مواد ڏانھن هلو

Draft:پاڪ ڪنڀار جماعت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪ ڪنڀار جماعت

[سنواريو]

باني پاڪ ڪنڀار جماعت استاد قائم الدين ڪنڀار جو تعارف

[سنواريو]

قدرت جو اهو قانون آهي ته باشعور قومون تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهينديون آهن، ته ڪڏهن وري بي شعور قومن ۾ اهڙا باشعور فرد پيدا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي بي شعور قوم کي بيدار ڪري باشعور قومن سان گڏ آڻي بيهاريندا آهن، سٺ جي ڏهاڪي ۾ اهڙي ئي هڪ غريب، مسڪين، اٻوجهه، هنرمند برادري ”ڪنڀار“ هڪ بي شعور برادري هئي، جنهن کي هڪ فرد بيدار ڪري تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.

ٿر جي ويران ڀٽن ۾ ڇاڇري جي ڏورانهين ڳوٺ وائوڙي طيب ڪوٽڙيو ۾ مسڪين معروف ڪنڀار جي گهر ۾ پهرين مارچ 1941 تي پرهه ڦٽي مهل ٻالڪ جي ڄمڻ تي سڀ کان پهرين سج اڀرڻ مهل مائٽن کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ آيل رحيم ڏنو راٺوڙ  ۽ سندس گهر واري جنهن عمر جا آخري سال پئي گهاريا تنهن مبارڪون ڏيندي جڏهن ٻارڙي جو نالو قائم رکيو، ته ڪنهن کي خبر هئي ته وائوڙي جي قائم جو ستارو ميرپورخاص ۾ چمڪندو! ۽ ڪنڀار برادري کي دنيا جي سڌريل قومن ۾ آڻي بيهاريندو؟

ورهاڱي مهل ماءُ پيءُ ڇهن سالن جي ٻالڪ کي ساڻ ڪري سفر جون تڪليفون جهاڳيندا مختلف ڳوٺن ۾ ٽِڪندا اچي ميرپورخاص جي ڀرسان ميرومري جا وڻ وسايا. ابتدائي تعليم ڪجهه وائوڙي باقي ميرو مري ۾ مڪمل ڪري هاءِ اسڪول ميرپورخاص مان 1961 ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ادب سان چاهه ۽ برادري جي ايڪي جو اونو بچپن کان هو. هاءِ اسڪول ۾ پڙهائي کان پوءِ لائبريري ۾ اخبارون پڙهڻ ۽ ڪتابن جو مطالعو سندس خاص شوق هو. ان وقت جمالي، ميمڻ، پنهور، برادرين جون تنظيمون جڙيل هيون انهن جون خبرون اخبارن ۾ پڙهي پنهنجي ڪنڀار برادري ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جو خيال اڀريو. 1950 ڌاري ميرو مري مان لڏي اچي ڀرسان ڳوٺ بلاول وساڻ ۾ رهائش ڪئي. جيڪو ان وقت ڪنڀار برادري جو مرڪز هو.

پاڪ ڪنڀار جماعت جي پرچار

[سنواريو]

