واپرائيندڙ بحث:Alikeryo

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(Kanwar bhagat کان چوريل)

گڏي خيرو خيرالنساء جعفري

عبدالقادر جوڻيجو

گڏي خيرو خيرالنساء هڪ ماڻهو ٽي نالا جنهن کي جهڙي ڏسڻ ۾ آئي انهي اهڙو کڻي نالو رکيس اک اک جو ڦير آهي سوچ جو تفاوت آهي نه ته خيرالنساء آهي ته هڪڙي ئِي روپ رنگ جي مالڪ وقت جي نزاڪت کي اک ۾رکي پنهنجو روپ ڪو نه بدلائي جهڙي پرپٺ اهڙي منهن تي منهن تي جيڪڏهن شينهن شير خدا جو سڏائي ته پر پٺ گدڙ وارا ڪم ڪونه ڪندي ان ڪري مڙس ماڻهو هئڻ باوجود شير دي بچي چورائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي اٿس جيتوڻيڪ انهن رسمن جو ڪاروبار ادبي دنيا ۾ چوٽ تي چڙهيل آهي بقول هڪ دوست جي جنهن وچولي طبقي مان خيرو کمڀي وانگر ڦٽي نڪتي آهي اتي ماسڪ سان مارڪيٽ ڀريا پيا آهن جيڪو کپي سو کڻي منهن تي چاڙه ننڍپڻ لاء سندس نالي گڏي رکڻ وارو ڪو مستقبل جو نجومي ٿو نّظر اچي معاملو ڪيترو به ڦاٿل هجي ان ۾ ڦاٿل ماڻهو ڪيترا به ويجها هوندس پر سندس منهن تي اهڙي ته معصوميت سادگي ۽ لاتعلقي ڇانيل هوندي جو کيس بي اختيا ر گڏي چوڻ تي دل چاهيندي پوء چوڻ واري جي عمر ڇا به هجي مون کي ته شڪ آهي ته سڀاڻ جيڪو اولاد ٿيندس اهو به کيس امان جي بدران گڏي نه چوي قد بت ۽ ڪپڙن ۾ به گڏ ي پئي لڳندي آهي ڪنهن ڳالهه پئي ڪئي ته شادي وقت جڏهن کيس سينگااري سندس سهيلين سهرا پئي ڳايا ته انهن کي پنهن جو ننڍپڻ ياد آيو جڏهن گڏيون پرڻائينديون هيون آرتس فئڪلٽي م ڪير ڪنهن کي سڃاڻي نه سڃاڻي گهڻي خلق خدا جي ڪاريِڊور پيئي ڪڇي پر جڏهن خيرو ليلا ۽ تنو جو قافلو ليڊيز روم مان نڪري ڪاريڊار جي فرش تي پير ڌريندو آهي ته فرش وڄڻ شروع ٿيندو آهي ۽ ڪڪريون اڏامنديون آهن

