءَ) ۾ ماڊرن، سائنس و ٽيڪنالاجي يا انٽرنيٽ ۽ سيٽلائٽ جي ڦهلاءَ سان گڏ “سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)“ جو وُجود به آيو. خاص طور جڏنهن سنڌ جي پهرئين سيٽلائِٽ چئنل (ڪي.ٽي.اين) جي شروعات ٿي ته هو به دانش نواز جي ڪاميڊي ڊرامي (لش) ۾ ڪم ڪري (اليڪٽرانڪ ميڊيا) سان به وابسطا ٿي ويو ۽ پوءِ جيئن ئي سنڌي چئنلن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو ته هو هر سنڌي چئنل جو فنڪار بڻجڻ سان گڏ، انهن ڊرامن جو ايسوسيئيٽ ۽ ڪو دائريڪٽر بڻجي هر اُن ڊرامي ڊائريڪٽر جو ساٿي (ڪو ڊائريڪتر) بڻجي ويو ۽ پاڻ لاءِ اهم مشن اداڪارن کان صحيح سنڌي ڊائلاگ اُچرائڻ ۽ سنڌي ٻولي، پهاڪن، مُحاورن جو پاسدار بڻجي ويو، جيڪو حالانڪ مشڪل ڪم هو جو ناليوارو ٿيڻ ڪري ڪي غلط سنڌي ڳالهائيندڙ اڪثر نالي چڙهيا اداڪار انڪاري به ٿيندا رهيا پر هُن همٿ نه هاري ۽ کين قائل ڪري ورتو.
موصوف هلندي هلندي پوءِ هن سنڌي (ادب ۽ فنڪاري ۽ سنڌي اسڪرپٽ) جي حفاظت لاءِ هڪ نئون سنڌي ميڊيا فورم (ساليوُوڊ) جوڙيو ۽ پهل لاءِ هن (جيو سٽيز) تي، انهن سنڌي چئنلن لاءِ سڀ کان پهرين (مُفت ۾) پهرئين (ويب سائٽون) ٺاهي سنڌي چئنلن ۽ انهن ۾ بهرو وٺندر نون سنڌي فنڪارن کي دُنيا جي سنڌين سان متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ، جڏنهن ته ڪي سنڌي سينيئر فنڪار جيڪي (پاڪستان ٽيليويزن) ۾ سنڌي ماڻهن لاءِ مُقرر روزانا (اڌ ڪلاڪ) وقت ۽ ڊرامن لاءِ هفتي ۾ هڪ ڏينهن (اڌڪلاڪ) ۾ مشهور ٿي چُڪا هوئا ته هن فورم (ساليوُود) کي مشهور ڪيو.
اڄ ماشا الله “سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)“ پوري دُنيا جي سنڌي مانهن لاءِ هڪ بين اقوامي فورم آهي جنهن جو لوگو آهي “اسان ڏسون ٿا تصوير جي ٻئي رُخ کي“ جنهنجو مطلب ته رواجي درٻاري ليکڪن کان هٽي ڪري، سنڌ سماج، سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ جي فروغ لاءِ (تعميري تنقيد) ڪري جيڪا يقينن تصوير جو ٻيو رُخ آهي سان اڳتي وڌي اصلاح ڪرڻ آهي. جيڪو سنڌ جي هر صنف تي لکي ٿو هڪ پنهنجي نئين انداز سان، بلڪل سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان (درباني لکيارين) جي بلڪل نظرئي کان الڳ، هر سنڌي صنف ( تواريخ، سياست، مذهب، سماج، فن، ٽيڪنالاجي) تي ريسرچ ڪري.