1956 ۾ ڳوٺ کان سڄاڳي جي شروعات ڪئي. رات جو اوطاق تي ٿيندڙ رهاڻ ۾ ايڪي ڪرڻ، تنظيم جوڙڻ بابت مشورا ڪندو هو. پاڙي جي ڀائرن همٿ افزائي ڪندي مڪمل ساٿ جو يقين ڏياريو. 1956 ڌاري کاڻ لڳ ڪتهڙ ڳوٺ ۾ عبدالله جيئند جو هڪ وڏو ڪاڄ هو، ڍٽ ڇني جي معزز شخصيت مقيم پٽيل جيئند جي پوٽن جون ڄڃون ٿر مان آيل هيون، وڏي خلق هئي، موقعو مناسب سمجهندي رات جو بسم الله ڪري تقرير شروع ڪئي، ويٺل سڀ حيران ٿي ويا ڪنڀار برادري ۾ هي نئين ڳالهه هئي، برادري جي وڏڙن ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو ڏياريو. 1956 ۾ ٿر جي ڳوٺ ميڙاسر ۾ مقيم ولد ميهاجل جيئند جي وفات تي پاڙا ڪوٺ هئي. برادري جو معزز ۽ وڏو هئڻ سبب اتي به خلق ججهي هئي. اتي به ساڳي دعوت ساڳيو تعاون،  1958 ڌاري ڳوٺ علي محمد مهر لڳ کاڻ ۾ استاد محمد قاسم ۽ محمد هاشم جيئند جو ڪاڄ هو، برادري جي هن ڪاڄ ۾ رات جي رهاڻ مهل اٿي بيٺو ۽ چيائين ته هڪ ڪنا ٿيو، منهنجي هڪ گذارش ٻڌو! سڀ خاموش ٿي ويا. ڇني ۾ موجود سڀ وڏي ڄمار جا هي هڪڙو اسڪول ۾ پڙهندڙ ننڍڙو ٻالڪ. بسم الله پڙهي تقرير شروع ڪيائين. اتحاد ڪري برادري جي تنظيم ٺاهڻ جو چيائين. سڀني ساراهيو، تعاون جو يقين ڏياريو. ان بعد 1959 ۾ دار پلي، 1960 ۾ رتوڪوٽ ۽ مٿوڻ ۾ ساڳي پرچار ڪئي.

پاڪ ڪنڀار جماعت جو بنياد

[سنواريو]

جڏهن برادري جي گهڻائي جي ساٿ ڏيڻ جو يقين ٿي ويو ته  الله تي توڪل ڪري ميرپورخاص ۾ پهرين مارچ 1960 تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي جيڪا علامه اقبال لائبريري جي پاسي ۾ جتي هن وقت هلال مارڪيٽ آهي اتي پارڪ هوندو هو. ان ۾ ٿيل پهرين گڏجاڻي اتفاق رائي سان ”ڪنڀار تنظيم“ جو بنياد وڌو ويو. جيڪا اڳتي هلي “پاڪ ڪنڀار جماعت” جي نالي سان مشهور ٿي. هن تنظيم جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر: عبدالله ولد مولوي الياس خميساڻي ڪنڀار، شادي پلي، عمرڪوٽ

نائب صدر: عبدالله ولد مقيم چنيسراڻي جيئند ڪنڀار ، ڪتهڙ ميرپورخاص

نائب صدر: محمد ولد ابراهيم ڀوپو ڪنڀار ، پاٻوهر تعلقو ڇاڇرو ٿر.

جنرل سيڪريٽري: محمد سومار ولد چنيسر مراداڻي ڪنڀار ڳوٺ گوڙيلو، کپرو.

پريس سيڪريٽري: خميسو خان ولد علاو الدين خميساڻي ڪنڀار ڳوٺ بلاول وساڻ ميرپورخاص.

خزانچي: محمد عرس ولد عظيم ولهاريو ڪنڀار، ڳوٺ ميرتاج محمد ميرپورخاص.

پرچار سيڪريٽري: فقير محمد اسماعيل جيئند ڪنڀار، ڳوٺ بگٽي ڪوٽ سانگهڙ.

ٿرپارڪر ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن مان ڪل 45 ورڪنگ ميمر چونڊيا ويا جن جا نالا جماعت بابت ڇپيل ڪتاب “ جاڳرتائي جاکوڙ” ۾ ڏنل آهن. برادري جا معزز گهرائي تنظيم جوڙي انهن جي حوالي ڪئي پاڻ ڪوبه عهدو نه رکيو، ڀائرن چيو ته هي ڪم تو شروع ڪيو آهي مک عهدو تون رک، چيائين آئون بنا عهدي جي ڪم ڪندس، اوهان اڳتي وڌو تنظيم هلايو، پاڻ سڀ هن تنظيم جا خادم آهيون. گڏجي ڪم ڪنداسون. اهو هو اخلاص، سچائي، برادري جي سڄاڳي جي تڙپ، نيڪ نيتي، جنهن تنظيم کي ڪامياب ڪيو.