ڪٿي ڪنڌ جي لوڏ ڪٿي مٺا اکر ڪٿي ڪڙا ڪٿي ٿڪ بجو کين پري کان ايندو ڏسي ڪي ڌريون اٺ پکي وانگر وااري م مٿو لڪائينديون آهن ليلا سان ته هڻي کڻي منهن ڏيئي وڃي پر خيرو منهن جا ته ٻئي هٿ ڪنن تي اهن مجال آهي جو خيروجو جملو گسي زبان جي ملهه جو انگ انگ سجهيس ڪهڙو حملو ڪهڙي هنڌ تي ڪجي انوقت معصوم گڏي الائي ڪيڏانهن پر ڪر ي اڏامي ويندي آهي خيرو جهڙو دوست دنيا ۾ ملڻ مشڪل خيرو جهڙو دشمن دنيا ۾ ملڻ مشڪل ڏک سک ۾ ٻيئي ڪلها وهي ويندي ڦاٽل دل جي مالڪ اهي سو به اهڙي دنيا ۾ جتي دلين کي پنج سيرا ڪلف چڙهيل آهن خلوص خرچ ڪرڻ وقت ب‎ٻيئي هٿ کليل هوندا اٿس جيڪا چلهه تي سا دل تي صاف صاف ڪنهن کي وڻي نه وڻي تنهن ۾ خيرو جو نه اڌ نه پتي خيرو دشمني جي فن کان به چڱي طرح واقف آهي دشمني کي هڪڙيئي ڌڪ ۾ ڇڏائي ڇڏيندي آهي پوء جي رينگ رينگان مان نه ڄاڻي ذاتي نقصان اصل نه ڏيندي باقي زبان جه جهٽڪي سان ايترو گهرو گهاء ڏيئي ويندي جيڪو پوء ڏينهن تي وڃي ڇٽندو منهن تي سچ چوڻ جي بندوق جي گهوڙي تي هر وقت هٿ رکيو اٿس نشانو ور چڙهي آيس ته گهوڙو دٻائيندي دير نه ڪندي آهي بارود جي دونهين وچان رڳو کنڀڙاٽيون اڏرنديون نّظر اينديون رسڻ پرچڻ ۾ خيرو ٻين اديبن وانگر اهي ڪڏهن هاٿي مٿانس چرهي وڃي ته ڪانه ڪڇندي ڪڏهن ڀڻڪي تي ڳالهه وڃي ڏه سيڪڙو کان سو سيڪڙو تي پهچي ويندي جڏهن سرچندي آهي ته سڀ پنا نه رڳو ڦاڙي ڇڏيندي آهي پر ساڙي ڇڏيندي آهي خيرو اٿڻ ويهڻ ۾ عورت بجاء مرد وڌيڪ لڳندي آهي ڪهڙي به ڳالهه هجي ته ڪن لاٽار نه ڪندي نڪو وٽي سٽي عام ڇوڪرين وانگر ذهني تحفظات صفا ڪانه رکي سچ سان اک ملا.ئيندي اک ڇڀيندي نه ڪانه جنهن ماحول ۾ چانهن جو ڪوپ غنيمت آهي اتي خيرو ماني کارائڻ لاء باقاعدي سازش سٽيندي آهي اڄ نه سڀاڻ ڪو نه ڪو مهما ن ڦاسي پوندو آهي ماني کائي پوءهر وقت ان ڄار ۾ ڦاسڻ لاء واجهه وجهندو آهي هاڻ اچو خير النساء تي گڏي مان خيرالنساء ٿيڻ ۾ الائي ڪيترو وقت لڳو پر ان لاڳيتي عمل جي رسي ۾ اهڙيون ڳنڍيون نه آهن جنهن جي نشاندهي ڪري سگهجي پر خيرو ادب جي دنيا ۾ وڏي شان مان سان ڳائي وڄائي خيرالنساء ٿي ويئي آهي سنڌي افساني جي ارتقا ۾ ماڻڪ جي نئين روپ ۾ مشتاق جي نالي کانپوء ڪجهه وقت ما+‎ٺ اچي وئي هئي ۽ ڪو اهڙو نئون نالو ڏسڻ ۾ نٿي آيو جنهن کي سٺن ڪهاڻيڪارن ۾ ڳائي سگهجي ڪهاڻي ۾ نيو ن فڪري راهون ڳولي لهڻ پنهنجي جاء تي پر هڪ تازي تواني نالي جو وجود جيڪو هن پيڙهي کي ڀليون ڪهاڻيون ڏيئي سگهي وڏي خوشي جي ڳالهه آهي پوء چاهي کڻي ان ڪهاڻيڪار نڳون فڪري راهون نه ڳولي لڌيون هجن پر سند س فن ۾ زندگي نواڻ ۽ مستقبل شيخيل آڱر هجي سنڌي افساني جي اها ڪمي خير النساء جيتوڻيڪ ڪافي وقت کان ڪهاڻيون لکندي اچي پر سندس تخليق جي موت ۾ سندس اندر ۾ ويٺل آرٽسٽ پڌرو ٿيو آهي ان کانپوء حويلي کان هاسٽل تائين لکي اٿس جيڪا ليکڪ جو نالي چٽن اکرن ۾ لکائي ڇڏي ٿي ۽ ايندڙ ادبي پيڙهين ۾ به ياد ڪئي ويندي خيرالنساّء ڪهاڻي لکڻ وقت پنهن جي ماحول طبقي کي ۽ان طبقي جي بي پاڙي ڪردارن کي پاڻ سان سلهاڙيو اچي اهڙائي ڪردار کنيا اٿس جيڪي سندس اسپاس موجود آهن ۽ سندس ماحول سان گهاٽو تعلق رکن ٿا نه ته شيرين ڪارنر ني ڪنهن ڪمري جي ٿڌي ڪنڊ ۾ ويهي هارين ناين جون ڳالهيون ڪيون اٿس ۽ نه وري ٽنڊي ولي محمد ۾ رهي ڪري جيٽ ايج جو ڀوت سوار ٿيو اٿس ۽ نه وري مغربي ادب جا چاليهارو سال اڳ ڦٽا ڪيل خيال ڊسٽ بن مان ڪڍي پنهن جي منهن تي ملي پنهن جو پاڻ زوري ماڊرن ازم جو شڪار بنايو اٿس ۽ پنهن جي اصلي شڪل ڦٽائي ويهي رهي آهي اهائي سند س فن جي وڏي ۾ وڏي سچائي آهي ها البت ٻولي جي نڪته نگاه کان ڪن جڳهين ت مٿس اعتراض ڪري سگهجي ٿو جيڪو اڳتي هلي مسلسل لکڻ سان ختم ٿي سگهي ٿو ڪهاڻي جي ڪردار کي جيئن به اهن جهڙا به آهن قبول ڪريپنهن جو پاڻ کي انهن کان ڇني ڌار ڪري غير جانبدار ٿي انهن کي لکت جي سٽاء ۾ آڻي جي مڪتب فڪر ۾ اچڻ بدران خيرو پنهن جي ڪهاڻين جي ڪردارن سان نسبتا وڌيڪ invove ؛ ٿيل آهي هر ڪردار م خيرو سڄي ساري ته نه پر سندس پاڇولا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ان ڪري کيس بنا شڪ شبهي جي جي مڪتبه فڪر ۾ڳڻائي سگهجي ٿو هت اهو به سوچڻ گهرجي ته اسان وٽ ٿيندڙ پرک ۾ فن جي جوڙ جڪ جي مڪتبه فڪر جي نڪته نگاه کان تمام گهڻين ڪهاڻيڪان کي sure realstic r ؛سمجهيو وڃي ٿو حالانڪ ائين نه آهي جمال ابڙو غلا م رباني ۽ مون جي لاء اهو چيو وڃي ٿو ته اهي شوئر ريئلسٽ آهن حقيقت انهن ليکڪن جون ڪهاڻيون غور سان پڙهبيون ته ليکڪ جي ڪردارن s



i

بهرحال خيرالنساء جو فني نڪته نگاه سان ڪهڙي به مڪتبه فڪر سان تعلق هجي پر ڪهاڻي ڏانهن سندس سخت “ artistic aproach هئڻ ڪري سندس ڪهاڻيڪاارن ۾ اوچو مقام آهي عبد القادر جوڻيjo