تنظيم جا مقصد

[سنواريو]

تنظيم جا شروعاتي مقصد هي بيان ڪيا ويا.

1_اولاد کي تعليم ڏيارڻ، ديني تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ، ۽ گڏوگڏ اولاد کي ڪنڀارڪو هنر پڻ سيکارڻ. 2_ڪنڀارڪو هنر کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. 3_ضرورتمند ڀاءُ جي اوکي ويل مدد ڪرڻ. 4_ڌارين جي ايذائڻ وقت ڀاءُ جي مدد ڪرڻ. 5_برادري جا معاملا هميشه جيان پاڻت ۾ نبيرڻ. 6_برادري ۾ بيجا رسمون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ. 7_عام ڀلائي جا ڪم ڪرڻ. 8_پاڻت ۾ اتحاد ڪرڻ. اها خبر ان وقت جي عبرت ۽ هلال پاڪستان اخبارن ۾ شايع ٿي.

تنظيم جي شھرت

[سنواريو]

تنظيم جڙندي ئي ان جي خبر ٿوري عرصي اندر سموري برادري ۾ پهچي وئي. برادري جي ٿيندڙ هر ڪاڄ ۾، ڳوٺن ۾ ٿيندڙ رهاڻين ۾، ڪنڀار برادري جي تنظيم جو ذڪر ٿيڻ لڳو. مختلف ڪاڄن ۾ جڏهن بابا قائم پهچندو هو ته برادري جا ننڍا وڏا وڏي عقيدت ۽ محبت مان تنظيم بابت پڇندا هئا. بابا هر ڪاڄ ۾ تنظيم جا مقصد، ڪم جو طريقو، ٿيل پرچار، ملندڙ موٽ، برادري جا آيل خط، صلاحن مشورن بابت آگاهه ڪندو هو.

پاڪ جماعت جو ساليانو جائزو

[سنواريو]

1961 ۾ هڪ سال پورو ٿيڻ ٿي ميرپورخاص ۾ سالياني گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڪافي ڀائر شريڪ ٿيا.

جيئن ته ڪنڀار برادري ۾ ڪافي ڇنا آهن جن ۾ : ڍٽ، مهراڻو، کاهوڙ، ڪنٺو، پائير، پارڪر، ونگو، سامروٽ، ڪاپائيو، ڪڇ، مارواڙ، ڪنڊ، ولهار، سنجهوريه، نيئڙ وغيره، اسان جو تعلق ڍٽ ڇني سان آهي. انڪري هن تنظيم ۾ صرف انهي ڇني جا ڪنڀار ڀائر هئا. ڍٽ ڇني جي اڪثريت ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي ۽ سانگهڙ ۾ آهي. جيڪو ان وقت جو ٿرپاڪر ضلعو هو، جنهن ۾ اهي سڀ ضلعا شامل هئا. تنظيم جو ساليانو جائزو ورتو ويو، اهڙي طرح 1962 ۾ بہ ميرپورخاص ۾ سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ به ساليانو جائزو ورتو ويو. تنظيم جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

تنظيم کي سنڌ سطح تي وڌائڻ جي ڪاوش

[سنواريو]

جڏهن ٿرپارڪر ۾ تنظيم مضبوط ٿي وئي ته استاد قائم الدين ڪنڀار کي هن تنظيم کي سنڌ سطح تي وڌائڻ جو خيال پيدا ٿيو. ان سلسلي ۾ هڪ خط لکي اخبارن ڏانهن موڪليو جيڪو عبرت، هلال پاڪستان ۽ همدرد ۾ شايع ٿيو. خط جو متن هن ريت آهي:

“ڪل ڪنڀار ڀائرن کي عرض آهي ته وقت ۽ حالات جي تقاضا موجب سڄاڳ ٿيون، منزل ماڻڻ لاءِ مون “ڪنڀار تنظيم” نالي جيڪو ننڍڙو اسٽيج جوڙيو آهي ان کي وڌائي سنڌ ليول تي آڻي مضبوط ڪريون. يا اهو ڪنڀار جماعت يا ٻئي ڪنهن نالي سان قائم ڪري ان وسيلي ڪنڀار ڀائرن جي ڀلائي ۽ ايڪي لاءِ گڏجي اڳتي وک وڌايون. ان اسٽيج وسيلي پنهنجا معاملا ۽ مسئلا به حل ڪجن. ۽ منزل ماڻڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي اڳتي وڌون، ۽ اڳتي وڌيل ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلون. انهي سلسلي ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ايڊريس تي رابطو ڪيو وڃي. ( عبرت: 12 مئي 1963 )

ٻيڙو فقير کي خط ملڻ ۽ ان جو جواب

[سنواريو]

ان وقت سانگهڙ ۾ هڪ ڪاڄ تي ٻيڙو فقير آيل هو، انهي ڪاڄ ۾ اخبار ۾ ڪنڀار برادري جي تنظيم کي سنڌ سطح تي آڻڻ بابت ڇپيل استاد قائم الدين ڪنڀار جي خبر جو چوٻول هو. ٻيڙي فقير پڇيو ته ميرپورخاص جو هي قائم الدين ڪير آهي؟ ان تائين منهنجو نياپو پهچايو. انهي ڪاڄ ۾ موجود ڀٽاري جي مبين ڪنڀر چيو ته آئون هن کي سڃاڻان هي اسان جي ڳوٺ ڀٽاري ۾ استاد آهي. وڏو جاکوڙي ۽ محنتي آهي. سماجي ڪمن ۾ علائقي کي چمڪائي ڇڏيو آهي. برادري جي ڀلائي ايڪي لاءِ جاکوڙي پيو. ان وقت ٻيڙي فقير هڪ خط لکي مبين جي حوالي ڪيو، جيڪو استاد قائم الدين ڪنڀار کي مليو. خط ڏيندي مبين اهو به چيو ته ٻيڙي فقير چيو آهي ٿي سگهي ته مون سان اچي مل يا مون کي پاڻ وٽ گهراءِ. خط ۾ لکيل هو ته :

” برادر ڀاءُ صاحب ميان قائم الدين خان سدا سلامت خوش هجو. اسلام عليڪم جي عرض ته اخبار ۾ ليک ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن ناچيز کي تمنا رهي آهي مگر پنهنجي قوم ۾ سڄاڳي گهٽ ڏسي صبر ڪرن مناسب هو. هينئر اوهان جي ڪوشش کي ڏسي عرض پيش ٿو ڪريان ته 15 جون ڇنڇر ڏينهن بمقام ڪاري موري پراڻو ناڪو حيدرآباد تي مون سان ملو. ڪاري موري تي منهنجي ٺڪرن جي مانڊڻي آهي. جنهن تي منهنجو ڇوڪرو ويٺو آهي. ۽ اتي اوطاق به پنهنجي آهي. آچر جي رات رهي پاڻ ۾ ملي زياده مشورو ڪنداسين. وڌيڪ ان تنظيم جي باري ۾ ڪوشش ڪرڻ جي واٽ اختيار ڪنداسين. اڄ سانگهڙ ۾ برادر جو موقعو(ڪاڄ) آهي ان ۾ اها حقيقت مقبول ٿي.  زيادہ احوال روبرو ڪبو. بقول شاهہ عبدالطيف “وڍيوهجين ته ويهہ اڻ وڍيو ته واٽ اٿئي”. ميان قائم الدين خان نياز نامون خدا ڪندو ته خالي ڪيئن ويندو توهان صاحبن جيڪڏهن ريڊيو تي ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ ڪڏهن ٻڌو هوندو ته چڱو نه ته 15 جون تي منهنجو پروگرام آهي اچڻ سان معلوم ٿيندو. زياده خير.

بنده ٻيڙو فقير ڪنڀار ڪاري موري پراڻو ناڪو حيدرآباد 10.6.1963 ”

ڪنڀار برادري طرفان خط جي موٽ

[سنواريو]

استاد قائم الدين ڪنڀار جو خط اخبار ۾ شايع ٿيندي ئي ٻيڙي فقير کان سواءِ سموري سنڌ مان ٻيا ڪيئي خط اچڻ شروع ٿي ويا. استاد قائم الدين ڪنڀار انهن خطن کي پڙهي سنڀالي رکندو ويو جيڪي اڄ بہ محفوظ آهن.

استاد قائم الدين ڪنڀار جي ٻيڙو فقير سان ملاقات

[سنواريو]

برادري جي مختلف معززين سان مشورو ڪري پهرين پاڻ ٻيڙي فقير سان ملاقات لاءِ 5 جولائي 1963 تي حيدرآباد ويو. پهرين ملاقات ٻنهي هڪ ٻئي کي پرکي ڇڏيو. خبرن چارن بعد محفل ۾ موجود مهمانن کي بابا جو تعارف ڪرائيندي ٻيڙي فقير چيو ته “ اسان جي ڪنڀار برادري جو هي پهريون نوجوان آهي جيڪو ڪنڀار ڀائرن جي ڀلائي ۽ اتحاد لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن انهي مقصد لاءِ اخبارن ۾ اعلان ڪري اسان سڀني کي جاڳايو آهي، اسان سندس بيحد ٿورائتا آهيون. ۽ ڪاميابي لاءِ دعاگو به آهيون. سندس نالو تاريخ جي ورقن ۾ بانيڪار طور سدائين زنده رهندو.“ ٻيڙي فقير مشورو ڏنو ته پهرين ميرپورخاص ۾ ڪنڀار ڀائرن جي گڏجاڻي ڪوٺايو، جنهن م هن ڪم بابت مشاورت ڪجي.

ڪنڀار برادري جي ميٽنگ

[سنواريو]

14 جولائي 1963 تاريخ تي ميرپورخاص ۾ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ٻيڙو فقير سان گڏ حاجي محمد رحيم، استاد غلام حسين هالا، ۽ ٻيا ٿرپارڪر مان خميسو خان، عبدالله، محمد عرس، محمد سومار، محمد اسماعيل، سميت ويهارو کن ڪنڀار ڀائر شريڪ ٿيا، تنظيم کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪندي اڳين گڏجاڻي حيدرآباد ۾ رکڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي ڪنڀار ڀائرن کي دعوت ڏيڻ، اخبار ۾ اعلان جو پروگرام رٿيو ويو. اخبارن ۾ اعلان ڇپجي ويا، زباني ۽ خطن ذريعي دعوت موڪلي وئي.

خير سان 10 آگسٽ 1963 تي ٻيڙي فقير جي اوتاري تي ڪنڀار برادري جو وڏو ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻه سو کان وڌيڪ ڀائر شريڪ ٿيا. رات جو ماني کائي 9 وڳي ڌاري ڪنڀار برادري جي قسمت جو اجلاس شروع ٿيو. هنڱورڻي جي حاجي محمد اسماعيل ڪنڀار هن اجلاس جي صدارت ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ سموري سنڌ مان ڪنڀار ڀائر آيل هئا، گهوٽڪي کان ٺٽي تائين ڪراچي کان ٿرپارڪر تائين ڪو ضلعو رهيل ڪونه هو جنهن جي نمائندگي نه هجي. جيئن ته ان جماعت جو بنياد بابا ميرپورخاص ۾ رکيو هو، ٽي سال ٿرپارڪر ۾ چڱي طرح پرچار بہ ٿيل هو ان ڪري هن هن گڏجاڻي ۾ گهڻي اڪثريت ٿرپارڪر ضلعي جي ڀائرن جي هئي. تلاوت ڪلام پاڪ سان اجلاس شروع ٿيو. اسٽيج سيڪريٽري جي ذميواري ٻيڙي فقير پاڻ سنڀالي.

استاد قائم الدين ڪنڀار جي ميٽنگ ۾ ڪيل تقرير

[سنواريو]

سڀ کان پهرين ٻيڙي فقير استاد قائم ڪنڀار کي هن قومي ڪاز جو باني هئڻ ناتي هن وقت تائين ٿيل ڪاوشن ۽ آئنده جي پروگرام بابت ويچار پيش ڪرڻ لاءِ چيو. استاد قائم الدين  پنهنجي تعارفي تقرير هن بيت سان شروع ڪئي.

ٿيو بيدار سڀ ڪنڀار، وقت هي آه سڄاڳي جو،

ڇڏي سستي اٿو سڀئي،  وقت ناهي اڀاڳي جو.

ان بعد استاد قائم الدين ڪنڀار پنهنجي شاگردي واري دور کان برادري جي بيداري واري فڪر بابت برادري جي ڪاڄن ۾ ڪيل سڄاڳي جي پيغام کان وٺي پهرين مارچ 1960 تي ميرپورخاص ۾ جوڙيل پهرين اسٽيج “ڪنڀار تنظيم” سميت سموري ڪارگذاري تفصيل سان بيان ڪري ٻڌائي. جنهن ۾ انهي اسٽيج کي سنڌ سطح تائين وڌائڻ جي اخباري اعلان موٽ ۾ ملندڙ ڀائرن جي خطن، ٻيڙي فقير سان ٿيل ملاقاتن، ميرپورخاص جي پهرين مشاورتي ميٽنگ کان وٺي هن سنڌ سطح جي ٿيندڙ گڏجاڻي تائين جو سمورو تفصيل ٻڌايو. ان کان سواءِ تنظيم جا آئنده جا پروگرام ۽ مقصد کولي سمجهايا. تنظيم جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون. هيٺيون ڪاميٽيون جوڙن جي تجويز پڻ پيش ڪئي. جنهن ۾ آئين ڪاميٽي، تعليمي ڪاميٽي، برادري معملا ڪاميٽي، سماجي معاملا ڪاميٽي، فلاح و بهبود ڪاميٽي، سروي ڪاميٽي، پرچار ڪاميٽي، مالي ساهتا ڪاميٽي، اشاعت و اطلاعات ڪاميٽي، ڪنڀارڪو هنر ڪاميٽي.

مختلف ماڻھن جون تقريرون

[سنواريو]

ان بعد استاد خميسو خان ميرپورخاص، حاجي محمد رحيم هالا، قاضي محمد عثمان ميرپورخاص، محمد راول عمرڪوٽ، محمد حسين ڪاشف چمبڙ، غلام حسين هالا، عبدالرزاق، اوستو ليمون بدين، حاجي خميسو ٺٽو، محمد ايوب نوابشاهه، الهڏنو ڪراچي، ولي ڏنو جيڪب آباد ۽ حافظ دائود سکر تقريرون ڪيون،

ٻيڙو فقير ڪنڀار جي تقرير

[سنواريو]

آخر ۾ ٻيڙي فقير پنهنجي تقرير ۾ چيو ته “ هڪ ڪاڄ جي موقعي تي معلوم ٿيو ته ڪنڀار برادري جي ڀلائي ۽ اتحاد لاءِ پيغام اخبارن ۾ شايع ٿيو آهي. اهو پيغام ميرپورخاص مان قائم الدين ڪنڀار جي نالي سان هو. ان سڄي ڇني ۾ اها ڳالهه ڇانيل هئي. ميرپورخاص جي اولهہ طرف ڳوٺ جو رهندڙ مبين ڪنڀار به موجود هو، هن ٻڌايو ته قائم الدين ڪنڀار اسان جي ڳوٺ ڀٽارو ۾ استاد آهي، هو برادر ۾ اهڙيون سڄاڳي ۽ اتحاد جون ڳالهيون ڪاڄن وغيره جي موقعن تي ڪندو رهندو آهي. مون فورن قائم الدين ڏانهن خط لکي مبين کي ڏنو. (ٻيڙي فقير جو اهو خط اڃان تائين ٻين خطن سان گڏ سانڍيل آهي) ٻيڙي فقير تقرير ۾ چيو ته “پنهنجي جماعت جو نالو پاڪ ڪنڀار جماعت رکون ٿا.

پاڪ ڪنڀار جون چونڊون

[سنواريو]

ٻيڙي فقير جي تقرير بعد اتفاق رائي سان چونڊون ٿيون جنهن ۾ ٻيڙو فقير صدر، محمد راول ورياماڻي عمرڪوٽ نائب صدر، قائم الدين ميرپورخاص سيڪريٽري، سائين بخش ڪنڊياري اسسٽنٽ سيڪريٽري، محمد ابراهيم اسسٽنٽ سيڪريٽري، غلام حسين هالا خزانچي، محمد حسين ڪاشف پريس سيڪريٽري، عبدالرزاق ساڍر عمرڪوٽ آڊيٽر، خميسو خان ميرپورخاص آفيس سيڪريٽري چونڊيا ويا. آئين ڪميٽي ۾ محمد حسين ڪاشف ڪنڀر چمبڙ، قائم الدين ڪنڀر ميرپورخاص، ۽ سائين بخش ڪنڀر ڪنڊياري مقرر ڪيا ويا. ان کان سواءِ سموري سنڌ مان چاليهه جي لڳ ڀڳ ورڪنگ ڪميٽي جا ميمبر چونڊيا ويا.

پاڪ ڪنڀار جماعت جو وسيع دائرو

[سنواريو]

پاڪ ڪنڀار جماعت جو دائرو سنڌ سطح تي وڌڻ سان سمورن ضلعن ۾ برانچون قائم ڪيو ويون. هن جماعت جو آواز سنڌ مان وڌي پنجاب ۽ بلوچستان تائين پهتو، اتي جا ڪنڀار ڀائر بہ هن جماعت ۾ شريڪ ٿيا. پنجاب جي رحماني ڪنڀارن خط لکيا، گڏجي هلڻ جو يقين ڏياريو. اهڙي طرح هي جماعت ٽن صوبن ۾ پهچي وئي.

پاڪ ڪنڀار جماعت جي رجسٽريشن

[سنواريو]

1964 ۾ آئين جوڙي 24 جنوري 1964 تي پاڪ ڪنڀار جماعت کي سرڪاري طور رجسٽر ڪرايو ويو جنهن جو رجسٽر نمبر 649 آهي.

پاڪ ڪنڀار جماعت جا فلاحي ڪم

[سنواريو]

پاڪ ڪنڀار جماعت پاران ڪاري موري حيدرآباد ۾ “پاڪ ڪنڀار جماعت سنڌي پرائمري اسڪول” جي نالي هڪ اسڪول قائم ڪيو ويو جنهن ۾ سڀني شاگردن کي مفت تعليم، رهائش ۽ کاڌو ڏنو ويندو هو.

ڪچھري اخبار

[سنواريو]

برادري تائين جماعت جون خبرون پهچائڻ ۽ اديبن ۽ سگهڙن سرڪاري ادارن تائين جماعت جي پرچار لاءِ 12 آڪٽومبر 1970 تي “ ڪچهري ” نالي هفتيوار اخبار جاري ڪئي وئي جنهن جو ٻيڙو فقير ايڊيٽر هو. هن اخبار ذريعي جماعت جون سرگرميون برادري توڙي ٻين ماڻهن تائين پهچڻ لڳيون. ڪچهري اخبار جي افتتاحي پروگرام ۾ مخدوم طالب المولي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ٻيا ناميارا سگهڙ، اديب، دانشور، سياستدان شريڪ ٿيا.

جماعت جا ساليانا جائزا

[سنواريو]

هر سال تي مرڪزي اجلاس ۾ جماعت جو ساليانو جائزو پيش ڪيو ويندو هو. آئينده جي منصوبہ بندي ڪئي ويندي هئي. برادري جا ڪافي نبيرا هن جماعت ذريعي ڪيا ويا، جنهن جا تحرير فيصلا اڄ به استاد قائم الدين ڪنڀار جي فائيل ۾ موجود آهن.

گل محمد ولد ٻيڙو فقير جو صدر ٿيڻ

[سنواريو]

برادري جي سمورن ساٿين جي محنت سان جماعت جڏهن عروج تي پهتي ته ٻيڙو فقير 2 جنوري 1978 تي هي جهان ڇڏي ويو. جماعت کي وڏو هاڃو رسيو. ٻيڙي فقير جهڙي صلاحيت ۽ برابري وارو ڪوبه ماڻهو جماعت ۾ ڪونه هو جيڪو هي خال ڀري سگهي. ٻيڙي فقير جي وفات بعد 6 فيبروري 1978 تي ڪيل سندس خيرات جي پروگرام ۾ سندس پٽ گل محمد کي برادري پاران صدر چونڊيو ويو جنهن جماعت کي ڪنهن حد تائين سنڀاليو. هن پرگرام ۾ سنڌ کان سواءِ پنجاب ۽ بلوچستان جا ڪنڀار ڀائر به شريڪ ٿيا. گل محمد پنهنجي صلاحيت آهر جماعت کي وڌايو، مضبوط ڪيو، سنڌ جي ننڍن شهرن ۾ برانچون کليون. گهر گهر سڄاڳي آئي. 2015 ڌاري گل محمد جي وفات ٿي.

جماعت جو ثمرو

[سنواريو]

جماعت پنهنجي فطري ڄمار پور ڪري چڪي هئي، هاڻي لازمي طور ان مان ٻج ۽ گل ڦٽڻا هئا، سي ڦٽڻ شروع ٿيا. جماعت جي ڏنل شعور مان ڦٽندڙ انهن گلن کي ڏسي استاد قائم الدين ڪنڀار کي سرهائي ٿي جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب جاڳرتائي جاکوڙ ۾ به ڪيو آهي. جنهن ۾ 2010 ڌاري لکيل هڪ مضمون ۾ استاد قائم الدين لکي ٿو ته “ 1960 ۾ قائم ڪيل تنظيم کي 50 سال ٿيا، ان وقت جا ڄاول ٻار اڄ اڌڙوٽ عمر کان اڳتي وکون وڌائي رهيا آهن. منهنجي ان پوکيل وڻ جون اڄ رنگ برنگي ٽاريون پکڙي رهيون آهن. ٻالڪ ۽ نوجوان مختلف هنڌن تي مختلف نالن سان ايسوسيئشنون، انجمنون، تنظيمون، ۽ اتحاد مقصد جي حاصلات لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. شڪر الحمد لله ٻالڪپڻ جي خواب واري تعبير پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ ٻڌي بيحد خوش ٿي رهيو آهيان، ان جو اپٽار لفظن سان ڪري نٿو سگهجي.” ( جاڳرتائي جاکوڙ: ص 87 )

باني و محرڪ پاڪ ڪنڀار جماعت استاد قائم الدين وفات

[سنواريو]

استاد قائم الدين پنهنجي زندگي جي آخري گهڙي تائين پاڪ ڪنڀار جماعت ۽ برادري جي فلاح و بهبود لاءِ لکندو رهيو، سنڌي اخبارون ان جون شاهد آهن. ڪنڀار برادري ۽ جماعت بابت لکيل استاد قائم الدين جو سمورو مواد ۽ پاڪ ڪنڀار جماعت جو سمورو رڪارڊ اڄ بہ محفوظ آهي. 11، اپريل 2016 تي استاد قائم الدين ڪنڀار جي موڪلاڻي سان جماعت ۽ برادري بابت لکڻ جو هي باب هميشہ لاءِ بند ٿي ويو.

پاڪ ڪنڀار جماعت اڄ بہ مختلف نالن سان زنده آهي. مالڪ گهريو ته اها ڪنڀارڪي هنر جي وجود تائين زنده رهندي. ٻج مان وڻ ٿيندا، وڻن مان ٻج ڦٽندا، ٻجن مان وري وڻ ٿيندا اهو سلسلو فطرت جي جوڙيل اصول مطابق جاري رهندو. تاريخ ۾ ڪنهن نہ ڪنهن نالي هن هنرمند برادري جي بيداري جو وجود جاري رهندو. دعاگو آهيان ته هن برادري سان گڏ ٻيون قومون ۽ برادريون بہ سڄاڳي جي هن سٿ ۾ شامل ٿي وڃن.